شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(04)

اڄ ڪالهه پردو ويچارو بحث ۾ ڦاٿل آهي. مان ته پردي جي ڦاٿل آهيان، سو جيڪي ڀائر منهنجو هي ڪالم پڙهن، سي برقعو پائي پڙهن! پردي جي تاريخ ته پراڻي آهي ته پردي ۽ عورت جو وجود به صدين کان هڪ ٻئي جو لازمي حصو آهي. عورت جو احترام به هر مذهب ۾ آهي پر ان تي عمل گھٽ ٿيندو آهي. جيڪڏهن ان تي عمل ٿيندوآهي. ڪڏهن ان تي عمل ٿيندو اچي ها جيڪو قلو پطره قلو پطره نه هجي ها پر مائي شريفان قلو فطره هجي ها، جنهن جو ذڪر تواريخ ۾ ادب سان هجي ها. يعني ته مائي ڏاڍي حيادار ۽ اشراف هئي ۽ سيزر تي اهڙي فدا هئي جو ان جي قتل بعد سر ڏنائين. ليليٰ مجنو يا ٻيا داستان به نهايت پاڪ داستان هجن ها ته محترمه مسمات ليليٰ جڏهن مجنونءَ جي زوجيت ۾ آئي تڏهن مجنون ان تي عاشق ٿي پيو، جڏهن اها خبر اوڙي پاڙي کي پئي ته ٻين ماين کي ڏاڍو ساڙ لڳو ته سندس مڙس مجنون جهڙا ڇو نه هئا؟ نيٺ مردن ميٽنگ ڪئي ۽ پاڙي جو دانشور مورک جيڪو ”مورک“ هو، ان کان صلاح پڇي وئي، ان کي وري سندن عشق جو داستان روزانه ”فساد“ ڇپرايو . ليليٰ جي پيءُ کي جو خبر پئي تڏهن اچي عزت جو معاملو پيدا ٿيو، پر ليليٰ وات وڪيل ٿي ”ڌيان طلب“ فساد ۾ شايع ڪرائي هلي وئي ته کيس ڪنهن برغلايو نه هو. بس، هوءَپنهنجي رضا خوشي سان پنهنجي پيءُ وٽ وڃي پئي. پوءِ خبر پئي ته مجنون هميشه لاءِ رڻ پٽ ۾ ان دانشور مورک کي ڳولي پيو! سو اهڙي قسم جا پاڪيزه داستان ٿين ها.
مان ٻاهر ڪو نه نڪران سو عورت ڪانفرس به ڪونه ويس. منهنجي ڀيڻ اڪرم کي اها شڪايت هئي، پر مان جيئن ته برقعو پايان ڪانه پر آهيان پردي جي پابند، سو اتي جيڪي منهن اگھاڙي مرد آياسو ڀلا ڪيئن تو ٺهي اتي مون کي وڃڻ. مردن کي اگر پردي پويان بيهارجي ها ته ان تي به غور ڪيان ها.
بنا برقعي هڪ سهوليت اها آهي ته ڇوڪريءَجي چڱي طرح خبر پئجي وڃي ٿي ته سنهي آهي، ٿلهي آهي يا ڇوڪري وانگر ڇوڪرو آهي.... ڪراٽو به ته، باه ڏيانس، اڄ ڪالهه عام آهي! هونئن ته مونکي آمريڪا جون عورتون به پاڪستان مردن جيان لڳنديون آهن. عورت جو تصور آهي ته نازڪ شيشي جيان هجي ۽ وزن ٻن گلاب جي گلن ۾ تُري. پر اُهي گل لوهه يا شيهي جا ٺهيل ته هجن، ان ڪري ڊائيٽنگ جو رواج به آهي . اسان جي گهر، شاديءَ ۾ جيڪي مايون آيون، سي سڀ گھڻو ڪري زميندارن جو زالو ن هيون، انهن امان سان ۽ امان انهن سان شڪايت ڪئي ته ڇوڪريون اسان جون ماني ڪونه ٿيون کائين. ماميءَ لياقت کلي چيو ته اسان زميندار آهيون سو اَنَ جي بچت ٿيون ڪن. مرد چون ٿا ته عورت کي عقل کُڙيءَ ۾ آهي شايد، تڏهن عقلمند ڇوڪريون وڏي کڙيءَ وارا سينڊل پائينديون آهن ته جيئن سندن عقل جي ويجهو ڪير نه اچي. اها به ڳالهه مرد چوندا آهن ته رات جي وقت عورت جو اهو عقل به هليو وڃي ٿو! ظاهر آهي ته سينڊل سميت ته ماڻهون بستر تي نٿو سمهي سگھي، سو