دعا در درگاهه ايزدي
دل ٿي گهري دعا تنهنجي پناهه جي
ساري عمر گذر ٿي، ڪجهه ڪين ڪي ڪيم
جوڀن جواني پنهنجي رائگان ٿي ويم
مهڻا ملن ٿا مولا، غلطيون ئي مان ڪيم
سامهون ٿين ٿا پنهنجا، ڪجهه مون اگر ڪڇيم
منهنجون چڱايون سڀ برباد ٿي ويم
هاڻي اچي لڳي آ، پنهنجي ساهه جي.
ڪم زور ٿي ويو هاڻ،پوڙهو به ٿي ويو هان
سانگي به ٿو رهان، ڀيروسکر به ڪيان
محتاج ڪين آهيان، ڪم ڪار ٿو ڪيان
تڏهين به ڪين ڪنهن کي هينئر ٿو مون وڻان
الزام ٿا لڳن پيا سي ڀي ٿو پيو سهان
تدبير ڏسڪيان، سڀني سان ٺاهه جي
دنيا چون دورنگي، ڪنهن سان نه جنهن آ پاڙي
ڪنهن کي چوان مان پنهنجو سڀڪو ڏسان ٿو ڀاڙي
پاليا پڙهايا مون جي، تن ڀي آ دلڙي ساڙي
آهيان دعاگو سڀ جو، وڌندي سندن پئي واڙي
ناهيان مان چور ڪنهن جو، مڏڙي نه ڪنهن جي تاڙي
اڳتي ڪجانءِ خير پيو پارت ٿي راهه جي
دل تي غبار غم جو،سينو ڪباب آهي
ڇانيل اڃان به بخت تي، شايد سهاب آهي
جوڀن جواني زندگي، مثل حباب آهي
هر جاندار جو وڃڻو شباب آهي
هلندو دنيا مان هر ڪو، توڻي نواب آهي
جاگير آ نه دنيا، ڪنهن ڀي گدا يا شاهه جي
”سانگي“ آ صاف صوفي، جنهن وٽ نه ڇوت ڇات
ماري ڪيو آ من کي، مڙسي سان مرد مات
مولا ڏسي نه ڪنهن جي، ڪڏهين ٿو ذات پات
سبحان آهي سڀ جو، پڇندو نه ڪنهن جي ذات
ٻولي نه ٻول ٻي ڪا، والي جي وائي وات
هر ڪنهن سان ٺاهه ڪر، ڇڏ واٽ ڊاهه جي