شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

ساهه وارو

مان ماس وارو،
ازل کان ساهه وارو،
موجود گلن ۽ رنگن ۾،
بادلن ۽ جبلن ۾،
خوشبو وارين فضائن ۾،
سمنڊ ۽ آسمان جي گهراين ۾،
هن خوبصورت،
ڪائنات جو ذرو ذرو،
منهنجي وجود جو پتو ڏئي ٿو.

مون لاءِ وسيل،
ڪيئي شهر،ڪيئي ڳوٺ،
مون لاءِ هن ڌرتيءَ تي،
انيڪ رنگ ۽ جهنگ،
مان نه مرد،
مان نه عورت،
مان بي جنس،
املهه ماڻڪ انسان،
جنهن لاءِ ڌرتيءَ جي مٽي،
منهنجو پتو ڏئي ٿي.
ڪروڙين صدين کان،
مون لاءِ هيءَ ڌرتي،
وسائي وئي،
مان مايوس ۽ پراميد،
آس ۽ ذراس وارو،
ڏک ۽ سک سان،
هجومن ۾ به،
ازل کان ڀٽڪندڙ ،
تنها اڪيلو انسان،
جيڪو پنهنجو اصلي،
وجود ڳولي پيو.
**