درويش جي دنيا!
اسان جيئن ئي ان جاءِ تي ويجھو پھتاسين ته مون سان گڏ ويٺل سندس معتقدن ٻُڌايو ته ”اھو سامھون سائين ويٺو آھي.“ سمنڊ ڪناري ماڻھن جي شور کان پري ھو ھڪ نويڪلائيءَ واري جڳھه تي سمنڊ کي ڏنل ديوار مٿان اوڪڙو ويٺل ھو. سندس ڀرسان سندس ھڪ دوست الائي معتقد پڻ ويٺل ھو، جيڪو پنھنجي گاڏيءَ ۾ روزانو درويش کي سمنڊ ڪناري ھڪ مخصوص ٽائيم تي وٺي اچي سير ڪرائيندو آھي ۽ وري واپس وٺي ويندو آھي. مون کي يقين نه پئي آيو ته ته سادي ڪاٽن جي ھلڪي بوسڪي ڪلر جي شلواز قميص پائي، ڳلي جا فُل بٽڻ کولي، مٿي ۽ بدن کي اجرڪ ويڙھي ويٺل ھي شخص اھوئي ماڻھو آھي، جنھن وٽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ آڪسفورڊ جي پڙھيل محترمه بينظير ڀٽو سيڙجي پھتي ھئي ۽ کيس پنھنجي ھيليڪاپٽر ۾ کڻي گُھمايو ھو. مون کي واقعي يقين نه پئي آيو ته ھن درويش وٽ سنڌ جو اڳوڻو وزيراعلى سيد عبدالله شاھ پنھنجي ھيليڪاپٽر ۾ ايترا دفعا آيو، جو ھن سرائيڪيءَ ۾ سندس نالو ”ڦيريان والا شاھ“ رکي ڇڏيو ته جڏھن به ڦيري ڏئي ٿو ھيليڪاپٽر ۾ مون وٽ ضررو ٿو اچي. مون کي ته اھو ٻُڌي به عجب ٿيو ته سنڌ جو ھڪ ٻيو وزيراعلى ۽ تبليغي جماعت وارو سرگرم رُڪن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم به وٽس حاضري ڀرڻ ايندو آھي. ”اھو ته ھاڻي به مھينو کن اڳ وٽس ڳوٺ آيو ھو.“ مون کي سندس معتقدن ٻڌايو.
ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري منھنجي سامھون اجرڪ ۾ معصوماڻي انداز سان اوڪڙو ويھي ”الله خير، الله خير.“ جو ورد ڪندڙ درويش ۽ اھو ساڳيون جھڏي وارو لالڻ لاشاري آھي، جنھن کي پنھنجي ڳوٺ ۽ آسپاس وارا درويش مڃيندا ھئا پر کيس سنڌ سطح يا ملڪي سطح جي شھرت تڏھن ملي، جڏھن آڪسفورڊ جي پڙھيل پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو سندس ڳوٺ جو دورو ڪيو. سندس معتقدن ٻڌايو ته، ”محترمه اھو دورو سيد عبدالله شاھ جي مشوري تي ڪيو ھو، جنھن کيس لالڻ لاشاري جي درويشيءَ جا ڪجھه اھڙا قصا ٻڌايا، جو ھوءَ متاثر ٿي اچي جھڏي پھتي.“ ان وقت مشھور ٿيو ھو ته لالڻ لاشاري کان جڏھن محترمه پُڇيو ته ”اوھان کي جيڪو گھرجي ٻُڌايو.“ ته ان وقت لالڻ ھيليڪاپٽر ۾ گھُمڻ جي فرمائش ڪئي ھئي. مون اھا پڪ ڪرڻ خاطر خود لالڻ کان پُڇيو، پر ھن وضاحت ڪئي ته ، ”اھڙي فرمائش مي ڪونه ڪيتي ھيمانس، مائي آپ آکيا ھا . . .“
