”اعتراف ۽ التجا“
خطا ڪارا آهيان، جفا ڪار آهيان
بندو تنهنجو مولا مون بدڪار آهيان
سزا سخت جو مون سزاوار آهيان
گناهن تي ليڪن، شرمسار آهيان
رحم ۽ ڪرم جو طلبگار آهيان
ملي معافي موليٰ عرضدار آهيان
گناهن کان مولا مون بيزار آهيان
گناهن ۾ گذري سڄي زندگي آ
ڪيم ڪانه تنهنجي خدا بندگي ڪا
پکيڙيم دنيا ۾ گنہ گندگي جا
ختم ٿئي خدايا پر آ گندگي سا
ڪيم پاڻ آلاڻ آلودگي جا
رهي ٿي شب و روز آفسردگي سا
ٿيان نيڪ ٻانهو، ڪيان بندگي ڪا
سندءِ قرب محبت سان سرشار آهيان
خطائون ويون ٿي جو انسان آهيان
گناهن سبب مون پشيمان آهيان
محمد جو هر دم ثنا خوان آهيان
مولا تنهنجو موحد مسلمان آهيان
سندم تر جو مون ڀي چڱو خان آهيان
غنڊن لاءِ قهري خدا ڪانُ آهيان
اگر آهه پيري مگر جوان آهيان
محمد ۽ تنهنجو پرستار آهيان
ڇڏيان ٿو ڇڏيان دنيا جي ڌنڌن کي
ڦٽي ٿو ڪيان پيو سمورن ڦڏن کي
ڪيان ٿو بسيرو نُکن ۽ تَڏن کي
ڇڏي عيش عشرت دنيا جي مزن کي
وسايان ٿو هاڻي مساجد ، منارن کي
ڪڍي مَنَ مان مذهب جي ڪوڙن بتن کي
ڪيان دور انسان جي دردن دکن کي
اڙين ۽ غريبن جو آڌار آهيان
دنيا آهه فاني،فنا جو فسانو
ختم آهه ٿيڻو ڪنو ڪارخانو
نه رهندو ڪٿي ڪو، ڪوئي آشيانو
حقيقت ٿو ڄاڻي سڄو ئي زمانو
لڏيندو کٽو جنهن جو هت آب و داڻو
ٿئي ”سانگي“ جڏهين، دنيا مان روانو
ملي جاءِ جنت ۾ ٿئي شادمانو
شفاعت سندءِ جو خواستگار آهيان