شاعري

ڪنهن نه سڃاتو

ڪتاب ڪنهن نه سڃاتو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر الاهي بخش سانگيجي شاعريء تي مشتمل آهي.
Title Cover of book ڪنهن نه سڃاتو

مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي

مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي
ماڻهو سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه ، اچي بوءِ بهار جي
سنڌ جي سر زمين تي خالق اڪبر جي خاص عنايت ۽ پڻ احسان آهي جو هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي اهل الله، صالح سچار، بي باڪ ۽ هق گو هستيون پيدا ڪيون آهن جن جي ندگي مثالي حيثيت ۽ سندن صداقت هڪ ضرب المثل آهي. انهيءَ صداقت واري قافلي جي قطار ۾ اسان جي اکين جنهن هستيءَ کي ڏٺو سا هستي مرحوم حاجي عبدالمالڪ سانگي عرف حاجي ماڪن سانگي هو.
جيئن ته عام طور اهو ئي مشهور آهي ته سانگي قوم، خانه بدوش قوم هئي ۽ ان جو ڌنڌو مال چارڻ ۽ مال جي چاري ۽ سک لاءِ ماڳ مٽائڻ ڪرت رهي يعني هو هڪ هنڌ ڪڏهن به ڳوٺ ٻڌي نه ويڍا. انهيءَ ڪري مٿن نالو سانگي يعني سانگ واري قوم پيو. مگر محقق ، تاريخ نگار انهيءَ تاويل سان اتفاق ڪونه ٿا ڪن. سندن دليل آهي ته سانگي قوم جي موجود معاشرتي حيثيت ڪلچر ۽ سنڌ جي قومي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اهڙي مهذب ۽ بهادر قوم ، ڪڏهن به خانه بدوش ٿي ڪونه سگهي ٿي. هن قوم ۾ صاحب بصيرت صوفي شاعر ۽ سگهڙ پيدا ٿيندا آيا آهن ۽ هن وقت به روان دوان آهن ۽ ساڳي طرح قومي هر دلعزيز ليڊر ۽ صاحب مناسب هستيون پڻ موجود اهن. اهڙي قوم کي خانه بدوشي واري خطاب سان ياد ڪرڻ زيادتي آهي.
هڪ تاريخي اشاري سان اسين اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته سانگي قوم اصل راجپوت قوم جي هڪ شاخ آهي. جنهن جو اصل نالو”سنگي راجپوت“ آهي جو هن وقت به انڊيا جي رياست اجمير ۾ مسواڙ ۾ پڻ موجود آهي.انهيءَ علائقي جا راجپوت راٺوڙ جن جو ڪجهه حصو رياست ميواڙ جي ”راجا راڻا سنگهه“ جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ساڻس وفاداري۾ پيوسته هئڻ سبب راجا جي نالي جي نسبت سان ”سنگي“ مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح راجپوت قوم جون ٻه شاخون هڪ شاخ راٺوڙ ۽ ٻي سنگي مشهور ٿي ويون.
راجا راڻا سنگهه سال 1627ع ۾ مغل بادشاهه بابر سان آگرهه کان 37 ميل پري ڪنواهه جي ميدان ۾ جنگ ڪئي. جنهن ۾ راجا شڪست کاڌي ۽ زخمي ٿي فرار ٿي ويو ۽ لشڪر پڻ ڇڙوڇڙ بچي موٽي ماڳ آيو.(1) ۽ راجا راڻا سنگهه ٻن سالن کان پوءِ فوت ٿي ويو.
