مسافر ليکڪ جي لاپته محبت
سنڌ ۽ ملڪ کان ٻاھرين ملڪن ۾ اچي کاھوڙين جيان پرڏيھي ليکڪن ته نوچيو ۽ ولوڙيو ھو (خير سان جڏھن اڃان ٺڪائي ملان، پيارا، ڌاڙيل، ۽ خودڪش بمبار نه پھتا ھئا) ته صدين سالن کان پرديسي ليکڪن، مھم جو مردن توڻي عورتن ھن ديس يا دنيا جي ھن حصي کي چڱو موچارو ڳولھي لڌو ھو. اھڙيون خبرون لکيون ھيون جو پڙھندڙ وات ڪٽلي ڪري ويھن. ھن وات ڪٽلي قوم، جنھن کي سنڌي چون، مان منھنجي مراد گھڻو ڪري سنڌي مسلمانن مان آھي، ڇو ته سنڌورڪي واڻيا ته پاڪستان کان به صديون پھرين پرديسن ۾ پڌاري پنھنجو نانءُ ۽ ناڻو پيدا ڪري چڪا ھئا، اھي جن کي ڀٽائي وڻجارا ڪوٺيو ھو.
اھڙن کوجنا تي ليکڪن مان ھڪڙو جيڪو مون به وڏو ٿي بنجڻ چاھيو ھو اھو سر رچرڊ ايف برٽن ھو، جنھن ڪراچي ۾ ڇوڪرن جو چڪلو ڳولھي لڌو ھو، جنھن اھو به ڳولھي لڌو ھو ته ڪھڙين ذاتين ۽ قبيلن جا بالغ ماڻھو، ڇا زن ڇا مرد دن کان ھيٺ وارا وار لاھيندا آھن يا نه. پيرن فقيرن ۾ ويساھ وسوڙيل قوم سنڌ جا ميلا ملاکڙا، وڏيرا، موالي، چور، چورن جون نانيون ڇا ھن، سڄي سنڌ صفا ڇا لڳي پيئي آھي، بس بابا ھليا اچو. ھن رڳو سنڌ نه پر پنھنجي دور ۾ اوڻھين صدي جي پوياڙي وارن ڏھاڪن ۾ سڄي دنيا جو خفتي ايڏو ته خفتي ليکڪ ھوجو چمڙا پوش ڪري عبدالله شيخ نالو رکي مڪي مديني وڃي حاجي جي روپ ۾ حج جا مشاھدا به ماڻي آيو، ھو پاڻ وڏو لقاءَ ھو.
ڪنھن آفريقي اترادي عرب کي سونھون بنائي ساڻ کڻي مصر جي نيل شاھ درياھ جي مھم تي نڪتو جيئن پاڻ وٽ انور پيرزادو، بدر ابڙو، اشتياق انصاري وارا نڪتا ھئا يا اھي جاپاني سياح جن کي ڪمانڊو شيخ ڌاڙيل ۽ سندس ٽولي اغوا ڪيو ھو خير اھو وري ڪنھن ٻي بادشاھي جو قصو ٿيندو. مطلب ته سر رچرڊ برٽن وڏي فلم ھو. ھن سنڌ کي ولوڙي ڏنو ھو. ولوڙي ڏسڻ ياد رکجو ھتي، ڪيئين سالن تائين ھن جو ڪتاب سنڌ ريوزيٽيڊ جي سنڌي ترجمي مان ھن جي ڪراچي ۾ انگريز فوجن ۾ ھم جنس پرستي جي حوالي سان ڳولي لڌل ڇوڪرن يا مردن جي چڪلي وارا حصا سنڌ ثقافت کاتي يا سنڌي ادبي بورڊ وارن سندي بالغ ٿيڻ تائين ڇپرائڻ کان لڪائي رکيا ھئا. ھاڻ خبر ڪونه اٿم ته ھوبالغ ٿيا يا اڃان ناھن ٿيا! پوءِ رچرڊ برٽن کي سندس ساڙ سڙئي باس ۽ سنڌ جي قبضي جي گنھگار چارلس نيپيئر کي سندس پٺيان وڏي ڀنڊي ٻاري ڏني ھئي. اياز جنھن ھن نيپيئر کي ڪتي جو وياءَ سڏيو ھو تنھن جو مجسمو لنڊن ۾ نثار ضرور ڏٺو ھوندو. ھاڻ مان کيس چوندس ته ھو ٻئي ڀيري جڏھن ولايت وڃي ته سر رچرڊ ايف برٽن جي آخري آرامگاھ تي حاضري ضرور ڏي.
