(02)
سماج جي پرک مختلف انسانن مان پوندي. مثلن ڪي مون جهڙا جيڪي نه ڪم جا نه ڪار جا پر دشمن اناج جا. جڏهن ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن تڏهن سماج کي گاريون ڏيندا آهن، ڇوجو ان مان جواب ملڻ جي اميد يا موچڙن جو ڊپ نه هوندو آهي. يا وري وڏا وڏا ماڻهون جيڪي قد ۾ گھٽ پر پيسي ۾ گھڻا هوندا آهن سي سماج جو مان مٿي ڪندا آهن. پر سماج تي جيئن گاريون جو اثر نه ٿئي، تيئن سندس مان وڌائڻ مان به ڪو فائدو نه ٿيندو آهي. پر اسان جي پر خلوص ڪوشش هوندي آهي ته اسان سماج جو نڪ مٿي ڪيون يا پنهنجو نڪ به مٿي ڪيون. خبر ناهي انسانن جي تصور ۾ سماج جي نڪ جو نقشو ڪهڙو آهي پر مونکي ته ائين ٿو لڳي سماج جو نڪ نه ٿيو نه ڪو بجلي جو بٽڻ ٿيو، جو جڏهن دل چوي ته ان کي هيٺ مٿي ڪجي، جيئن اسان خوشفهمي ۾ مبتلا ٿي بجلي جو بٽڻ کوليندا آهيون يا آن ڪندا آهيون ته بجلي ايندي پر بجلي ڪونه ايندي آهي. باقي اهو بٽڻ کليل وساري توهان آفيس ويندا ته پويان سڄو ڏينهن بجلي ٻرندي رهندي آهي پرآفيس مان موٽندي ميڻ بتين جو پئڪيٽ ضرور وٺي اچجو ڇو جو اندر گهر ۾ گهڙندي ئي بجلي جيئن ئي توهان جي پيرن جو آواز ٻڌني تيئن ڀڄي ويندي . سو ٿي سگھي ته سماج کي نڪ به هجي جو اسان گھمائي ڦيرائي سماج جي نڪ کي پڪڙيندا آهيون.
تحقيق مان اها خبر به پئي ته سماج کي ڀتيون يا ديواريون به هو نديون آهن. وڏي ۾ وڏي ديوار ته ديوار چين آهي جيڪا چنڊ تان به نظر ٿي اچي، مان ڪونه ٿي چوان باقي جيڪي چنڊ تي ويا آهن اهي ٿا چون! سو، سچ يا ڪوڙ سندن نيت. باقي جڏهن تي مان ويندس تڏهن پوءِ ڏسنديس ته اهو صحيح آهي يا غلط، باقي مان ڪنن ٻڌيءَ تي اعتبار ڪونه ڪندي آهيان. ٻيون ديوارون ڪچيون ۽ پڪيون هونديون آهن، ڪچيون ڀتيون غريب جون ۽ پڪيون ڀتيون سرمائيدار جو ٿينديون آهن. سماج جي ڀتين کي ڀڳو به ويندو آهي جيڪو In ۽ Out جي حساب سان ڪيرايون وينديون آهن. پهرين اسان In کي وٺون. مثال طور وڏيرو پنهنجي ٻنيءَ جو گشت ڪندي پنهنجي ڪڙميءَ جي سهڻي زال کي ڏسندو آهي. اوچتو اهو ڪڙمي ڏهه سال پراڻي خون جي الزام ۾ جنم ٽيپ ڪاٽڻ جيل ۾ ويندوآهي. پويان ڪڙميءَ جي ويچاي زال جو ڌڻي سائين جيئن ته تمام رحمدل هوندو آهي بلڪه پنهنجي حويلي ۾ رهائيندو آهي ويچاري هن وڏي جهان ۾ ڪاٿي وڃين ڌڪا کائين! سو،صبر سان اتي گذارينديون آهن. هوڏانهن ڪڙميءَ کي ٿورو عقل اگر پوليس جي جٺ کانپوءِ به ڪو رهجي ويس ته احساس ٿيندو اٿس يا پهريون دفعو اهو انڪشاف ٿيندو اٿس ته سندس زال سهڻي هئي ، پر جي مون وانگر صفا ڀوڪ بصر هوندو آهي ته وڏيري جو شڪر گذار ٿيندو آهي جو سندس گهر وارن جي سار سنڀال پيو لهي. هن نفسانفسيءَ جي دور ۾ به ۽ هي سماج جون ڀتيون In جي حساب سان ڀڳيون ويون.