رياست ميواڙ جا سنگي راجپوت ، سلطنت مغليہ جي خلاف وقت بوقت بغاوت ڪندا رهندا هئا، جن کي مغل حڪومت دٻائي ڇڏيندي هئي ۽ آخر اورنگزيب جي عهد ۾، راجا جسونت سنگهه جي ڀڙڪائڻ تي سوڍا حڪمرانن جي مدد سان سنگي راجپوتن اورنگ جي خلاف سخت بغاوت شروع ڪئي، جنهن بغاوت کي مات ڪرڻ لاءِ اورنگزيب پنهنجي وڏي پٽ شهزادي اڪبر کي وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي سندن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو، پر شهزادو اڪبر شڪست کائي ويو. شهزاده جي شڪست کانپوءِ اورنگزيب خود سال 1679ع ۾ وڏو لشڪر سڻ ڪري سنگي راجپوتن جي خلاف چڙهائي ڪئي ۽ سنگي راجپوت خائف ٿي ويا۽ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيا ۽ پڻ معافي ورتائون. اورنگزيب کين معاف ڪيو ۽ سندن درخواست تي جسونت سنگهه جي پٽ راڻا جي سنگهه کي سندس گاديءَ تي ويهاريو (جسونت سنگهه فوت ٿي ويو)
اورنگزيب عالمگير اسلام سان دلي محبت رکندڙ هو. هن ڪيترائي اسلامي مدرسه ، دارالعلوم ۽ اسلامي تبليغ جا مرڪز قائم ڪيا ۽ سيالڪوٽ ۾ هڪ وڏو ديني درسگاهه قائم ڪيائين جنهن ۾ تعليم ۽ تدريس لاءِ ماهر استاد مولوي عبدالحڪيم ۽ مولوي عبدالله کي مقررڪيو۽ پنهنجي پراني استاد ملاصالح (ملا جيون) جي مشوري سان رياست ميواڙ ۾، جيڪو سنگي راجپوتن جو ڳڙهه هو هڪ وڏو ديني درسگاهه ۾ پڻ تبليعي مرڪز قائم ڪيائين. جنهن جو انتظام هلائڻ، پڙهائڻ ۽ ديني تبليغ لاءِ سنڌ ما ن برک علماء، استاد ۽ مبلغ گهرايائين ڇوته ان وقت ٺٽو عالم اسلام ۾ دين جو هڪ وڏ مرڪز هو ۽ مذهبي علوم ۾ ڪافي مشهور هو(1) قرين قياس آهي ته ان وقت تبليغ سان سنگي راجپوتن اسلام قبول ڪيو هجي ۽ وڌيڪ تعليم ۽ تربيت لاءِ استادن جي وساطت سان ٺٽي سنڌ ۾ آيا هجن ۽ پنهنجي خاندان سميت سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي هجين ۽ بعد ۾ وقت گذرن سان ”لفظ سنگي، ڦري سنڌي لهجي ۾ الف اضافت سان ”سانگي“ ٿي ويو هجي ڇو ته اهڙو مثال پڻ هن وقت ۾ موجود آهي جو اردو جي لفظ ”مهنگي“ کي سنڌي لهجي ۾ الف جي اضافت سان ”مهانگي“ استعمال ڪيو پيو وڃي.
بهرحال مرحوم حاجي عبدالمالڪ پنهنجي قوم جو رئيس ۽ پڳدار هو ۽ سندس قوم تي ڪافي ضابطو هو. مرحوم جي ابتدائي عمر جي عرصه جي ڄاڻ اسان کي اهڙي پوري ڪانه آهي البته اسان جي اکين جڏهن کيس ڏٺو ته هو ان وقت صاحب عظمت ۽ عظيم انسان و بزرگ هو. مرحوم پنهنجي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪندي چيو ته:” منهنجو ابتدائي دور نهايت سرڪشي ۾ گذريو. وڏيرڪا سڀ وڪڙ موجود هئا ۽ دين کان بنهه بي خبر هوس. البته وڏيرو هوندي به ظلم ، زور ۽ زيادتي کان بلڪل بيزار ۽ پري هوس. غريبن ۽ مظلومن سان همدردي جو جذبو موجود هو. ۽ جڏهن سال 1928ع ۾ ٿريچاڻي شهر(جيڪو اڳ جهانگڙي روهڙيءَ جي قريب هو) درياهه سنڌ پاتو ۽ شهر پائجي ويو.
ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي ۽ ٿريچاڻيءَ جو مشهور بزرگ حضرت مولانا عبدالعزيز رحه صاحب به لڏي هت سانگي شهر ۾ اچي آبادٿيا ۽ ڳوٺ جي هڪ حصي ۾ پنهنجو ڳوٺ ٿريچاڻي جي نالي سان ٻڌائون ۽ اتي جامع مسجد ۽ وڏو اسلامي مدرسو قائم ڪيائون.
حضرت عبالعزيز صاحب رحه هڪ ڪامل ولي الله ، صاحب بصيرت، عالم باعمل درويش صفات جو مالڪ ۽ انسان ذات سان بي حد پيار ڪرڻ وارا هئا. سندن خدمت ۾ غير مسلم به حاضر ٿي فيضياب ٿيندا هئا. حضرت صاحب جن جي زيارت ڪرڻ ۽ ساڻن ملاقات ڪرڻ جو اتفاق هن طرح ٿيو جو هڪ دفعي آءٌ ٿريچاڻي جي جامع مسجد وٽان لنگهيس. جمعي جو ڏينهن هو. حضرت مولانا صاحب جن جمعي جي نماز کان اڳ جماعت کي نصيحت آميز وعظ فرمائي رهيا هئا. سندن تقرير نهايت پُر اثر هئي.آئون مسجد جي ٻاهران سندن تقرير ٻڌڻ بيهي رهيس. سندن تقرير جي چند جملن منهنجي دل تي بي حد اثر ڪيو. ۽ منهنجي دل دماغ ۾ حق جي تلاس جي تڙپ پيدا ٿي. آخر مسجد ۾ وڃي جماعت سان ويهي واعظ ٻڌڻ ۽ نماز پڙهڻ جو خيال پيدا ٿيوپوءِ انهيءَ ارادي سان مسجد ڏانهن وريس.
وضو ۽ نماز جي ارڪان کان بي خبر هوس. آخر ٻاهران هڪ نمازيءَ جي مدد سان وضو ڪري مسجد اندر داخل ٿيس ۽ تقرير ٻڌڻ لڳس۽ نماز جماعت سان پڙهيم. حضرت جن جڏهن نماز کان فارغ ٿيا. تڏهن سندن خدمت ۾ حاضر ٿي باادب ويهي کين عرض ڪيم ته سائين! مون کي به الله تعاليٰ جي واٽ وٺايو ۽ الله جي نالي جو ذڪر ڏسيو. اهو ٻڌي پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ دين جا بنيادي ارڪان بيان فرمائي هڪ تمام ڊگهي نصيحت ڪيائون. جنهن ۾ دين ۽ دنيا جي فنائيت ۽ آخرتجي بقا ۽ ڀلائيءَ جا ڪيترائي مثال ڏنائون. بعد ۾الله جي نالي جو ذڪر ڏسيندي منهنجي ڀلائيءَ لاءِ هڪ ڊگهي دعا فرمايائون ۽ ٻڌايائون ته پٽ! تنهنجو هت اچڻ ڪو اتفاقي واقعو نه آهي. بلڪه الله تعاليٰ جو گُهر آهي جو تون هت آيو آهين. مرحوم وڌيڪ چيو ته م،نهنجو اصل نالو ”وڏيرو ماڪن“ هو. پوءِ ان کي ڦيرائي منهنجو نالو ”عبدالمالڪ“ رکيائون ۽ بيان ڪندي مرحوم وڌيڪ ٻڌايو ته:
جڏهن ذڪر وٺي سندس مجلس مان ٻاهر نڪتس تڏهن ڏٺم ته منهنجي دل جي دنيا ئي ڦري وئي آهي. منهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ دل کي قوت ۽ ذهن ۾ سرور ۽ سڪون پيدا ٿي ويو. هر شيءِ مان سرور اچڻ لڳو ۽ هر ڪم ۾ برڪت محسوس ٿيڻ لڳي. مون کي پوءِ گهر ۾ گهٽ آرام اچڻ لڳو. ٻني باري جو سماءُ ۽ سڌ لهي ۽ ڪڙمين ڪاراون کي سمجهائي ڏيئي، سڌو سنئون سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهندو هوس ۽ سندن فيض کان مستفيض ٿيندو رهندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن دعا لاءِ پنهنجي پٽ الاهي بخش کي به ساڻ وٺي ويندوهوس ۽ سندن خدمت ۾ ويهڻ وقت منهنجي جسم ۾ عجيب ۽ پُر سرور ڪيفيت پيدا ٿي ويندي هئي. الله جي خوف سبب دنيا کان دل کڄي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح خالق اڪبر هڪ ڪامل ولي الله جي سويلي مون کي ايمان جو هڪ بي انتها خزانو نصيب فرمايو.
