”بي بقا زندگي“
دم تي ويساه ناهي اويار!
ڪا هڻي ٿي سا ڪاهه اويار!
موت مٿي ٿي آهه سدائين
ويندو اوچتو ساهه اويار!
ڪوٽ واريءَ جو قائم ڪيسين!
نيٺ ته ڪِرڻو آهه او يار!
نيٺ ته ڪرڻو آهه اويار دنيا آهي دار فاني
رهڻو ڪنهن کي ناهه او يار
دنيا دورنگي خواب آ خالي
سارو ٺڳيءَ جو ٺاهه اويار!
دنيا اچ، وڃ جوئي جهان
جو آيو سو ويو آهه او يار!
جوڀن جواني ڏينهن به ٽي ٿي
ان پَڪَ ڀي ناهه او يار!
ماڳ اسان جو آ دار بقا
هلڻو اوڏهن آهه اويار!
پير، فقير ۽ حڪيم حاذق
ڏيندا سڀئي ساهه او يار!
آهه مسافر هر ڪو هتڙي
ماڳ نه ڪنهن جو ناهه آ يار!
منهنجي والد حاجي ماڪن!
پرتو توکي آهه او يار!
جنت ۾ جاءِ ڏجس ان کي
بهشت جو دروازه لاهه او يار!
ويهين صدي مهينو جنوري
هن جو ويڙا ساهه او يار!
اڻويهه سو سال نوي ۾
بابي ڏنو ساهه او يار!
سو کان هن جي عمر مٿي هئي
اٿڻ ويهڻ ۾ هو واهه او يار!
ذهن ذڪاوت عقل سلامت
حافظو هن جو واهه او يار!
مال ۽ ملڪيت پٽ ۽ پوٽا
پڙپوٽا به ڏٺاهه او يار!
موحد مليل هو لقب ان کي
راسخ رسم و راهه او يار!
چوندو هو سچ سڀ کي
توڙي هجي ڪو شاهه او يار!
هن جو مون منهنجو هن ۾
هيو سدائين ساهه او يار!
هن جي ۽ منهنجي ڪابه ڪچهري
ٿيڻي هاڻي ناهه او يار!
هن جون ڳالهيون حڪمت واريون
سانڍيل سيني ساهه او يار!
چون مئن سان مري نه ڪوئي
تازو غم پر آهه او يار!
ڏاڏو ڪٿي آ بابو ڪٿي آ
دنيا ڇڏڻي آهه او يار!
چوٿون پهر ٿي عمر سنديءَ جو
پيو ڪر الله، الله او يار!
عمر گهڻي آ گذري وئي
نيٺ ته هلڻو آهه او يار!
ڏوهه ڪيا ٿم ڏوهي آهيان
معافي ڏيئي لاهه اويار!
توبهه منهنجي اڄ کان آهي
معافي وٺي آهه او يار!
توبه واري عمر ساري
واهه نه ٻي ڪا آهه او يار!
ميٽ مدايون منهنجيون مولا
ڪوبه سهارو ناهه او يار!
رٿون ويٺو رٿين ڇو ٿو؟
ٺاهڻي ٿي سا ٺاهه اويار!
مال مڏيون سڀ هتڙي رهنديون
نيڪي هلڻي آهه او يار!
ڇو ٿوميڙين مال مڏيون پيو
نيئڙوڪجهه به ناهه او يار!
هيءُ ڀي منهنجو هو ڀي منهنجو
پنهنجو پر ڪجهه ناهه او يار!
آهين مسافر سوا گهڙيءَ جو
ستت ويندءِ ساهه او يار!
وڃين پوريندءِ مٽيءَ ۾
ڇڏ جلال و جاهه او يار!
منڙو منهنجو مڪي وڃڻ لاءِ
ماندو ڏاڍو آهه او يار!
جيئري هيڪر مڪه مدينه
شال ڏيکاري الله اويار!
”سانگي“ويٺو توکي ساري
حج تي هلڻو آهه او يار!
مڪه ۽ مدينه معافي وٺندس
اها تمنا آهه او يار!
ڇڏ اميري وٺ فقيري
سر تان سانگو لاهه او يار!
پيسو پائي نيڪ ڪمائي
ڏي خدا جي راهه او يار!
لڳ لاڳاپا ”سانگي“ سڀيئي
سانگي هاڻي لاءِ او يار!
خلق جي خدمت خوف الاهي
اصل عبادت آهه او يار!
جن سان تنهنجو قرب ۽ محبت
تن سان ناتو نباهه او يار!
جيڪي نمازون پڙهيون نٿي
قضا ڪري سي پڙهه او يار!
جيڪي اوڻايون مون سان ڪن
تن سان ليکو ناهه او يار!
نفس ڪري ٿو جنگ جا سعيا
تون به سندرو ساهه او يار!
جيڪي پسين ٿو پيو منجهه جهان
سو سڀ خدا جو آهه او يار!
جهڙي نيت تهڙي مراد
اها ئي حقيقت آهه او يار!
ڇو ٿو پَٽَ، پٽيهر پهرين؟
سادا ڪپڙا پاءِ او يار!
بنگلا ماڙيون ڦٽي ڪري تون
لانڍي ڪکائون ٺاهه او يار
گوشت مرغا ڇڏي بريانيون
سادو کاڌو کاءُ او يار!
دنيا داري ڇڏي ڪُراهي
وٺ رباني راهه او يار!
سانگي الاهي بخش سدائين
خادم تنهنجو آهه او يار