سنڌ کي پنھنجي اکين کان گھڻو پيرن سان ڏسندڙ رچرڊ برٽن ھڪڙي ھنڌ لکيو ته سنڌي ماڻھو کي جيڪا شيءِ وڻندي آھي اھو ان کي رڳو اک سان نه پر ھٿ لائي به ڏسندو آھي. سنڌ کي ھڪڙي اک سان سر جان جيڪب به ڏٺو ھو ۽ سنڌين کيس پنھنجين اکين ۾ جايون ڏيئي ڇڏيون ھيون. ”سنڌ ھڪ عجيب ملڪ آھي“ مونکي نوي واري ڏھائي ۾ پوٺوھار جا لوڻياٺا پٽ پر ڏاڍو سھڻو ڏيھه ڏوريندي ڪتاس جي پراڻي مندر وٽ ھڪ پٺاڻ ملنگ چيو ھو. مان، منھنجا يار فرجاد نبي ۽ مظھر زيدي ڀي مون ساڻ ھئا.
پر يار ھي سنڌ آھي جتي نه ھر اگھاڙو شخص سرمد آھي نه ٺٺي جو ھر نينگر اڀييچند آھي، پر مان سوچيان ٿو جي ڇا ٿي پئي ھا ته ھي عرياني جي جامي ۾ ڦرندڙ سرمد دارا جي تقدير جو حصو بڻجڻ دھلي وڃڻ بجاءِ ۽ سنڌ۾ رھي پئي ھا ته پوءِ، ڇا سڄي حياتي ۽ ان کان پوءِ به اڀيچند سان گذارڻ لاءِ ڇا سنڌ گھڻي نه ھئي، پر دارا جي تقدير نه سوچي، پوءِ ھو اسان کي حسن درس ڪيئن ٻڌائي ھا ته ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ ھاڻ لڳي ٿو ته ھو رڳو رولاڪ شاعر نه پر مسافر ليکڪ به ھو.
جي ھا، ھاڻ اچون ٿا موٽي مسافر ليکڪن تي، مسافر ليکڪ سنڌ ۾ گھڻا آھن؟ ملڪ سڄي ۾ به ڪي ڳاڻ ڳڻيا، سلمان رشيد جيڪو ڄائو ئي ڪنھن ريلوي لائين واري گھر ۾ اسٽيشن ماسٽر جي گھر ريل جي ڇڪ ڇڪ ۽ سيٽي ھن جي ڄڻ ستي ۾ وڌل، جيڪو لندي ڪوتل کان وٺي راجا جي ريل تي چڙھي ٿر مٺي تائين وڃي نڪتو، منھنجي دوست گھڻ گھري مسافر ليکڪ گھڻ گھري مسافر ليکڪا عيني علي خان آھي جيڪا ھنگلاج کان وٺي پشاور تائين ۽ نيويارڪ تائين رلي وڏا وڏا ليک لکي چڪي آھي جيڪا لياري جي گھٽين ۾ گھمندي آھي ۽ سڀني مسافر ليکڪن جو گرو ۽ فقط ۽ ھڪڙو خورشيد قائمخاني ھو.
اسانجو دوست سيد منير شاھ جيترو رليو آھي جي باقاعده اھي رولاڪيون لکي ھا ته وڏو مسافر ليکڪ يا ٽريول رائيٽر ھجي ھا ھاڻ به آھي، اھڙي ريت لاڏائو قبيلي وارو روح رکندڙ منھنجي دوست امر سنڌو، منھنجو پيارو اسحاق مڱريو صفا ڳالھه ڇڏي ڏيو.
پر ڏوڪري جو ھي پيارو نثار کوکر رڳو رليو ڪونھي، پر ھن سنڌ کي نه فقط ولوڙي جھاڳي راڳي ڏٺو آھي جيڪي ڏٺو سو لکيو پر ھن ڦريل سنڌ جي ووڙ به ڪيئي آھي ڦريل سنڌ جي اھا ووڙ ئي آھي انکي واپس موٽرائي آڻڻ جي جيڪا ھن کي سمھڻ نه ٿي ڏي، جيڪا ھن جي روح کي سدا سيلاني رکي ٿي.