مرحوم عبدالمالڪ هاڻي پنهنجي زندگيءَ جو آغاز هڪ نئين نهج تي ڪيو۽ دين اسلام جي احڪام جي پوري پوري پيروي ڪرڻ لڳو. صورت ۽ سيرت کي بلڪل سنت نبويﷺمطابق بڻيائين. هر ڪم دين اسلام ۽ شريعت محمدي ﷺ مطابق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. جفاڪشي ۽ محنتي مزاج جو مالڪ ته اصل کان هو ۽ زميندار هوندي بهپنهنجي قوت گذراڻ لاءِ پنهنجي ٻني پاڻ کيڙيندو هو۽ باقي زمين ڪڙمين کي بٽائي تي ڏيندو هو. هڪ دفعو هڪ تترن جو شڪاري بندوق سميت مرحوم حاجي صاحب جي زمين وٽان لنگهيو. حاجي صاحب زمين کيڙي رهيو هو. پوءِ شڪاريءَ کانئس پڇيو ته حاجي صاحب ! اوهين پاڻ هَرُ ڪاهي رهيا آهيو. ڪڙمي اوهان وٽ ڪافي موجود آهن ۽ اناج جا انبار اوهان وٽ آهن. اوهان کي پاڻ پوک ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ کيس جواب ۾ چيائين ته آءٌ توکي ان جو جواب ڏيان ٿو، پر پهريائين ٻڌاءِ ته تون ٻن تترن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي ساري جهنگ ۾ اچڻ جي ڇو تڪليف گوارا ڪئي آهي. حالانڪ اهي تتر شهر جي مارڪيٽ ۾ ٿورن پيسن ۾ آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا، نه تڪليف ۽ نه وري خرچ. شڪاري جواب ۾ کيس چوڻ لڳو ته حاجي صاحب اهو برابر آهي پر جيڪو پنهنجي هٿ سان ۽ تڪليف ڪاٽي شڪار ڪري ان جي کائڻ ۾مزو ۽ خوشي ٿئي ٿي سا مارڪيٽ مان پکي خريد ڪري کائڻ ۾ هرگز اهو سرور ڪونه ٿو اچي۽ نه وري ٻئي جي شڪار ڪيل پکيءَ مان ڪومزو اچي ٿو. حاجي صاحب کيس چيو ته پٽ! توهان پنهنجي سوال جو پاڻ جواب ڏنو آهيته پنهنجي هٿ سان ڪمائي ۾ محنت ڪري جيڪا روزي حاصل ڪجي ٿي. ان جي کائڻ ۾ جيڪا لذت ، سرور ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي اها ڪنهن ٻئي ذريعي سان هرگز حاصل ٿي نه ٿي سگهي.
