شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(10)

اسان ننڍڙي هوندي جڏهن پرائمري ۾ پڙاهندا هئاسين ته اسان کي ٻن قسمن جي استادن سان واسطو پيو. اسان جو ٻاراڻو ذهن انهن جي ڳالهين کي تڏهن ته سمجهي ڪونه سگهيو. مگر ياد ڪري اُهي ڳالهيون ۽ سندن مختلف قسمن جي هلت هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي. هڪڙا اهي هئا جيڪي اسان کي ٻڌائيندا هئا ته ڪن ملڪن ۾ بادشاهن کي سندن رعايا سجدو ڪندي آهي ۽ مسلمان نماز نه پڙهندا آهن ۽ نه ئي روزا رکن ۽ نه ئي عيد ملهائين. اهڙا ماستر وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ٻارن کي ڏاڍي نفرت ۽ حقارت سان ڏسندا هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ جيڪي غريب ڇوڪرا هئا، سي قابل احترام هئا هڪڙو ڇوڪرو غريب هو پر ڏاڍو هوشيار هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوهي ڪري گسائيندو هو. سو اسان جي اُن قسم جي استاد جي اُن تي خاص نظر هئي ۽ اهو اسان جو استاد ڏاڍو سخت هو . ڇوڪرن يا ٻارن جي ننڍي عمر هوندي اهڙي آهي جوگوهي ڪندا آهن يا وري ڪلاس ۾ ڪانه ڪا شيطاني ڪندا آهن سو اهڙين ڳالهين تي اسان کي هروڀرو سخت ٿيڻ نه کپي. پر اسان جي استاد اُن ڇوڪري کي ٻه ٽي سخت مارون ڏنيون نتيجو اهو ٿيو جو ڇوڪرو اسڪول جي نالي کان به ڀڄڻ لڳو. اهڙي طرح خراب صحبت ۾ پئجي ويو. سندس تعليم به رهجي وئي. اڄ ڪلهه اهو ڇوڪرو چرس ۽ ٻيا نشا ڪري ٿو.۽ سندس پورت نه پئي ته گهر جا ٽپڙ چورائي وڪڻي ٿو، اگر اهو ذهين ڇوڪر پڙهي پوي ها ته اسان جي ملڪ جو هڪ اهم ستون ۽ انسان هجي ها. جيڪي ٻئي قسم جا استاد هئا، سي وري وڏيرن ۽ سرمائيدارن جي ڇوڪرن جي خوشامند ڪندا هئا. چاهي پڙهن نه پڙهن پر پاس ٿيو وڃن. جيئن سندن مٺائي ۽ انعام کين ملندو رهي. ان جو نتيجو اهو ٿيندو هو جو وڏيرن جا هوشيار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به پڙهڻ ڇڏي ڏيندا هئا ڇو جو محنت کانسواءِ ننڍن ڪلاسن ۾ ته نڪري ويندا هئا. پر بورڊ جي امتحان ۾ جيئن ته اڳي ڪاپي ڪونه هئي سو پاس ڪونه ٿيندا هئا، نتيجو اهو نڪرندو هو جو مئٽرڪ جنهن ڪئي اها ان لاءِ وڏي ڳالهه هئي. پوءِ اهي وڃي ابي ڏاڏي جي ڌنڌي سان لڳندا هئا.
علم انسان جي ذهنيت کي مٽائي ٿو، جيڪي بنا ڪنهن محنت جي ڪاپي ڪري ڇوڪرا خاص ڪري وڏيرن جا پڙهن ٿا ان جو ذهن ته اهو ئي وڏيرڪو ٿو رهي. روشن خيالي ته انهن کي ڇُهي ئي ڪو نه ٿي گُذري نڪو انهن کي بي- اي يا ايم اي جي ڊگري جو احساس ٿو ٿئي. پئسي جي زور تي آمريڪا ۽ لنڊن ۾ عياشيون به ڪن ٿا. پر اُهي آمريڪا يا لنڊن ڪنهن علمي يا تحقيقي مقصد سان ته ڪونه ٿا وڃن . پوءِ توهان سوچيو ته انهن جي گھرن جو ماحول زماني سان ڪيئن مٽجي؟ سندن ڪوٽن ۾ جيڪي ڀيڻون مائرون ۽ زالون سي سندن ظلم مان ڪيئن نڪرن؟ ويتر ڪاپي ڪري بي اي ۽ ايم اي جي ڊگريون وٺي روشن خيالي رڳو ايسيتائين پهچي ٿي جو ڪنهن ماڊل گرل سان ٻئي سان ٻئي قسم جي تريناڪ قسم جي عورتن سان شادي ڪن ٿا. سندن سيبتي سياڻي مائٽياڻي اڻ پڙهيل، ڪونه ٿي وڻي. جيئين ته سندن ڪو مائٽ يا ڄاڻ سڃاڻ وارو وزير آهي سو وڏي شهر ۾ رهڻو آهي، نوڪري وزير صاحب اُتي ڏني آهي سو هيءَ ڄٽي اتي ڇا ڪندي؟


اديون رسالو
ڊسمبر 1984ع