مرد
اٿلائي پٿلائي هاڻي حساب وٺان پيو.
اڄ چئن طرفن تي ڪنڊن ۾ هيسيل،
چار مورتون ڀيٺل مان ڏسان پيو،
حسرتون سندن مون کان پڇن پيون،
مورتون مون ڪاڻ ڏاڍو لُڇن پيون،
اَمڙ کي مون ڇو ائين اَڪيلو ڇڏي ڏنو!
ڀيڻ کي مون ڪڏهن ڪين پڇيو، ڏٺو.
جنهن ساٿي سان مون سڄي حياتي ڪاٽي،
مون سندس دل تي وهائي رڳو ڪاتي،
ٻچڙيءَ مون ڪاڻ سدائين ٻاڏايو رنو،
مون نه ڪڏهن دل سان کيس پيار ڏنو.
مون سدائين آ، دل کي صاف ڪيو،
عورت سان نه ڪڏهن انصاف ڪيو،
مان به عجيب بد نصيب مرد آهيان،
مان پنهنجي ندامت جي گرد آهيان.
**