مرحوم حاجي صاحب کي ڪاظاهري تعليم حاصل ڪون هئي. البته الله تعاليٰ کيس بي حد لياقت ، ذهانت جو خزانو عطاڪيو هو ۽ تجربه جي بنياد تي به کيس ڪافي مهارت حاصل هئي. هو هر انسان کي ان جي هلت، چلت ۽ گفتار مان ان جي مزاج ۽ نيت کي پروڙي وٺندو هو. صحيح فيصلو ڪرڻ ۽ انصاف تي نبيري ڪرڻ جو کيس خداداد مَلڪو حاصل هو. بي ريا ۽ حق انصاف تي هلندڙ هو. ڪيڏو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي کيس هق ۽ سچ سامهون چئي ڏيندو هو. مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو ۽ ظالم کي سندس ظلم کان روڪڻ لاءِ هرطرح جا اپاءَ استعمال ڪندو هو.مائٽن ۽ مٽن سان نهايت همدردي ۽ شفقت سان پڻ پيش ايندو هو. ڏک، سک ۾ ساڻن ساٿ ڏيندو هوبلڪه ڏکئي وقت ۾ سندن مالي مدد به ڪندو هو. چند شرير ۽ متعصب مائٽ کيس تڪليفون به پهچائيندا هئا. پرصبر۽ استقامت سان ڪم وٺندي کين درگذر ڪري ڇڏيندو هو.هڪ دفعي دوران گفتگو حضرت احمد علي لاهوري رحه صاحب لاهوريءَ جو ذڪر ڪندي ٻڌايائون ته حضرت لاهوري هڪ مجلس ۾ ٻڌايو ته ”مائٽن رشتيدارن کي پنهنجي پٺيءَ جو گوشت وڍي کارائيندو ته به اهي خوش ۽ راضي هرگز ڪونه ٿيندا. سو ان جو علاج اهو آهي ته پنهنجي مائٽن جو ڪوبه حساب پاڻ تي هرگز نه رکو ۽ پنهنجو حساب کانئن شفقت سان طلب ڪريو. اگر نه ڏين ته صبر کان ڪم وٺو.“
مرحوم حاجي صاحب حصول رزق ۾ ڪافي سوچ ۽ اعتماد کان ڪم وٺندو هو يعني رزق حلال حاصل ڪندو هو. حرام جي روزي کان بلڪل پري پر شبهه واري شيءِ کان به ڀري ڀڄندو هو. ايتري قدر جو سندس فرزند محترم الاهي بخش سانگي سکر ۾ شاپ انسپيڪٽر آفيسر مقرر ٿيو. تڏهن سندس آمدنيءَکي مشڪوڪ سمجهي ان جي ڪا به شيءِ نه کائيندو هو ۽ نه گهر لاءِ ڪجهه وٺندو هو. توڙي جو سندس فرزند الاهي بخش ڪافي يقين ڏياريو ته هيءُ رزق حلال مان آهي تڏهن به کيس چيائين ته،”منهنجي دل گوارا نه ٿي ڪري. البته اها نوڪري ڇڏي، جيڪڏهن تون ماستريءَ جي نوڪري اختيار ڪندين ته مون کي ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي.“ پوءِ محترم الاهي بخش سانگي پنهنجي والد جي امر جي اطاعت ڪندي انهيءَ عهدي تان استعفيٰ ڏيئي ماستري جي سروس اختيار ڪئي. پوءِ پيءُ جي خوشي ۽ دعا کيس وڏي عروج تي پهچايو.
علائقي جا اڪثر رهواسي پنهنجي تنازعن کي نبيرن لاءِ وٽس اينداهئا. ان کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نبيري ڌرين کي راضي ڪري ڇڏيندو هو. حضرت مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي پنهنجي جماعت جي ماڻهن جا فيصلا نبيرڻ لاءِ کين ڏانهس موڪليندا هئا جن کي نهايت بهتر طريقي ۽ انصاف سان نبيريڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري حضرت صاحب جن کيس ”مؤحد“ ۽ ”مجاهد“ جي لقبن سان سڏيندا هئا. جيڪو واقعي سندس حق هو. تجربه ۽ بصيرت جي بنياد تي مرحوم کي جيڪا به اڳڪٿي ڪندو هو اها اڪثرت سچي ٿابت ٿيندي هئي. بااثر شخصيت هوندي به سياست ۽ اهڙن معاملن کان بلڪل پري رهندو هو. نهايت مجبور ڪرڻ تي اليڪشن ۾ انهيءَ ماڻهو جو مدد ڪندو هو جنهن کي مناسب سمجهندو هو. مقامي وڏيرن ، زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان گهرا تعلقات هوندي به ڪڏهن به سندن درتي ڪنهن به مدد لاءِ ڪونه ويندو هو ۽ منجهن ڪا به اميد ڪونه رکندو هو. البته جڏهن وڏيرا ڪي وٽس ايندا هئا ته اخلاقي طور سندن ڪافي آڌرڀاءُ ڪندو هو. ايمان جي قوت ۽ توڪل علي الله سندس ايڏي ته مضبوط هوندي هئي جو چوندو هو ته اهي انسان پاڻ مفلس ۽ محتاج آهي. ٻئي جي ڇا مدد ڪري سگهندا. ڇو نه مدد لاءِ انهيءَ مالڪ حقيقيءَ کي پڪاريون جنهن جي ساري مخلوق محتاج آهي.
