شاعري

ڳولا

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران منور سلطانہ جي شاعري ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ڳولا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيو.

منور سلطانہ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ بہ مقبول ليکڪ رهي آهي، جنھن دؤر ۾ عورت جو گهر جي دروازي  کان ٻاهر نڪرڻ عيب هو، تعليمي شعور تہ پنھنجي جاءِ تي پر عورت کي بنيادي حق جي بہ ڄاڻ نہ هئي، اُن وقت منور سلطانہ جھڙين ليکڪن عورتن کي پنھنجي حقن جي تعليم ٿي ڏني. 


Title Cover of book ڳولا

(11)

ڪنهن زماني ۾ ٺٽي ۾ پڪنڪ تي هڪ ايراني ٽوورسٽ ڇوڪرين جي ميڙسان ملاقات ٿي هئي. اسان کي به شوق ٿيو ته برادر ملڪ جون مايون آهن سو انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ضروري آهي .سو اسان ٻه ٽي ڄڻيون انهن سان ڳالهين لاءِ ويون سين. هنن اسان جيڪو ڳالهايو سو رقم ارَطر نٿو ڪري سگھجي. پڇاڙي ۾ هنن اسان جي مغز ڦيرائڻ کانپوءِ خاطر تواضع لاءِ پنهنجي ٿيلهي مان شيمپين جي بوتل ڪڍي، مون چيو ته توهان مسلمان ناهيو ڇا؟ هنن جواب ۾ چيو ها اسان مسلمان آهيون. ۽ چيائون ته توهان؟ مون چيو توهان کي ڏسي اسان کي پنهنجي مسلماني ۾ شڪ ٿي پيو آهي، اسان سادو پاڻي پيئندا آهيون جڏهن غيرت جاڳندي آهي ته ڪوڪا ڪولا پيئندا آهيون پوءِ غافل ٿي سمهي رهندا آهيون.
هاسٽل رهڻ دوران به ڏاڍا دلچسپ تجربا ٿيا. هاسٽل ۾ جڏهن مان هئس ته هندستان پاڪستان جي جنگ لڳل هئي. سو رات جو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڇوڪريون مونکي ننڊ مان اٿارينديون هيون ته سائرن پيو وڄي سوهل هلي لڪون. مان هزار دفعا منع ڪيان ته مونکي نه اٿاريو مان بم پروف آهيان. پر ڇوڪريون نه مڻنديون هيون هڪ شرارتي ڇوڪريءَ اعلان شرارتي ڪيو ته اڄ رات هتي هندستان جي ڇاته بردار فوج لهندي سو خبر اٿئو ته فوج سڀ کان پهرين هاسٽل تي قبضو ڪندي آهي. ان رات هرهڪ ڇوڪريءَ سرون، پٿر ۽ لٺيون جمع ڪيون ۽ ورانڊي ۾ بليڪ آئوٽ ۾ اکيون ڦاڙي فوج جو انتظار ڪنديون رهيون ۽ مان ڪمري ۾ سُک سان ٻه ٽي ڏينهن سمهيس هڪ هاسٽل جي ڇوڪريءَ جي ڪزن صاحب لندن مان پي ايڇ ڊي ڪري آئي هئي سا هاسٽل ۾ پنهنجي ڪزن سان ملڻ آئي هئي. مونکي ان سان ملي پهريون دفعو خبر پئي ته علم سنوارڻ کانپوءِ ڪنهن ڪنهن کي کاريندو به آهي. سمجهو ته مائيءَ جو نالو شاهين آهي. گڏ انگريز ساهيڙي به هئي. خبر پئي ته مائي شاهين پنهنجي سوٽ وڏيري کي ڏنل هئي جيڪو مون وانگر ايم اي سو هوءَ ان پاڏي سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان مهل به اسان سان ڳالهائيندي اسان جي تهذيب جو جنازو ڪڍي ان کي دفن ته ڪري ڇڏيائين. سندس انگريزياڻي ساهيڙي اسان جي ٻوليءَ کان تنگ ٿي ته پاڪستان مرد ڪيئن ٿيندا آهن؟ پوءِ ته مائي کي وارو وري ويو.چيائين ته تون پاڪستان ۾ ته پيادل ته هلي ڪونه ٿي سگھين، تنهنجي سامهون هزارين مرد ازراه همدردي گھٽ ۾ گھٽ هزارين گاڏيون جهليون بيٺا هوندا ۽ توکي سمجهه ۾ نه ايندو ته تون ڪهڙيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهين! هر ڪو تولاءِ شيش محل ٺهرائڻ لاءِ تيار هوندو ۽ توکي سمجهه ۾ نه ايندو ته تون ڪنهنجي شيش محل ۾ رهين! هوءَ ويچاري ته گھٻرائجي خاموش ٿي وئي ۽ اها ڳالهه ان جي سمجهه ۾ آئي يا نه. بهرحال مائي انگريزياڻي کي خبر پئي ته پاڪستان مرد عورت جي معاملي ۾ انتهائي رحمدل آهي. خاص ڪري اگر عورت سهڻي ۽ اڇي چمڙيءَ واري هجي ته! مائيءَ پي ايڇ ڊيءَ ٻيون به ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌايون . مثال طور: دنيا جي هر مرد جو ڪردار مشڪوڪ آهي. دنيا۾ ڪو به شريف مرد ئي ڪو نه آهي اگر آهي ته ان کي سندس وٽ وٺي وڃونس ته هوءَ کيس بندوق ڀري هڻي. اهڙي شريف انسان جو هن دنيا ۾ رهڻ ٺيڪ به نه آهي! حضرت آدم به بهشت مان ان لاءِ نڪتو ته اتي رو ز بيبي حوا سان گذارو ڪرڻو هوس باقي رهيون حورن جو معاملو ته :-
ایسی جنت کولےکرکیا کرے کوئی،
جہاں ہزاروں برس کی حوریں ہوں-
پوءِ مائي موڪلايو ته اسان ڇوڪرين پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري کي اردو ۾ ترجمو ڪيو”پھرا ہوا دماغ“ وري ساڻس ملاقات ڪا نه ٿي . سو خبر نه آهي ته پاڏي کانپوءِ کيس حسب حال ڪو ٻڪر مليو يا نه. بهرحال دنيا ۾ قسمين قسمين جا ماڻهون آهن. مان ميڊيڪل ۾ هئس ته هڪ ڇوڪري جيڪا شادي واري هئي سا ويٺي هئي ( مونکان جونيئر هئي) واندي، مون اشاري سان پڇيو خير؟ ”مردو چيرڻ لاءِ ڪو نه آهي.“ سو اهو کڻڻ ويا آهن. ڪاوڙجي چيائين ادا پٿوري وڃي مون واري ”فنڪار“ کي کڻي اچن ته مان ان کي جيئرو چيريان. هونئن به مونکي مهيني کان ڦنڪار خط ڪونه لکيو آهي لئه ڪندو هوندو. پاڻ وري ٿوري دير کانپوءِ مونکي ڪن ۾ چيائين ته: ”ادي مان فرسٽ پرفيشنل ۾ ٻن جي بجاءِ ڏهن سالن لاءِ جيڪر رهان اگر مون کي دنيا جي فنڪارن جي ڊائسيڪشن ڪرڻ ڏنو وڃي.“ مون چيو ته اهو ممڪن ڪو نه آهي صبر ڪر، ملان چون ٿا ته قيامت کان اڳ ويجھڙائي ۾ دنيا تي عورتن جي حڪومت هوندي سو ٿي سگھي ٿو ان ۾ تنهنجي به ڪا سڙ پوٽي يا ڪڙڏهٽي ڦنڪارن جو قدر ڪري، ٿڌو ساهه ڀري ڪاوڙ ۾ چيائين ته مان ته ڪونه هوندس نه! اسان وٽ ڪاليج ۾ اڪثر وزير ۽ ٻيا مختلف وفد ايندا هئا. اڪثر مونکي اشارا ڪري ٻڌائيندي هئي ته فلاڻو ڦنڪار ( شادي شده) آهي هڪڙو وزير اسان وٽ آيو سو آهستي پيو ڳالهائي، سو مون کي چيائين ته ادي هي وڏو فنڪارآهي. هي هيترين عورتن جي سامهون مِڻ مِڻ ڪري پيو ڳالهائي ۽ ڪڙ ڪڙ ڪري جوءِ آڏو ڳالهائيندو هوندو! بلڪه گهر مٿي تي کڻندو هوندو!! اهڙا ماڻهون وڏا ڦنڪار هونداآهن!!! اهڙي طرح منهنجي اها ڀيڻ منهنجي ناقص معلومات ۾ اضافو ڪندي هئي.
