”منزل مقصود“
من خدا مون کي ملي منزل ڪٿي
جا پڄائي منزل مقصود تي
ساري مون کي ملي شل ڪٿي
من وڃي مسرور ۽ مخمور ٿي
جي ٻڌان ٻولي مٺي ڪوئل ڪٿي
سڀ سندم قربان ڪيان مون گر ملي
درد جو دارون دوا درمل ڪٿي
اي صبا قربان توتان مون وڃان
جي ٻڌائين منهنجي آ مومل ڪٿي
شادمانا ٿي وڃن جي هو اچي
قرب جي ڪا هڪ ڪري محفل ڪٿي
شاعرن جي شاعري ٿي خوب ڀر
آ انهن ۾ جذبه بيدل ڪٿي
رونق هر دو شهر آ خوب پر
روهڙي ڪٿي ۽ پنوعاقل ڪٿي
دل اندر آ موجزن رنج و الم
جا اهي صدما سهي سا سا دل ڪٿي
دور دنيا جو اٿي فاني فنا
ڪين ٻڌنڌين نغمه بلبل ڪٿي
جن ڄڻيو پاليو وڏو ڪيو
سو ابو”ماڪن“امڙ قادل ڪٿي
ڇا خوشي مير ٿئي خدمت ڪندي
سا ٻين شغلن منجهان حاصل ڪٿي
پرت جا پياسي پراڻا ويا مري
ڪيئن مير ٿئي قرار دل ڪٿي
سار ”سانگي“ جي لهي دلبر اگر
ڪين مشڪل ڪار هي اي دل ڪٿي