شاعري

ڪنهن نه سڃاتو

ڪتاب ڪنهن نه سڃاتو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر الاهي بخش سانگيجي شاعريء تي مشتمل آهي.
Title Cover of book ڪنهن نه سڃاتو

” انصاف جو نيلام“

لا تقنطوا من رحمة الله مايوس ٿيڻ ڪفر آ
آسان توڻي مشڪل، زندگي به هڪ سفر آ
انسان پاڻ پيدا ٿيو ڪين آ مگر
خلقيو خدا آ هن کي ڪرڻو سندس ذڪر آ
انسان سر الاهي انسان کي فخر آ
هر حال ۾ خدا جو ڪرڻو سدا ذڪر آ
دنيا آ دار فاني هلڻو هتان آ جاني
انسان آمسافر مرڻو به هر بشر آ
پنهنجي مون واڳ والي تنهنجي حوالي ڪئي
هاڻي نه مون کي مولا ڪوئي ڪڏهن فڪر آ
اولاد، مال، ملڪيت مغرور ڪيو مگر
دامن ڇڏيم نه تنهنجي، تنهنجو خدا شڪر آ
من آ منجهي پيو دل ٿي رهي پريشان
ڪر ڪا مدد تون مولا پيري سندو پهر آ
رزق حلال ۾ ڪر ڪا ڪشادگي
مال و رزق جو تو وٽ ڀريل خدا بحر آ
احسان تو ڪيا بدڪار هن بندي تي
پرتا ٿي ٻار ٻچڙا، مون کي نه ڪو فڪر آ
”سانگي“ غلام تنهنجو،پرَتو آ مولا توکي
هر وقت ٿيو زبان تي، جاري سندءِ ذڪر آ


پنهنجي ننڍڙي پٽ رئيس جي وفات تي سندس شعر
تو عطا ڪيوتوگهرايو،حڪم تنهنجو بر چشم آ
هئي امانت تنهنجي مولا! منهنجو هو نور چشم
عرض منهنجو تو اگهايو جو ڪيم ڪعبي اڳيان
ناز برداري ڪيم ۽ پيار جو مزڙو ورتم
روڄ راڙو ڇوڪيان؟جو تو ورائي آ ورتو
تنهنجو هو پر،منهنجي اکين جي ضيا ٿي وئي ختم
بر رضاء ايزدي دل، آ سندم خوش ۽ خرم
جي وتئه واپس امانت ڇو ڪيان رنج و الم
چار پٽڙا پوٽڙا تنهنجا ڏنل آهن اڃا
ڇا عنايت آ ايها اي خدا! ڪا مون تي ڪَم
فطرت انسان عجيب سوچ منهنجي کان مٿي
راز پنهنجا پاڻ ڄاڻي مون تي ڪر ڪو هاڻ رحم
هيءَ دنيا آهه فاني ڪونه رهندو ڪو هتي
پير پيغمبر هليا ويا، ڇا ٿيو جي پٽ ويم
وقت مرهم، مرض ۽ غم چون ٿا سڀ چڱا
منهنجي غمگين دل به ٿيندي يارو! خوش خرم
ڪونه واپس ڪو مئو آيو ڪڏهن آهه عزيزو
ٿي اجائي آههَ زاري ڪو ڪجي ٻيو ڪار ڪم
فڪر دنيا ڪر ڦٽي پر،ڪر ثمر عقبيٰ سندو
پيرسن بيدار ٿي ۽ ڪر چڱو ڪو ڪار ڪم
غيب جو آ علم توکي، مالڪ ڪون و مڪان
تون ٿو ڄاڻي واٽ پنهان! پنهنجي ڪم جا دم بدم
آ سر تسليم خم، ”سانگي“ سندو تنهنجي اڳيان
مثل ڪرين پيو اي خدا! سانگي مٿان نظر ڪرم