لالڻ ھونئن ته سنڌي به سُٺي ڳالھائيندو آھي، پر اسان جي گروپ سان ھن سرائيڪيءَ ۾ ڪچھري ڪئي. لالڻ لاشاري سال جا ڪجھه ڏينھن ڪراچي اچي سمنڊ ڪناري پنھنجي معتقدن سان گڏ گھُمي ٿو. شايد سمنڊ ۾ ڪا اھڙي ڪشش ضرور آھي، جو عاشقن ۽ اوشاقن کي پاڻ ڏانھن سڏيندو ٿو رھي. پر عجيب ڳالھه اھا به ھئي ته ھي درويش سمنڊ ڪناري بلڪل ان جاءِ تي ويٺل ھو، جتان ڪجھه سال اڳ اسان جو ھڪ دوست خودڪشي ڪرڻ جي ارادي سان آيو ھو، ڇو ته جنھن محبوبه ساڻس چانڊوڪي رات ۾ سمنڊ جي لھرن ڳڻيندي واعدو ڪيو ھو ته ھو ھميشه ساڻس گڏ رھندي، سا کانئس جدا ٿي ويئي ھئي. ھن پنھنجي پيار جو اظھار به انھن لھرن جو مثال ڏيندي ساڻس ڪيو ھو ته ”جيئن سمنڊ جو لھرون نه ٿيون ڳڻجي سگھجن، تيئن ئي منھنجو پيار تون نه ٿو ڳڻي سگھين.“ ان نوجوان چانڊوڪي رات ۾ ئي ان سمنڊ ڪناري ان ئي بيچ تي ڪيئن اچي خودڪشي ڪئي ھئي، سو قصو ڪنھن ٻئي ڀيري، پر منھنجي سامھون اھو لالڻ ويٺل ھو، جيڪو سنڌ جي ھاڻوڪي ”حڪمران عورت“ کان سخت بيزار ھو. ان مٿان سخت تبصرا ڪندي چوڻ لڳو، ”اينھن مائي ملڪ تباھ ڪر ڇوڙيا ھي، ڦٽيان دا فصل ڏيکو ڪنھن ڪون رقم ونھي ملي، سڀ کا ڇوڙيا ھئس.“
لالڻ لاشاريءَ سان ملاقات کان اڳ آئون کيس ھڪ اھڙو مجذوب ماڻھو سمجھندو ھُئس، جنھن کي دنيا جھان جي ڪا خبر شايد نه ھوندي ۽ پنھنجي ڌُن ۾ رھڻ وارو ھوندو، پر ھي لالڻ لاشاري نه رڳو ھاڻوڪي سياسي صورتحال ۾ دلچسپي رکندڙ ھو، پر ان کان بخوبي واقف به ھو. ھو حڪمرانن جي رُتبي سان گڏ پنھنجي رُتبي جو به گھڻو خيال رکندڙ نظر آيو، جنھن کي جڏھن فقير سائين ڪري مخاطب ٿيس ته ھن ان لفظ کي نامناسب قرار ڏيندي چيو، ”فقير لفظ جي اڳ اھميت ۽ عزت ھوندي ھئي، پر ھاڻي پنڻ وارن فقيرن اھا وڃائي ڇڏي آھي، تنھن ڪري مونکي درويش چئو الله جو درويش، جيئن ٻيا غوث قطب بزرگ آھن.“ ھن جي پنڻ وارن فقيرن سان ايتري ته نفرت ھئي، جو ڪجھه جوڳي جڏھن سندن نظرن اڳيان گُزريا ته ھن مُنھن موڙي سمنڊ طرف ڪري ڇڏيو، جيستائين اھي گذري نه ويا، ھن پنھنجو مُنھن اسان ڏانھن نه ڪيو، پر ھن عورتاڻي ڊريس ۾ خيرات لاءِ آيل کدڙي فقير سان ڏاڍي شفقت سان ڳالھايو ۽ کيس ٻُڌايو ته، ”مان الله جو درويش آھيان، دعا ڪندوسانءِ.“ ته ھن فقير کيس وراڻيو ته، ”ڪجھه پئسا ڏيو باقي دعا ته مان پاڻ جام ڪندو آھيان.“ لالڻ لاشاري اقتداري سياست ۾ ايترو ته اپ ڊيٽ ھو، جو کيس خبر ھئي ته زرداري گرفتاريءَ جي ڊپ کان ٻاھر ويل آھي ۽ جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ امن ڪرايو آھي. ھن جنرل جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو، ”اھو جيڪو فوجي ھي نه اھو ماڻھو بلا ھي . . . ڪم ڀلي پيا ڪريندا ھي . . . ڪراچي مين ڏيکو اسان سُک نال ٻيٺي ھون، اھو فوج دا ڪم ھي . . . “ جڏھن مون کيس ٻُڌايو ته اھو جنرل ھاڻي چند مھينن ۾ ريٽائر ٿيڻ وارو آھي ته ھو ايئن خاموش ٿي ويو، جھڙوڪر کيس اھا ڳالھه نه وڻي ھجي . . .