صدقات ۽ خيرات ۾ مرحوم پيش پيس هوندو هو. ڪڏهن خفيه ۽ ڪڏهن اعلانيه خيرات ڪندو هو. پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو مدرسه ٿريچاڻي ۽ جامع مسجد ٿريچاڻي لاءِ وقف(بخش) ڪري ڇڏيائين جيڪو اڄ تائين سندس صدقه جاريه آهي ۽ انهيءَ زمين مان مسجد ۽ مدرسي جون ضروريات پوريون ٿينديون رهن ٿيون.
سال 1952ع ۾ پنهنجي نيڪ بخت ساٿي مرحوم حاجي عبدالرحيم صاحب جاگيراڻي سان گڏجي حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪري آيو. وطن واپس اچڻ تي بيت الله شريف ۽ روضه اطهر ۽ مسجد نبوي جي زيارت جي ڪيفيت ۽ برڪات جو بيان ڪندي نهايت آبديده ٿي ويندو هو.
عفو ۽درگذر ڪرڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. ڪڏهن به ڪنهن جي غيبت ڪونه ڪيائين۽ نه وري ڪنهن جي خلاف ڪابه گارگند ۽ ناشائسته الفاظ استعمال ڪيائين. جيڪڏهن کيس ڪنهن به ڪابه تڪليف پهچائي ته ڪاوڙ مان صرف ايترو اظهار ڪندو هو ته الله تعاليٰ جانورن واري صفت مخلوق انسانن جي شڪل ۾ به پيدا ڪئي آهي.
معاملات ۾ حق ۽ انصاف تي هلڻ ۾ مشهور ۽ معروف هو.پنهنجن ڪڙمين ۽ ڪاراون سان ڏاڍي سهڻي سلوڪ سان پيس ايندو هو ۽ کين خوش رکندو هو. انهيءَ ڪري اهي به سانس ڏاڍي محبت ڪندا هئا ۽ عزت سان پيش ايندا هئا.
ڪوشش ڪري پنهنجي ذات جو ڪم اڪثر پاڻ ڪندو هو ۽ چوندو هو :
” پنهنجي خدمت جو بارٻئي ڪنهن تي هر گز رکڻ نه گهرجي توڙي جو گهٽ هجي ياوڌ.“
مون راقم الحروف سان سندس ڏاڍو پيار هو. منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو هو. آءٌ اڪثر سندس خدمت ۾ زيارت ۽ دعا لاءِ ويندو رهندو هوس ۽گهڻو ڪري کيس پنهنجي زمين تي ڪم ڪندي ڏسندو هوس. دوران محنت الله تعاليٰ جي ذڪر بالجهر ۾ مشغول ڏسندو هوس آءٌ ڪنهن به وڏي سفر تي روانو ٿيڻ کان اڳ دعا لاءِ سندس خدمت ۾ ضرور ويندو هوس ۽ پوءِ ڏسي پنهنجو ڪم ڪار کي ڇڏي مون سان مجلس ڪرڻ لا3 اچي ويهندو هو ۽ منهنجي ويهڻ لاءِ پنهنجي چادر وڇائيندو هو ۽ الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو.عالمن سڳورن ۽ الله وارن ج محبت ۾ اڪثر ويهڻ ڪري سندس ٻڌ سڌ ڏاڍي هئي. نصيحتن جا عجيب نسخا بيان ڪندو هو. هڪ دفعي بيان ڪندي فرمايائين ته:
