””شام زندگي“
مال ملڪيت جام آ ڪمزور پر ايمان آ
مختصر هت قيام آ هر درد جو درمان آ
خلق جو الزام آ پر ساڻ سڀ سامان آ
خوف، خطر و خام آ قرآن جو فرمان آ
عشق ٿيو بربام آ ۽ پرت جو پيمان آ
هيءَ دنيا آهي فاني،ڪم نه رهندو ڪو هتي !
ڪر عمل صالح سگها ڪم ايندو اتي
جڏهن ڄڻيو پاليو وڏو ڪيو سا امڙ قادل ڪٿي!؟
جنهن پڙهائي هت پڄايوسو ابو ماڪن ڪٿي!؟
جنهن محبت سان هلايوسا سندم سوڍل ڪٿي!؟
آئون هتي ۽ هوءَ هتي پر ماڳ ۽ منزل ڪٿي!؟
جا اهي صدما سهي سا درد واري دل ڪٿي
ڇڏ پچر دنيا جي سانگي! اي تنهنجو شان آ
ڪوبه تنهنجو يار ڪونهي! هڪ خدا جي ذات آ
حال ڀائي راز محرم سڀ اجائي بات آ
جنهن جي توکي تات آهه تنهن کي تنهنجي تات آ
فڪردنيا آ وڪوڙيو حالت سڪرات آ
فڪر فردا ڪين ڪر جو رب سندءِ رحمان آ
ڇا اڃان توکي کپي ٻيو سڀ ته توکي آهه حاصل
زر زمين اولاد صالح پٽ پوٽا ساٿ شامل
وقت پيري جو اٿيئي ٿي خدا کان ڪين غافل
خدمت خلق خدا ڪر ٿيءُ انسان يار ڪامل
وقت ويو ناهي اڃان بيدار ٿي پر ڪين ڪاهل
تنهنجو رهبر تنهنجو هادي مصطفيٰ ۽ قرآن آ
ساز سرندا سارنگيون سڀ ۽ مجازي معاملا
سخن سازي، بت پرستي، موج مستي مامرا!
محفل رنگ و بوءِ جا ڇڏ قصا ڪوڙا اجايا
ڇيڙ ڪا تند تار تازي جا وڌائي حوصلا
ڇڏ وساري يار ”سانگي“ هن دنيا جا دٻدٻا
آئون ساقي ڏي پيالو من سندم مستان آ