”انتباه“
ملڪ ۾ امن و امان جو ڪال آ
ٿيو پريشان هر جوان ۽ ٻال آ
هر حڪومت ٿي وئي بي حال آ
هر طرف هيئن مٿان بيدادُ آ
ٿي ويو حاڪم جڏهن بيداد آ
ڇو جو حاڪم ٿي ويو بيداد آ
ڪونه ڪو مظلوم جو ڪٿ داد آ
هي اسان جو ملڪ جو احوال آ
هر وصولي ٽئڪس جي ٿئي ظلم سان
آبيانو، ڍل به وٺجي ظلم سان
واپڊا جي ٿئي وصولي ظلم سان
ٿيو وڌو مسڪين سان هت ويل آ
زور ۽ ظلمن سندو هت اڄ آ
اقتدار وقت جو هر کاڄ آ
ڪونه هت محبت سندو مٺاج آ
اهڙو اسان جي ملڪ جو ماحول آ
هر حڪومت جي بنياد انصاف آ
عدل کان ٿي هي خطو ويو صاف آ
منطقي ان جو نتيجو صاف آ
سر زمين پاڪ ٿي بدحال آ
ڪونه ڪنهن جي ڪو ٻڌي ٿو ماجرا
حال هر ڪنهن جا ويا ٿي هت برا
ڏي حڪومت ٿي اجايا آسرا
ملڪ جو اچڻو ستت زوال آ
هر طرف جور و جبر جو دور آ
ڪم نه ڪٿ ڪو ٿئي پر شور آ
سڀ انسان ٿي ويو ڄڻ ڍور آ
ٿيو غريبن جو برو هت حال آ
ڪونه ڪو ڪٿ ڀي ڪڏهن محفوظ آ
ريل رستو به ڪونه محفوظ آ
گهر اميرن جو مگر محفوظ آ
چور غنڊي جو مگر زر مال آ
چيڪ ٿين ٿا لائسنس ماڻهن سندا
پر وتن ڌاڙيل ٿا فائر ڪندا
ڪيئن ڌنڌا ڌاڙي هتي ماڻهو ڪندا
ڪو پڇڻوارو نهمائي لال آ
ملڪ جي ٻيڙي آ ٻوڙي حاڪمن
دين کان منهن آهه موڙيو صاحبن
ملڪ جي آ واڳ ورتي جاهلن
جَوَ ڍيري گڏهه رکپال آ
ڪونه ڪنهن کي، ڪو ڪهين تي قياس آ
جوءِ جا جوتا کائي سو باس آ
ملڪ سارو يا خدا ٿيو ناس آ
خوب کائين مفت جو ڄڻ مال آ
ڪو ٻڌڻ وارو نه آهي ڇا ڪجي؟
ڪو عدل انصاف ناهي ڇا ڪجي؟
ملڪ سارو ڀينگ آ ڇا ڪجي؟
ڇا نه ٿيندو بک بڇڙو ٽول آ
آ تقاضا وقت جي کڻجي ڏنڊو
ڇا ڪندو بد معاش توڙي جو غنڊو؟
مُڙُ نه، توڙي تون هجين بلڪل منڊو
مڙس ٿي تنهنجو خدا رکپال آ
حاڪمو! بيدار ٿيو بيدار ٿيو
خواب غفلت کير ڇڏيو بيدار ٿيو
انقلاب خون آ نروار ٿيو
ڇو ته هر ڪو ٿي ويو بي حال آ
ديد”سانگي“ جي ڏسي ٿي دوبدو
هو ٻڌي ٿو هر ڪهين جي گفتگو
لپ سروس ڪم نه ايندي ششتشو
وڏو وڏيرن جو به ٿيڻو برو حال آ