شاعري

ڪنهن نه سڃاتو

ڪتاب ڪنهن نه سڃاتو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر الاهي بخش سانگيجي شاعريء تي مشتمل آهي.
Title Cover of book ڪنهن نه سڃاتو

”راضي برضا“

راضي برضا آهيان رهندس جو خير ٿئي
پٽڙن ۽ پوٽڙن ڌيئرن جو خير ٿئي
تو ئي عطا ڪيو ۽ تو ئي گهرائي ورتو
باقي بچيل چئن پٽڙن جو خير ٿئي
چئن پٽن سان گڏ اهل ۽ عيال جو
مال و زر زمين ۽ مائٽن جو خير ٿئي
تقدير جي تقاضا تدبير ڇا ڪري
اکڙين سان پئي ڏٺوسي باقين خير ٿئي
سڀ ڪجھ ڪيوسي قادر جيڪي پڄي سگهيو
رحمان تون رحيم ننڍڙي جو خير ٿئي
قسمت جو ڪرشمه هو سڀ ڪجھ سٺو سي پئي
توکان سواءِ نه چاڙهو وڏڙن جو خير ٿئي
انسان آهيان آخر فرشته ته ڪين آهيان
دل تي لڳي آ چوٽ اکرين جو خير ٿئي
معافي گهران ٿو مولا پنهنجي گناهه جي
توبه ڪيان ٿو دل سان ٻچڙن جو خير ٿئي
انسان آهه بيوس ڇا ٿو ڪري سگهي
هر شيءِ تي تون حاوي، دکين جو خير ٿئي
قادر ڪريم آهين، رحمان رحيم آهين
صدمه سبب ٽٽل دلين جو خير ٿئي
صبر جميل جي توفيق ٿئي عطا
ويٺي وڃي نه ساهه ساهن جو خير ٿئي
دنيا جهان فاني هر چيز آهه فاني
ان سان نه نينهن لائڻ وارن جو خير ٿئي
هر ڪنهن سان خير ٿئي، ڪنهن سان نه وير ٿئي
وڙهندڙ خبيث ويري دشمن جو خير ٿئي
توفيق ڏي خدايا! انسان ٿي رهان مان
عشق رسول جي جذبن جو خير ٿئي
الله ڪر عنايت، دل جي دنيا ٿئي روشن
مَنَ تي اچي نه ميرُ ڪو سوچن جو خير ٿئي
جنهن سان نه ٿئي پيار! راه و رسم رهي
پر جي وڃي ٿي پيار پيارن جو خير ٿئي
وڻ جي وڃن وڏا ٿي محبت ۽ پيار جا
پيارن انهن وڻن جي ڦلڙن جو خير ٿئي
مرجهائجي نه مکڙيون گلڙن سنديون وڃن
سرهاڻ ڏين سڀ کي مکڙين جو خير ٿئي
پيدا ڪرين جي ٻارڙا خالق! خدائيءَ ۾
خلقيل انهن ٻچن ۽ ٻارن جو خير ٿئي
”سانگي“ سدائين تنهنجو گولو غلام آهي
پيري سندو پهر آ محبن جو خير ٿئي