” موجوده مسلمانن جي عقل ۽ايمان کي الائي ڇا ٿي ويو آهي هو معمولي مرض لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر وٽ جڏهن وڃي ٿو ته هو ڊاڪٽر کيس چيڪ ڪري ڪجهه دوايون ۽ پرهيز ٻڌائي ٿو ۽ چند شين جي کائڻ کان منع * چند شين جي کائڻ جي هدايت ڪري ٿو. هو مسلمان مريض انهيءَ انسان ڊاڪٽر جي هدايتن تي پابندي سان عمل ڪندي گهر ۾ اچي چوي ٿو ته ” مون کي فلاڻي شيءِ جي کائڻ لاءِ ڊاڪٽر منع ڪئي آهيانهي ڪري اها هرگز نه کائيندس ٻي حالت ۾ مون کي نقصان رسندو ۽ فلاڻي شيءِکائڻ جي هدايت ڪئي آهي اها شيءِکائيندس سو منهنجي لاءِ اها تيار ڪريو ۽ فلاڻي شيءِ نه کائيندس جو ڊاڪٽر منع ڪئي آهي ورنه نقصان رسندو.“
ساڳي وقت سندس خالق اڪبر روحاني بيمارين جي علاج لاءِ قرآن شريف ۾ بي حساب نسخا بيان فرمايا آهن ۽ انان کي سندس بچاءَ لاءِ بهترين طريقا کائڻ پيئڻ جا احڪام ۽ نقصانڪار شين جي کائڻ کان پرهيز ۽ پاسو ڪرڻ جون هدايتون فرمايون آهن مگر پنهنجي خالق اڪبر جي هدايتن کي نظرانداز ڪندي ان جي ابتڙ هلي خوب کائي ٿو يعني مسلمان هڪ عام انسان تي اعتبار ڪري عمل ٿو ۽ خالق اڪبر جي هدايتن تي اعتبار نه ٿو ڪري. افسوس آهي انهيءَ مسلمان جي عقل ۽ ايمان تي ۽ هڪ وڌيڪ مثال ڏيندي فرمايائين ته:
”موجوده زماني جي حساب ۾انسان جي عمر جو عام طور مدو تقريبا سراسري طور پنجاهه ورهيه آهي. جنهن مان پنج ورهيه ٻالپڻ واراڪڍجن ته سراسري 45 ورهيه عمر بيهي ٿي. انهن سالن ۾ 25 سال ورهيه انسان پڙهي ٿو يا هنر ۽ ڌنڌو سکي ٿو ته جيئن هو آخري ويهه ورهيه خوش ۽ سڪون سان گزاري. مسلمان جو اهو عقيدو آهي ته هيءَدنيا فاني آهي ۽ آخرت واري زندگي ابدي آهي. فاني دنيا جي زندگي جي 29 ورهيه جي بهتري لاءِ 25 ورهيه جاکوڙ ڪري ٿو ۽آخرت واري ابدي زندگي لاءِ جنهن ۾ موت هرگز نه آهي پورا پنجويهه ڏينهن به ڪونه خرچ ڪري ٿو. بلڪ آخرت لاءِ ڪابه تياري ڪونه ٿا ڪريون. اسين مسلمان ڪيڏا نه ڀليل آهيون!“ وڌيڪ فرمايائون ته:
نيڪ ۽ صالح انسان جي صحبت ۽ اهل الله جي نظر اسان جي باطني بيمارين کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ٿي. انسان جو نفس سرڪش ۽ فريب ڏيندڙ آهي۽ انسان کي فريب ۽ غرور ۾ رکي سبز باغ ڏيکاري ۽ خيالات تي تصرف ڪري کيس گمراهه ڪري ڇڏي ٿو. نتيجتًا انسان دنيا جي حرص ، فريب ۽ لالچ ۾ اچي اصليت کان غافل ٿي وڇي ٿو. هڪ ديني مجلس ۾ هڪ ٻڌل حديث جو متن بيان ڪندي مرحوم ٻڌايو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو آهي ته:
” حرص جو پيٽ هرگز ڀرجڻو ڪونه آهي. انسان کي جيڪڏهن سون جي هڪ ماٿري هوندي ته ٻي ماٿريءَ جي خواهش ڪندو. اهڙي طرح وري ٽين ماٿري جي خواهش ڪندو. اهڙي طرح خواهشون ڪندي ڪندي وڃي هلاڪت ۾ پوندو. البته حرص جو پيٽ قناعت ڀري سگهي ٿي يا مٽي(قبر).
