شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(01)

ڪي واقعا اهڙا به هوندا آهن. جيڪي ذهن تان وسري نه سگھندا آهن. هر انسان جي زندگيءَ ۾ خوشگوار واقعا ٿيندارهندا آهن، جن مان ڪي ته ذهن تي چنبڙي پوندا آهن.اسان جي سنڌڙيءَ عظيم فنڪارن کي جنم ڏنو آهي. جن ۾ مرحوم استاد محمد ابراهيم به هو. مون کي يادآهي ته جن ڏينهن ۾ زبيده ڪاليج،جيل روڊ حيدرآباد ۾ ساليانو فنڪشن ٿيندو هو،مرحوم استاد محمد ابراهيم اڪثر اتي هال ۾ ويٺو ٿي نظر ايندو هو. گهڻو ڪري هر ڇوڪريءَ کي چوندو هو ته امان هي بيت پڙهي ٻڌائي. مرحوم جي فنڪار بلڪه سٺن فنڪارن جي ڳولا ۾ جاري رهي ۽ اهائي سندس عظمت هئي.مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي مهدي حسن آيو هو ته اسان کيس پڪڙي هاسٽل جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي آياسون ۽ وڏي خوشيءَ سان ماني کائي چيائس ته هيءَ ماني ته ضرور کائڻي هئي، ڇو جو ايتريون منهنجيون نياڻيون ماني کائن ته اتي مونکي ڪهڙو اعتراض.
اسان گھڻو ڪري پنهنجن فنڪارن جو قدر ايترو ته ڪندا آهيون، جيتري قدر اهي ان جا مستحق آهن. مونکي وري ناخوشگوار واقعو به ياد آيو ته ميڊيڪل ڪاليج جي جلسي ۾ جڏهن مرحوم استاد مصري خان جمالي الغوزو وڄائن آيو ۽ اڃان ٿورو وقت ئي مس ٿيو ته اتي جي هڪ ڊاڪٽر صاحب کي الغوزو نه وڻيو ڇو ته هو فلمي گانن جو شوقين هو، سو ان الغوزو اڌ ۾ بند ڪرائي سندس پسنديده ڪاليج گلوڪاره کي فلمي گانو ڳائڻ لاءِ سڏيو. اسان جا اُهي فنڪار دل جا سادا هئا ۽ مرحوم استاد به چپ چاپ اٿي ويو ۽ مان به اٿي ويس، مان اڄ به جتي مرحوم استاد مصري خان جو نالو ٻڌندي آهيان ته مونکي اهو واقعو ياد ۽ ان سان ڪيل خراب سلوڪ ياد ايندو آهي ۽ هڪ عظيم فنڪار سان جيڪو ٿيو سو ياد ايندو آهي.
منهنجو ڀاءُ بابر آمريڪا مان اڄ ڪالهه هتي آيل آهي، سو ان مونکي چيو ته آپا هي جلال چانڊيو ڪير آهي؟جيڪو مونکي دوست ملي ٿو، سو چوي ٿو جلال چانڊيو جا گانا ٻڌ. مون چيو مانس ته پاپ ميوزڪ کي سنڌي پاپ ميوزڪ سمجهي، پر مونکي يقين آهي ته جلال چانڊيئي کي به انگريزي گانا ياد ڪرائي آمريڪا موڪلجي ته اتي يڪتاري تي پنهنجي مخصوص سنڌي لهجي ۽ انداز ۾ ڳائي ته انگريزن کان پاپ وغيره سڀ وسري ويندو.
اسان جا مرحوم فنڪار ۽ اهي فنڪار جيڪي پنهنجي عمر ۾ بيماريءَ جي ڪري هاڻي ڳائي نٿا سگھن. مان فنڪار لفظ جو دائرو وسيع ٿي ڪريان ته اديب مصور مطلب ته فنون لطيفه جي هر شعبي جا مهندار، انهن لاءِ اسان ڇا ڪيو آهي؟
مان پنهنجي حيثيت اهڙي ته ڪانه ٿي سمجھان، جو پاڻ وڏن کي ڪو به مشورو نه ڏيان، پر هڪ تجويز منهنجي ذهن ۾آهي سنڌالاجي ۾ سائين الانا جي هٿ هيٺ هڪ ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي ۽ ان جي ايڊريس فارم ۾ ڏني وڃي. ان ايڊريس تي هر شاگرد هڪ رپيو ۽ هر ملازم 5 رپيا ۽ سيٺ يا زميندار ڏهه رپيا هر مهيني يا هر هفتي مني آرڊر ڪري. سئو رپيا يا 5 رپيا ڪا اهڙي وڏي ڳالهه نه آهي. اسان روز الاجي ڪيترا پئسا ائين به وڃائيندا آهيون. پوءِ ان مان اسان پنهنجن انهن عظيم انسانن جي مدد ڪيون، جن پنهنجو آواز، پنهنجو ذهن، پنهنجا هٿ ۽ رت ست ڏئي، اسان کي ٻين قومن جي برابر بيهاريو آهي.
اسان پنهنجي اُن عظيم ورثي جي شايد ڪا ان طرح خدمت ڪري سگھون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڪجهه جيئڻ جي لائق ڪيون. توهان ۽ مان اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته سرڪار سطح تي اهو سڀ ڪجهه نٿو ٿي سگھي. سو اسان کي پاڻ ئي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کپي ته مان چاهيان ٿي سنڌالاجي مان مرحوم فنڪارن جي ٻولين کي ماهوار وضفيو ملي، بيماري ۽ ڪسمپرسي وارن جو ڪو به تدارڪ ٿي سگهي. اسان وٽ جيڪي نوجوان ڊاڪٽرآهن،سي پنهنجن ڪلينڪن ۾ فنڪارن کي مفت ڏسن ٿي سگھي ته انهن کي دوائون به مفت ڏين.توهان اسان ڄاڻون ٿا ته ڊاڪٽرکي دوائن جا ڪافي سيمپل مفت ملنداآهن، جن مان سندن پرائويٽ ڪلينڪون هلن ٿيون. سو خدا سندن روزي ۾ وڌيڪ برڪت به وجهندو ۽ ائين ڪرڻ سان سندن ڪمائي ۾ ڪا ڪمي ڪا نه ايندي.
اميد ته منهنجين تجويزن تي ڪجهه غور ڪيو ويندو.