مست انسان
ويهين صديءَ جا آهيون سُڌريل انسان.
هر ڳليءَ تي اَٿئي يار اسان جو ئي ديرو،
هر فٽ پاٿ آهي اسان جو ئي وسيرو.
ڏينهن نه رات جي رهي ٿي ڪائي خبر،
اسين رهون پيا هر دور کان صفا بي خبر.
اسان لاءِ ئي ته سور پِٽي ويا سڌريل،
رهياسين اسين ساڳيا ئي اڻ سڌريل.
ڪڏهن نه ماپون اسين نون ڪپڙن ۾،
سفر ڪريون سدائين شاهي ڇڪڙن ۾.
ڪيون جي اردو ڪيون جيڪر بادشاهي،
پيرين اگهاڙي نه پَٽِيون ڪٿي ساهي.
هيڏي هوڏي اَجايو پيا هلون ڪامريڊ،
ڪنڊن جي رستي ڪريون پيا پريڊ.
منزل به ڪندي رهندي آهي اسان کي تلاش،
اسين آهيون هن دور جا ڪروڙ پتي قلاش.
اسان کان رهي سدائين دنيا جو هر بندو بيزار،
اسين آهيون هر دور لاءِ وڏو ئي آزار.
محلن يا بنگلن جي نه رهي ڪا طلب،
نه آهن اسان جا دنيا سان ڪي مطلب.
مرڪي جيڪو ملي سو اسان ٿئي يار،
کلي جو ڳالهائي دل ان تي ٿئي نثار.
ڏسي هي افعال مومل دل نه اٽڪائجان،
متان مورک اجائي دلڙي نه وڃائجان.
نادان دل کي جي تنهنجي ڌڪ رسندو،
توکي پوءِ پڇتائڻ مان به ڪي نه ورندو.
مڙس جي هجي ته اسان جهڙو ڦڏو،
مومل هوندي نه ته صفا ڪو جڏو.
توسان مومل ڪريون ڪهڙا ماڻا،
اسين آهيون تنهنجا ڦڪڙي راڻا.
**