هڪ عالم سڳوري جي وعظ جو بيان ڪندي وڌيڪ ٻڌايائون ته:
”مون ڇهن شين کي ڇهن شين کي پوشيده رکي ڇڏيو آهي. پر ماڻهون انهن شين کي عير جڳهن تي تلاشڪن ٿا. تنهنڪري اها اصل واٽ ڪونه ٿا لهن يعني
(1) علم کي مون بک ۽ سفر ۾ پوشيده رکيو آهي. مگر ماڻهو ان کي پنهنجي وطن ۽ پيٽ ڀريل حالت سان تلاش ڪن ٿا.
(2) عزت کي مون شب بيداري(رات جي عبادت ) ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو انهيءَ کي بادشاهن ۽ حاڪمن جي درن تي ڳولهيندا رهن ٿا.
(3) راحت کي مون جنت ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو ان کي دنيا ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
(4) بلندي کي عجز ۽ انڪساري ۾ پوشيده رکي ڇڏيو آهي. مگر ماڻهو ان کي غرور ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
(5) دعا جي مقبوليت کي مون لقمئہ حلال ۾ پوشيده رکيو آهي مگر ماڻهو ان کي لقمئہ حرام ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
(6) تونگري کي مون قناعت ۾ پوشيده رکيو آهيم مگر ماڻهو ان کي حرص ۾ تلاش ڪري رهيا آهن.
۽ وڌيڪ ٻڌايائون ته:
”جيڪي شخص الله تعاليٰ تي ايمان آنڻين ٿا. انهن جي سڀ کان وڌيڪ محبت فقط الله تعاليٰ سان هوندي آهي. اهي هر وقت ۽ هر گهڙي الله تعاليٰ جي ياد ۾ مشغول رهند آهن. الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ ۾ کين تمام گهڻو سڪون حاصل ٿيندو آهي. اهڙن شخصن جو الله تعاليٰ تي ڪامل ڀروسو هوندو آهي. اهڙائي شخص آهنجن کي نه دنيا ۾ ڪو غم هوندو آهي ۽ نه وري آخرت ۾ ڪو خوف ۽ خطرو.
اهي عظيم ۽ ڏاها انسان آهن، جن دنيا کي مسافر خانه سمجهيو ۽ آخرت واري زندگي کي پنهنجو حقيقي گهر.
در حقيقت هيءُ اهل الله ۽ درويش شخص نه صرف سانگي قوم لاءِ پارس هو بلڪ علائقي جي تمام آبادي لاءِ رحمت ۽ برڪت جو باعث هو مگر هنولي الله کي ڪنهن به نه سڃاتو. سندس فيض کان محروم رهجي ويا. هيءُ اهل الله فرشتہ صفت درويش پنهنجي عمر پوري ڪري سال 1990ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.
اتفاق چئجي يا محبت سندس وفات وقت آئون راقم الحروف ان جي پيراهن کان ويٺو هوس. ڪلمه طيب پڙهڻ سان گڏوگڏ سندس زبان مبارڪ مان لفظ”رحمت رحمت“ ٻڌندو رهيس ۽ اها نشاني الله وارن جي وفات وقت هوندي آهگي. جو رحمت جا ملائڪ موجود هوندا آهن ۽ الله جي رحمت ۽ جنت جي خوشخبري ڏيندا آهن.
سندس اولاد:
مرحوم درويش کي نرينه اولاد۾ صرف ٻه فرزند ٿيا. هڪ محمد حسين ۽ ٻيو الاهي بخش، محمد حسين سندس حياتي ۾ جڏهن پاڻ حج تي ويل هووفات ڪري ويو ۽ محترم الاهي بخش حال حيات آهي. جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.