ڪراچيءَ ۾ لالڻ وٽ ٿي سگھي ٿو ڪنھن وقت خاص ماڻھن جي ڪا رش ٿيندي ھجي، پر جنھن مھل اسان پھتاسين، ان مھل ھو صرف پنھنجي ھڪ ساٿيءَ سان گڏ ڪچھري ۾ مصروف ھو. ڳالھيون ھلندي مون کيس ھڪ پٺاڻ جو قصو ٻُڌايو، جيڪو به پاڻ کي درويش سڏائيندو آھي. سوات کان ڪراچي اچي ٿو ۽ اويس مظفر جو مرشد سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو ڊفينس ۾ پنھنجي مقبوليت ايتري ماڻي چڪو آھي، جو سڀ وٽس پنھنجون پنھنجون شرٽون کڻي ويٺل ھوندا آھن. ھو سوالين جي آندل شرٽ کي ڇنڊڪو ڏيئي ان مان سندن سامھون تعويذ ۽ تالا ڪيرائي ڏيکاريندو آھي ته ” ڏس تو مٿان ڪيتري بندش آھي.“ ھڪ پٺاڻ معتقد کي ته ھن تالن ۽ تعويذن بدران ان شرٽ مان گوليون ڪيرائي ڏيکاريون ته ڏس ڪيترا دشمن تنھنجي جان جي پويان لڳل آھن، پر لالڻ جو خيال ھو ته، اويس مظفر وارو مرشد ڪرتب باز آھي. لالڻ کي ته اھا به خبر ھئي ته اويس، زرداريءَ جو ڪھڙي قسم جو ڀاءِ آھي، جنھن مان اندازو لڳو ته ھو اقتداري ڪلاس جي ماڻھن کان ڪيترو نه ويجھڙائيءَ کان واقف آھي.
لالڻ لاشاريءَ سان گپ شپ ھلي رھي ھئي ته پنھنجي فيس بڪ لاءِ سندس فوٽو ڪڍڻ جي فرمائش ڪيم، پر ھن ۽ ھُن جي معتقدن منع ڪيو ته، ”سائين فوٽو نه ڪڍرائيندو آھي.“ وري به اصرار ڪيم ته ھن چيو، ”تون ٽي وي وارو آھين، نه . . . پوءِ اھو ٽي ويءَ وارو فوٽو ڪڍ، باقي ھي صحيح ناھي . . .اھي فوٽو اخبارن ۾ اچن ٿا اخبارون رديءَ ۾ وڃن ٿيون ۽ ماڻھن جي پيرن ۾ لتاڙجن ٿيون ته الله جي درويشن جي بيحرمتي ٿئي ٿي، تنھن ڪري تون جھڏي اچ ته توکي بيان ڏيندس.“ ھن فريال ٽالپر جو طنز مان ھڪ مخصوص نالو رکي ڇڏيو آھي ۽ مون کان پڪ ورتائين ته ”اگر ان خلاف بيان ڏيان ته ھلائيندين.“ منھنجي ھا ڪرڻ تي پنھنجي ھڪ معتقد کي تاڪيد ڪئي ته، ”ھن کي جھڏي ضرور وٺي اچجان ته جيئن ريڪارڊنگ ڪري سگھي.“ ھن پنھنجي مختصر ڪچھريءَ ۾ ڪي وڏا راز، ڪي اصرار ته اسان سان شيئر نه ڪيا. پر وٽس ايندڙ سياسي اڳواڻن ۽ عام ماڻھن جا حال احوال ضرور بيان ڪيا، جنھن مان عبدالله شاھ لاءِ نه، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ته ھن دعوى ڪئي ته، ھو سندس دعا سان وزيراعلى ٿيو ھو. لالڻ جي ڳالھه ٻُڌي مون مسڪرايو، ڇو ته ارباب پاڻ ان نوڪريءَ لاءِ ڪنھن درويش جو نه، پر ھڪ جنرل جو نالو وٺندو رھيو آھي، پر ٿي سگھي ٿو درويش جي دُعا ۽ جنرل جي سفارش ڪٿي ڪنھن موڙ تي گڏجي پيا ھجن ۽ سنڌ ۾ اھڙو ڪو معجزو ٿي پيو ھجي، جو ھڪ سيٽ وارو ارباب وزيراعلى بڻيو ھجي، ڇو ته سنڌ ھونئن ئي معجزن واري سرزمين آھي، جتي ڪنھن به وقت ڪوبه معجزو برپا ٿي سگھي ٿو.