”رفتار زمانه“
عشق اڄوڪو يار توائي، جي نه ڏنئه ڪجهه يار هوائي
توبه زاري توبه زاري، عمر ساري اسان گنوائي
پچر پرائي ريت نرالي، هر گهر آئي اسان نڀائي
مڪان اهو ئي مٽي اهائي، زمان اهو ئي زمين اهائي
محب اهي ئي وفا نه ڪائي، اسان ته ليڪن توڙ نڀائي
باغ اهي ئي ، ذاغ اهي ئي ، بلبل ساڳي، ٻولي ٻيائي
شاهه گدا سڀ کائڻ وارا، مست هزارين دعا نه ڪائي
يار اڄوڪو حال نه پڇ، ڏاڍن جي ڀي حال نه پڇ
هيڻن جو ڪو حال نه پڇ،ڏاڍن جو ڀي حال نه پڇ
مون کان ڪوئي سوال نه پڇ، مال ۾ پُر پَرَ صفا نه ڪائي
اڃان نه ترسو دور اچي ٿو، ترس نه ڪوئي ڪنهن تي ايندو
پنهنجو پرائو ڪوئي نه ڏسندوهر ڪو پنهنجي پيٽ ڀريندو
ڏاڍو رهندو مسڪين مرندو، مڙندو جيڪو سوئي مرندو
ڊاڙ پئي هڻبي جان ڏيڻ جي، ٿيندي نه ڪائي وعده وفائي
عشق الاهي بخش سانگي جو، سون تي يارو ڄڻ ته سهاڳو
ساهه به صدقو جان به صدقو سر تي صدقو يار نڀاڳو
قول جو يارو، پڪو پختو جڏهن به ملندو ساڳيو ئي ساڳو
صاف ۽ سٿرو طور طريقو دل ۾ رکندو دغا نه ڪائي