اسان جي معاشرتي ڊانچي ۽ اوليت مرد کي آهي ۽ اهو ساڳيو لقاءُ ترقي يافته قومن ۾ به آهي. پر اسان وٽ عورت شاديءَ کان اڳ يا پوءِ مرد تي مڪمل طور دارو مدار ٿي رکي. ان جو فائدو ڪي مرد حضرات به خوب وٺندا آهن. اگر ڪنهن عورت کان جند ڇڏائڻي هجين (جن ۾ زال-ڀيڻ۽ ڪن ۾ ماءُ به) ته ان جو اول ته خرچ بند ڪندا آهن (اگر اها پاڻ ڪٿي سروس ڪندڙ نه هجي) يا وري کيس ذهني اذيت رسائڻ شروع ڪندآهن. انهن مختلف سببن کان هرڪو واقف به هوندو آهي! ڪاليج ۾ پڙهندي خاص ڪري ميڊيڪل سائنس پڙهندي هر ڇوڪريءَ جي تمنا هوندي آهي ته اها ڊاڪٽر ٿئي. سو اسان گڏ پڙهندي مون واري هڪ ساهيڙي انٽر سائنس پڙهندي ڊاڪٽر جي حسرت دل ۾ کڻي سعودي عرب ڏانهن شادي ڪري وئي. اچتو 1974ع ۾ مون وري کيس ڏٺوته ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين سال ۾ هئي! حال احوال ٻڌايائين ته مون حج جي دوران حرم شريف ۾ ٻيهر پڙهائي هي دعا گهري هئي. سو خدا ائين جو منهنجي مڙس جو اوچتو پروگرام پاڪستان اچڻ ٿيو ته هاڻي گھڻو ڪمايم هاڻي هلي ڪو ڌنڌو ڪجي. هتي اوڪاڙه ايئرپورٽ جو ٺيڪو ورتائين، اتفاق سان سندس ڪار جو حادثو ٿيو جنهن ۾ سندس ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون. ٺيڪي ۾ پيسو حصه دار سڀ کائي ويو، سو مختلف نوڪريون ڪري ۽ زيور وڪڻي مڙس جو علاج ڪرايم، هاڻين مڙس هلي گهمي ٿو ۽فيملي پلاننگ ۾ 400 رويپه ماهوار تي ڪلارڪ آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي ته مونکي ميڊيڪل ۾ داخلا ملي بهرحال اڄ ڪالهه هوءَ ڊاڪٽر آهي ۽ حڪومت فيملي پلاننگ جو محڪمو بند ڪري ڇڏيو، سو سندس مڙس جي اها نوڪري به وئي، هاڻي ان جي زندگي جو هڪ مسئلو ڏاڍو وڏو ٿي بيٺو آهي، اهو هي ته سندس مڙس ڪابه نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي سڄو ڏينهن گهر ۾ هوندو آهي، ڏهين بجي اٿي پوءِ ڪپڙا به نه بدلائي باقي گهر جي ڇنڊ فوڪ ڪيون ويٺو آهي. سندس اولاد به وڏو ٿيندو وڃي ۽ اهي پيءُ کي ائين گهر ۾ بيڪار ڏسي حيران آهن. اڪثر ماءُ کي چون ٿا ته بابا نوڪري ڇو ڪو نه ٿو ڪري؟ سندس دل ۾ پيءُ جو احترام به ڏينهون ڏينهن نڪرندو ٿو وڃي. بس سندس مڙس رڳو زال جي پگهار جا پرائيويٽ ڪلينڪ جا پيسا پيو ڳڻيندو آهي. ٻارن جي دل ۾ پيءُ جي عزت گھٽ ٿيندي پئي وڃي.
