انسان
جوان شينهن، ارادو جبل جيان،
عورت گل، نازڪ شيشي جيا،
ازل کان روان دوان،
دل سمنڊ، خوش لهرن جيان،
آمد طوفان، آواز گجگوڙ جيا،
دل ريگستان، اميد سراب جيان،
ازل کان حيران پريشان.
دوست تسليءَ لاءِ، دشمن تجليءِ لاءِ،
گهر سنسار لاءِ، دل پيار لاءِ،
پيار ٻار لاءِ، در يار لاءِ،
ازل کان شادمان بهاران.
من وياڪل، دل ستايل،
وقت سائل، روح گهايل،
ذهن اٽڪيل، دنيا پاڳل،
سنسان راهن تي هلي پيو،
زندگي جي هن پيهه ۾ به،
تنهائيءَ جو زهر پيئي پيو،
اڃا به جنم وٺي پيو،
ڌرتيءَ تي رڙهي پيو،
پر آهي هن جي جيءَ ۾ ويٺل،
خوش، خالي، اُداس انسان،
پُر اميد، تنها، نراس، انسان.
ڪيسين تائين جيئندو مرندو رهندو؟
ڪيسين تائين ازل کان آجو ابد نه ٿيندو؟