” دنيا فاني“
عمر يار ساري ڇڏي سي گنوائي
ڪئي سي نه ڪڏهين ڪ ڪارِ نمايان
هلون ٿا تڏهن يار ڪنڌڙو جهڪائي
ڪئي سي نه خدمت ڪا خلق خدا جي
سڄو مال ملڪيت ڇڏيو سي وڃائي
عبادت، سخاوت نه ٿي پاڻ کان ڪا
خدا شل هاڻ سندي رحمت وسائي
ثمر ساڻ ”سانگي“ نه ڪوئي کنيو آ
جو خود خدا جو پيو ٻانهو سڏائي
”ڇڏي ڏي“
ڇڏي ڏي، ڇڏي ڏي،ڇڏي ڏي، ڇڏي
دنيا جي ڌنڌن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
عمر تنهنجي باقي وڃي ڇا بچي آ
تون جهيڙن جهٽن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
وڃي ويهه مسجد تڏي تي سدا
فسادن ڦڏن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
دل و جان سان ڪر تون توبه اٿي
گناهن گندن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
ڪري ياد رب کي وٺي ڏس مزو
دنيا جي مزن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
خدا توکي اولاد صالح ڏني آ
اجاين ڪمن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
پرائي پچر کان پري ٿي پرين!
گلا غيبتن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
اٿي رات جو تون خدا ياد ڪر
ندورن ننڊن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
اڳياڙي ڀلي جي پڇاڙي ڀلي آ
براين بدين کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
دنيا آهي فاني! لڏيندين هتان!
زمين و زمن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
ارادو پڪو ڪر چڱن تون ڪمن جو
ڪمن تون ڀُٽن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
حقيقي حبيبن سان هينئڙو لڳائي
مجازي بتن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
جهان رنگ و بوءِ جو وتئه مزو
هاڻ ٻين تون سڌن کي ڇڏي ڏي، ڏي
شروع خدمت خلق ”سانگي“ تون ڪر!
پراڻن قصن کي ڇڏي ڏي، ڏي
مزو آ تڏهن جي مڪه موت ٿئي
هِتان جي دفن کي ڇڏي ڏي، ڇڏي
ونگووار تنهنجو ڪڏهن ڪين ٿيندو
مخالف مندن کي ڇڏي ڏي، ڏي
نگهبان تنهنجو خدا آهه ”سانگي“
نگهبان ٻين کي ڇڏي ڏي، ڇڏي