ڇوڪرين کي يا نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو وڏو مقصد اڄ ڪالهه والدين وٽ اهو آهي ته سندن مستقبل محفوظ رهي. آئيءَ ويل ڪا نوڪري ڪري عزت سان پنهنجو پيٽ پالي سگهن. اڳي نياڻين کي شادي ڪرائي ڪنهن سٺي انسان حوالي ڪبو هو ته سندس مستقبل هاڻي محفوظ ٿيو ويوآهي. اڄ ڪالهه ائين نه آهي اڄ ڪالهه عورت رڳو مرد جي حوالي محفوظ نه آهي. ڇوجو توهان کوڙ اهڙا واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا هوندا مرد عام طور زال کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندو آهي. اگر اهو رڳو پاڻ ڪمائيندڙ هجي ته سڀ کان پهرين زال کي خرچ ڏيڻ بند ڪندو آهي. سندس زال جا مائٽ ۽ ڀائر اگر ان حيثيت ۾ هو ندا آهن ته ڀيڻ يا نياڻي جا خرچ به کڻندا آهن. پر ضروري نه آهي ته شادي کانپوءِ هر ڪو ڀاءُ ڀيڻ جي خرچ جي چٽي ڀري. ان صورت ۾ ڇوڪري پڙهيل آهي ته ڪٿي نه ڪٿي نوڪري ڪري پاڻ پالڻ جهڙي ٿئي ٿي. رڳو اهو نه آهي پر مردن کي شاديءَ کانپوءِ طلاق ڏيڻ به سولي ڳالهه آهي. ٻار ته ٻئي زال به ڄڻي ڏيندي يا وري ان ماءُ کي ذهني اذيت ڏيڻ لاءِ ٻار به ڦرينداآهن يا ڪورٽن جاچڪر لڳرائينداآهن. سو ڳالهه پئي ڪيم ته اڳتي نياڻي پرڻائي ڏني معنيٰ سندس زندگي محفوظ ٿي، پر اڄ ڪالهه ائين نه آهي ۽ مون واري ساهيڙيءَ جو سلسلو به ٿيو پوي. اسان جي هن مرد معاشري ۾ عورت باهه ۽ پاڻيءَ تي اجهو اڏي پوءِ ائين پئي هلي ٿي! اسان جي ڄاڻ سڃاڻ ۾ هڪڙو خاندان به آهي، جنهن ۾ پيءُ کي اولاد صفا ڪو نه ليکي. ڇو جو جوانيءَ ۾ سندس والد نشا پتا ۽ عياشي ڪئي.ايتري قدر جو ٻنيون به سندس زال سنڀاليندي هئي، هاڻين اهي نشا لٿا آهن ته اولاد ليکي ڪونه ويچاري کي! ڳالهائڻ لاءِ به ڪير نه هوندو اٿس! مان اڪثر انهن وٽ ويندي آهيان، سو، مان وڃان ته ويچارو ڀاءُ آهستي چوندو آهي ته امان چڱو جو تون آئينءَ، هاڻي تنهنجي صدقي ۾ چانهه جو ڪوپ ته ملندو. ويچاري کي ايتري هجت نه آهي، جو ٽائيم کانسواءِ چانهه جي گهر ڪري. مان ته ڀاءُ سان ڳالهائيندي به آهيان ۽ سوچيندي آهيان ته جتي مرد ڪم نه ڪري اتي ان جو اهڙو حال آهي. گذريل سال سندس والده گذاري ويئي آهي. ان جي جاءِ تي سندس زال ٿوري ڪاوڙ ڪندي آهي ته ائين لڳندو آهي ڄڻ گهر ۾ راڪاس گھمي ويوآهي. اولاد ماءُ کان تمام گهڻو ڊڄي ۽ ماءُ جو ادب به ڪري. حالانڪ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو ادب لازمي آهي پر ڪنهن حالتن ۾ اهڙا گهر به جهنم ٿي پوندا آهن جتي مرد گهر جو سنڀاليندڙ نه آهي. يا وري پنهنجي عياشين ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ گهر ۽ اولاد کان لاپرواه اهي مان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءَ ته دعا ڪندي آهيان ته سندس مڙس کي خدا نيڪ هدايت ڏئي. عورت رُکي سُکيءَ ۾ به اُتي خوش هوندي آهي ، جتي کيس سچو ساٿي ملي!

مارچ 1985ع