” حقيقت حال“
” حقيقت حال“
هندو،مسلم ۽ سِک عيسائي
آهن پاڻ ۾ ڀائي ڀائي
سنڌي مهاجر، پختون، پنجابي
سي ڀي آهن ڀائي ڀائي
بريلوي يا پڻ ديوبندي
شيعو سني ڀي ڀائي ڀائي
سياستدان سوچي سمجهي
آهي تن ۾ آندي ٻيائي
ماڻهون چاهن ٿا امن و امان
پر ليڊر آهن فتنائي
سيٺين ۽ سرمائيدارن
طبقاتي آ جنگ لڳائي
خلق سڄيءَ جو خالق هڪڙو
پر ملن آ مخلوق منجهائي
خلق جي خدمت خوف الاهي
اصل عبادت آهه اهائي
رب کي جي ٿي راضي رکڻو
من ۾ رک نه مور ٻيائي
ميٺ محبت پورهيو پائي
رزق حلال جي کاءُ ڪمائي
ناهين اڄ ڪلهه ايڪو الفت
دشمن ٿيو آ ڀاءُ جو ڀائي
وڍيو ڪهاڙي وڻ تڏهن
ڳن سندس جو سگهه وڌائي
ڪتو سدائين ڪڙم جو ويري
وات اهائي هر ڪنهن وائي
سائي کي ٿو سهي نه ڪوئي
بکئي کي ٿو ڏئي نه ڪوئي
سنڌ ۾ ويو آهه ممڻ مچي
جاگيردارن آ جٺ جڳائي
ڌاڙيلن جي پشت پناهي
ميرن، پيرن آهه ڪرائي
ڌاڙا ڦرون ماراماري
واهه جو هيءَ حڪومت آئي
بئنڪون ڦرجن ڏينهن ڏٺي جو
پوليس جي ٿئي خوب ڪمائي
تعاون ڪنهن جو ڪنهن سان ناهي
ملي نه مدد ڪنهن کي ڪائي
روڊ ۽ رستا، ريل ڀي خطرو
سفر لائقواهه نه ڪائي
فتنو آهي بر ۽ بحر ۾
شودن آهي ننڊ ڦٽائي
سٻر سوٽي کڻجي هٿ ۾
گڏهه نه ڪندو گوهي ڪائي
ٻڌڻ وارو ڪوئي ڪونهي
”جَوَ ڍيري گڏهه واهي“
وڏا وڏيرا صحيح سلامت
شريف جي آ شامت آئي
غريب، غربو وڃي ڪاڏي
ڏاڍن آهه ڪئي ڏاڍائي
قوم جي ڪثرت شرفاء غرباء
غنڊا آهن ٻهه اڍائي
ميمبر ٿيا آهن ملڪ جا مالڪ
نوڪري ٽوڪري ملي نه ڪائي
هجي ناڻو يا ڪا سفارش
ميرٽ پيرٽ آهه اجائي
آهه پريشان خلق خدا جي
ظلم آهه پڻ ڌوم مچائي
هلندي پڄندي آهي ان جي
جنهن کي آهي مٿي رسائي
انڌيرنگري چرٻٽ راجا
ملڪ ۾ ماتم خبر نه ڪائي!
ڪم نه ڪرين ٿو ڪين ڪنهن جو
واهه وڏيرا تنهنجي وڏائي
ٻڌاءِ آهين ماڻهون ڪنهن جو؟
آفيسر جي آهه پڇا اهائي
مالڪ جا ماڻهون جتيون گسائي
پُٺِ ۽ مُٺِ آهه موج مچائي
رشوت سان ٿا مال بڻائين
ڪامورن کي ڪونهي خوف خدائي
ڪونهي اختيار ڪوآفيسر کي
سندس آهي سيٽ اجائي
حڪم جو بنده اُٺڪ بيٺڪ
عوام اڳيان ڪري وڏائي
وون لئه هئا در درسوالي
هاڻي لهن سار نه ڪائي
وري اليڪشن اجهو آئي
ڌوڙ جا ملندن ٻڪ اڍائي
قتل وغارت روز ڏسن ٿا
پر ڪهل ڪنهن کي ڪين آئي
ڪڏهن ظلم جون پاڙون پٽبيون
خلق خدا جي تنگ آئي
قوم جو ڪردار نه آهه عجب
چڙهتي سورج جي ڪري پذيرائي
معيار شرافت آ بئنڪ بيلنس
حقيقت جي پر خبر نه ڪائي
وسائل رزق مهيا ملڪ ۾
پر عادت ان جي آهه گدائي
حرام و حلال جي پرواهه ناهي
جو اچي سو وڃي کائي
قدر قوم ۾ ناهي ان جو
جوخادم سچو ۽ ڪري سچائي
عِلمِ ا”صلَ جو هاڻ فقدان آ
جهالت پڻ اجها آئي ڪہ آئي
تهذيب مغرب جي يلغار آ
تباهي قوم جي اجها آئي ڪہ آئي
شامت اعمال ما صورت نادر گرفت
مٿان قوم جي آ عذاب الاهي
آهه”سانگي“ سندو تو در سوال
مٿان ملڪ جي تون ڪر ڪا ڀلائي