سينڊل لاهي باقي ويلڻ يا ڪپڙن ڌوئڻ جي سوٽي ڀرسان عقل لاءِ رکي گھڻيون زالون سمهنديون آهن ۽ رات جو آڌيءَکانپوءِ جڏهن سندس مجازي خدا رُلي پني ماني کائن لاءِ گهر ايندو آهي، تڏهن ان کي پنهنجي عقلمندي جو مظاهرو ڏيکارينديون آهن. اهڙن مردن کي کپي ته زالن کي پگهار گهٽ ٻڌائين يا اوور ٽائيم ڪن ۽ هوٽل تي ماني کائن ۽ گهر جي ماني جي پرواه نه ڪن . سال کن ٿيو ته نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج جي موڪل ٿي ۽ ڇوڪريون هاسٽل سان سامان ٻڌي گهر وڃڻ لڳيون. توهان کي اها به خبر هوندي ته نوابشاهه ۾ نامحرمن جو انجنيئرنگ ڪاليج به آهي، سو اُهي به ويگن ۽ بسن ۾ وڃڻ لڳا، اتي هڪ آفيسر جيڪو نهايت ديندار هو، ان کي ڳالهه نه وڻي ، سو، بس روڪي ڇوڪرين کي چيائين ته توهان سڀ برقعو پائي اچو. اتي وات ڳاڙها ڇورا ان سان بحث ڪرڻ لڳا ته هي مستقبل جو ن ڊاڪٽرياڻيون آهن. سو اُهي برقعو ڪيئن پائينديون؟ جڏهن ان آفيسر ڇوڪرين کي بس مان لاهي ڇڏيو تڏهن اتي هڪ ڇوڪر چوڻ لڳو ته ڀلا، هي ڇوڪريون برقعو نٿيون پائين ته اسان ئي ٿا پائي اچون.
اڄ ڪالهه ان ڳالهه تي ويچار پيو ٿئي ته زناني يونيورسٽي الڳ هجي، پر ان تي ڪراچي يونيورسٽي جي ڇوڪرين کي هڪ اعتراض آهي. چون، سندن ته يونيورسٽي ته اڳ ۾ ئي ڇوڪرين جي آهي، ڇو جو ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون گهڻيون آهن، ها باقي رهيو ڇوڪرن جو مسئلو ته بيشڪ انهن جي يونيورسٽي جو الڳ بندوبست ٿيڻ کپي نه ته ڇورا رُلي خراب ٿي ويندا.
شرم، حيا عورت جو زيور آهي ۽ ان زيور جي تلاش ۾ عورتون مختلف زيور ٺهرائينديون آهن، پر شرم حيا ته مرد کي هجي. ڇو جو هر مرد ۾ اهو هئڻ ضروري به آهي ۽ ڪم به ايندو آهي. مثال طور اهو ته عورت شاديءَ وقت شرمائيندي آهي، ان کانپوءِ گهوٽ جي شرمائڻ جو وارو هوندو آهي، ويچارو قرضين کان شرمائيندو آهي، ان سان گڏ ساهرن جي گهر اچڻ کان به شرمائيندو آهي، جيڪي گھڙي گھڙي ايندا آهن ائين پڇاڙي م خلق خدا کان به شرمائيندو آهي،اها خلق خدا کيس اولاد جي صورت م به ڏيندو آهي. مطلب ته شاديءَ کانپوءِ گھوٽ جا والدين گھوٽ کي ڏسڻ لاءِ ساهرا ناٺيءَ کي ڏسڻ لاءِ ٻارڙا پيءُ کي ڏسڻ لاءِ سڪنداآهن. ويچارن جو پيءُ رات ٻارهين کان پوءِ ايندوآهي، ڪڏهن ڪڏهن مهيني جي پهرين تي ويچارن کي ديدارن کي ڪرائيندو آهي.ادا عمر جي لاءِ صلاح اها آهي ته ”اديون“ رسالو، جيئن ته عورتن جو آهي، ته ايڊيٽر ڀاڄائي هجي ها. ٻانهن ٻيلي پاڻ ڀلي هجي ۽ مواد به صرف عورتن جو هجي نه ته برو وقت پڇي ڪونه ايندو آهي. مان همدردي ڀاءُ سان رکان ٿي، سو اها کيس سهڻي صلاح ڏيان ٿي. يا مرد ، جيڪي لکن ته ان تي وڏن اکرن ۾ اها هدايت هجي ته اُهي مواد نياڻين کي نه پڙهڻ گهرجي ته جيئن ڀائر گهر رسالو آڻڻ کان اڳ اهي پنا ڦاڙي کيسي ۾ وجھي ڇڏين جيئن مردن جو پردو رهجي اچي.

جون 1982ع