يعني ته ڇا تو ڪڏھن سوچيو آھي ڪنھن سان تنھنجي ياري آھي. ھن نه فقط پاڻ کي سنڌي صحافت ۾ مڃرايو آھي پر ارڏو صحافت ۾ به مون ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته نثار کوکر ۽ مان ھڪڙي ڏينھن نيويارڪ ۾ ملنداسين ۽ ان جي رستن تي رلي رھيا ھونداسين. اھو نثار ئي ھو جنھن مون کي آمريڪا ۾ ئي سنڌ ۾ اسان ٻنھي کان وڌيڪ سڃاڻپندڙ آمريڪڻ سنڌياڻي پياري ايملي ھائوز سان پھريون ڀيرو ملرايو ھو.
مسافر ليکڪن مان رضا علي عابدي جو ڪو به ميچي ڪونھي، نه ئي مون واري مرشد وسعت الله خان جو.
نثار کوکر کي اھا سدا جو سيلاني روح ھن کي صحافت ۾ کڻي آيو ھوندو ۽ ھن اھا صحافت ڪيئي آھي جيڪا ھاڻ پياري غائبستان مان غائب ٿيندي پيئي وڃي ڇو ته ان ۾ ڪيئي جان جا جوکا آھن ۽ ھن مسافر ليکڪ نثار کوکر اھي کنيا به آھن. ھتي انھن جوکن جو ذڪر ضروري ناھي، نه ته وري جان جوکي ۾ اچي سگھيس ٿي.
اھا صحافت جنھن ۾ ايوارڊ گھٽ ۽ خطرا وڌيڪ ھوندا آھن، نثار اھا وڏي واڪ ڪري ٿو. انھي ڪري ئي ھن جي ڪتاب جو (سرو) عنوان ئي لاپتا محبت آھي. ھن ھڪڙي تحقيقي ڪھاڻي انھن ماڻھن جي به لکي آھي جن بابت اڄوڪي پاڪستاني ۽ سنڌي ميڊيا ۾ ورلي ئي ڪونه لکندو آھي. پاڪستاني رياست يا ايجنسين ھٿان کنڀي کڄي ويل ماڻھو، نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن نثار ھنن جي به ووڙ ڪيئي آھي. . . سنڌ جي غائب ڪيل جواني جي، چچريل لاشن جي ۽ انھن لاءِ اتاولين مائرن جي جيڪي ھاڻ زندھ نڪي مردھ آھن.
اھڙيون ڪيئين ڪھاڻيون آھن، انھن کي آڻڻ لاءِ ۽ ھو ڪي مضمون غائب مان نه ٿو کڻي اچي پر اھو ھن سنڌ ۽ ملڪ جو زمان حاضر آھي جنھن ۾ ھو ان جي ڪھاڻي ٻڌائيندڙ به آھي، گم ٿي ويل محبتن جو جاڳيو ڀاڳيو به آھي ته عاشق به، وڌيڪ پاڻ ھن ڪتاب ۾ ڏسو سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو پھريون وٺو ڪم اکين کان، ڇو ته اھو سچ جي ڪو ٻڌائڻ وارو ٻڌائي ھا ته ان کي ڏسڻ لاءِ اوشوچواڻي اکين جي به گھرج ھوندي آھي.
اچو ته ھن عاشق جي اک سان ڏسون پنھنجي پنھنجي عينڪ ھڪ پاسي رکي. ھي جوگيڙو رتو روح آھي. انھي فرقي جو فرد جنھن کي چون ساري سنڌ پرين جو پاڇو.
ملڪ ۽ سنڌ ۾ اھا صحافت ناھي رھي، جنھن کي تحقيقاتي صحافت چيو ويندو ھو، پر نثار جھڙا ڪي ڳاڻ ڳڻيا صحافي اڃان رڃ ۾ مورن راڙ آھن، جيڪي ھن اينڪري ڪلجڳ ۾ نه موھيا نه منڊيا ويا آھن.
گھڻو لکيو ٿورو سمجھندا.
حسن مجتبى
نيويارڪ
مئي اٺاويھين 2016
ڇنڇر