دعا
تنهنجا ڪڏهن مٺڙا ٻڌندس ٻول،
سهڻا، مٺڙا مٺڙا چپ ته کول،
ٻيار ۽ دعائن سان تون ڀر جهول.
ننڍڙا ننڍڙا پير کڻي جڏهن هلندينءَ،
ماءُ ڌرتيءَ کي به ڏاڍي وڻندينءَ،
انيڪ بهارن ۾ سدائين رهندينءَ.
توکان پري رهي دنيا جو رنج ۽ الم،
انسانيت جو سچو پرائجان علم،
ڏکويل دل تي سدائين رکجان ملم.
حياتيءَ کي نه سمجهجهان عجيب،
نه حقير سمجهجهان ڪو غريب،
ٻين جي دعائن سان ملي نصيب.
توکي ڪوسو واءُ ڪڏهن نه لڳندو،
منهنجي دعا جو توتي پاڇو رهندو،
رنج ۽ غم دنيا جو توکان پري هوندو.
برائي تو وٽ اچي ٿيندي غرق،
انسانن ۾ نه رکجان ڪو فرق،
سچائيءَ جو سدائين پيئجان عرق.
**