”ڪلمه حق“
يار سڀ ناراض ٿيندا جيڪڏهن ٿو سچ چوان
”ڪوڙ ڳڙ ۽ سچ مرچان“ ويا آهن چڱا چئي
ڪين سچ ڪنهن کي وني ٿو ڇو بيان ان جو ڪيان
دور ماده آ پرستي جو روان ۽ ٿيو دوان
جو اختلاف عالمان دين جو آهي ثمر
سربراهه قوم کي ڪرسي بچائڻ جو فڪر
ملڪ ڀل ٽڪرا ٿئي پر هو رهي ڪرسي مٿان
روز افزون اڄ مهانگائي ڪيو آهه ڇتو
قوم جي هر فرد کي توڙي هجي پير و جوان
ڪيئن غربت ملڪ و ملت جي ڇڏي جند جان من
چند ماڻهن جو آ قبضو ملڪ جي دولت مٿان
وئي وڏي بيروزگاري علم وارن ۾ گهڻي
بک بڇڙي آ بلا جا ٿي ڪري ڊاڪو نوان
اڪثريت ۽ اقليت جي فيل پاليسي وئي
عدم ۽ انصاف تي هلندو اسان جو ڪاروان
جيسيتائين ڪين آ خوف خدا انسان ۾
ڪين ٿيندا قوم جا ڪنهن ٻي طرح ڪم سڀ نوان
عرض ”سانگي“ جو اگهي شل سپر زمين هي پاڪ ٿئي
گامزن بر راهه راست ڪامران ۽ شادمان