”عيد الفطر“
عيدالفطر جوموقعو مولا ڪيو نصيب
ٻارن ٻچن سان گڏ موجود آ حبيب
شڪر خدا ڪيان ٿو جو محتاج ڪين ڪنهن جو
آهي صحت سلامت گهرجي نڪو طبيب
پٽڙا عطا ٿيا پنج دولت ملي آ گنج
مولا ويهاريو من ۾ خاصو اٿم خطيب
فرصت جو وقت گذري،شعر و سخن ۾ يارو
دعويٰ آ دلربا جي آهيان چڱو اديب
اولاد آهه صالح ۽ رشڪ جهان رقيب
پڳدار ڳوٺ ”سانگي“ ڪونهي ڪوئي رقيب
مولا آ عرض منهنجو پوٽو مليم چوٿون
عيد سعيد آهي کلندو سندم نصيب
دل جي آ آرزو ٻيهر ڏسان مدينه
دل سان گهران دعائون تو وٽ اچي حبيب
خوش ۽ خرم آ سانگي قلبي سڪون هن کي
اڳتي آ ننگ ننگي کي ٿيندو نه هو غريب