هاڻين Out تي اچو. ۽ ان جو مثال جرائتمندي سان ملائبو آهي. مثلاَ هڪ امير جي سهڻي ڌيءَ اوچتو هڪ غريب جي ٻيڙي ٻوڙڻ لاءِ عاشق ٿيندي آهي. ماڻنس پڻس پنهنجي ڌيءَ کي گھڻو ئي سمجهائيندا آهن، هوءَ سندس چونڊيل وڏي ماڻهون سيٺ فتو ڀائي ولد نٿو ڀائي سان شادي ڪري. باقي رهيو غريب جي آئيڊيل جو، سو سيٺ ڦتو ڀائي ولد نٿو ڀائي ٻن چئن سالن اندر شادي کانپوءِ غريب ٿي ويندو پر جيئن ته ان ڇوڪريءَ تي عشق جو جن مغز تي ويٺل هوندو آهي سو رات جو آڌيءِ مهل سماج جي ديوار Out جي حساب سان ٽپي ويندي آهي. ٻن يا چئن ڏينهن کانپوءِ اها ڇوڪري ته مائٽن کي ملي ويندي آهي ۽ سندس اک به کلي ويندي آهي. پرسيٺ فتو ڀائي ولد نٿو ڀائي سان ڪلاڪ اندر شادي ڪري وٺندي آهي. غريب ويچارو مائٽن کي سڄي عمر نه ملي سگھندو آهي ۽ مائٽن جون اکيون روئي روئي پورجي وينديون آهن.
سماج جو ٺيڪيدار به ٿيندو آهي جيڪي گھڻو ڪري اليڪشن جي وقت ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ سندس ٽينڊر به انهن ڏينهن ۾ کلندا آهن. پيرل پيارو جڏهن فجر جي نماز پڙهي تغاري کڻڻ لاءِ سنبرندو آهي ته اچتو سندس در تي کڙڪو ٿيندو آهي. ٻاهر وڏي ڪار ۾ سيٺ دادان خان جيڪو ٻه ٽي سال اڳ داداگير هوندو هو سو ووٽ وٺڻ يا پيرل پياري جي هيءَ دنيا ۽ عاقبت سنوارڻ چاهيندوآهي ۽ اليڪشن کانپوءِ پيرل پياري کي ڪونه سڃاڻندو آهي.
سماجي ڀلائي جا ڪم به ڪيا ويندا آهن، جيڪي گھڻو ڪري وڏن اميرن جون سهڻيون زالون ڪنديون آهن. جن ۾ سندس سونهن جو گهٽ، ميڪ اپ جو وڏو ڪمال هوندو آهي. ايتري قدر جو رات جو سمهڻ کان اڳ به ميڪ اپ ڪري پوءِ سمهنديون آهن ڇو جو سندن اصلي منهن مبارڪ، اگر سندن مجازي خدا، جي ڏسي وٺِي ته جيڪر هاءِ گوڙا ياوري يا حسين چئي آڌيءَ جو سليپنگ سوٽ ۾ روڊ تي نه نڪري اچي. اهي مايون ولائتي عطر ۾ ٻڏل رومال نڪ تي رکي ڌپ وارين ننڍين گهٽين ۾ وينديون آهن ۽ فوٽو ڪڍرائي اينديون آهن.
کين پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ ٻين جي ٻآرن جو فڪر هوندو آهي ڇو ته سندس ٻار وڏي لاڏ ڪوڏ سان نوڪرن جي هٿن ۽ ڪتن سان پلبا آهن. سندس اڪثر مختلف رنگين فوٽو فلمي هيروئن وانگر اخبارن ۾ چڀنداآهن. ڏهن هزارن جي ساڙهي پائي سادگي تي لکيل تقرير پڙهنديون آهن. ٻين جي اولاد لاءِ هر دم تيار هونديون آهن پر سندن مائٽ ٽڪي جي محتاج هوندا آهن.
سماج جو ديوارين تي چڙهي پاڙي واريون ٻارن جي ڳالهه تي جھيڙا به ڪنديون آهن. سندس گهر وارا جڏهن آفيس موٽندا آهن تڏهن زالن جي چوڻ تي گھٽيءَ ۾ دنگل ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ بورچيخاني جو چاقو به استعمال ٿي ويندو آهي. بس واه سماج تنهنجي لئه! تون نظر به ٿو اچين ۽ اسان دنيا تنهنجي نالي تي پيا هلايون هيءَ دنيا!! مان به توکي سلام ٿي ڪيان!!
اديون رسالو
ڊسمبر 1981ع