لاپته محبت
سندس گاڏي جيئن ئي باراڻ نئين واري پل ڪراس ڪئي ته ھن جو ھيانءُ يادن جي پٿريلي جبل تان نئين جي پاڻي جيان تيزرفتاري سان لڙھي ويو. ان سنھي وجود سان گھڻو ڪجھه گڏ ته ڪونه ھو، پر يادن جي لوڙھي ۾ ڳالھين جو ڪو ڳوٺ ٻڌل ضرور ھو، جيڪو وقت جي وھڪري ۾ ڪئين لڙھيو، تنھنجي انت بحر جي کيس ڪا خبر نه پئي. سندس وجود ته بظاھر ڀاءَ سان گڏ سونڊا طرف ھمسفر ھو، پر اصل سنجھا ته اتي ئي ٽڪي پئي، جتي اھا پل ھئي. . .ان ئي پل تي . . . ھا ان ئي پل تي. . .ھڪ ڏينھن اوچتو اچي ھن کيس بيھاريو ھو. . .انگريز دور جي پراڻين ڳاڙھين سرن جي پلرن تي بيھاريل پل جي ھڪ ٺل واري دڪي تي بيھي ھن کيس پنھنجي کٽارا اسٽائيل وليز جيپ مان لاٿو. . . ھو ھٻڪي پئي، سرعام سڙڪ تي ھو کيس ٻانھن کان وٺي ان پل جي وچ واري ٿنڀي تي بيھي رھيو. . .سج لھڻ ۾ اڃا دير ھئي، پر ٺٺي جون ايڪڙ ٻيڪڙ سواريون تڏھن به آيون ويون پئي. ھن جوس جو ٽن پري اڇليو ۽ کيس ڇڪي پنھنجي اڌ کليل شرٽ واري سيني سان لائي ڇڏيو . . . ھن تڪڙ ۾ پاڻ ڇڏائيندي چيو، ”اھو ڪو طريقو آھي . . .ماڻھو ڏسي ڇا چوندا؟“
ھوءَ شرم ۽ ڪاوڙ ۾ صفا ڳاڙھي ٿي ويئي، واپس وڃي پنھنجي سيٽ تي ويٺي. . ھن پنھنجو اڌ ڇڪيل ڊنھل سگريٽ پل جي اونھائي ۾ اڇليو ۽ کيس ٻانھن کان وٺي اچي ان ئي پل وٽ بيھاريو ۽ سر عام وڏي آواز ۾ ڳائڻ لڳو. . .
”تنھنجو منھنجو رشتو ناتو شايد موت ڇني. . .
ھي ياري ڪا ٻي ياري آ. . لا. . ھي ياري ڪا ٻي ياري آ. .
ناھي ماڻھن واري.“
ان وليز جيپ ۽ ڊنھل واري سفر کي ڪي پورا ٽي ورھيه گذري چڪا ھئا ۽ ھو پورو اچي اٺاويھن سالن جو جوان ٿيو ھو، جو سندس لاش ان ئي باراڻ نئين وٽان وارثن کي مليو. . ھو لاش جي ويجھو نه وئي، نه ئي اسپتال مان سندس لاش وصول ڪيو ھئائين، ڇو ته ھن سندس وارث ٿيڻ کان پاڻ ٽي سال اڳ ئي انڪار ڪيو ھو. ھو ڪير ھو، ڪٿان آيو ھو. . . کيس ڪا خبر نه ھئي، بس صرف ايتري خبر ھئس ته پوري فيڪلٽي ۾ ھن جو آواز ڏاڍو سريلو آھي ۽ ڳائي به مختلف ٿو. ھن سندس سڪل منھن تي سھيلين ۾ ڪيتريون ئي ٺٺوليون ٺاھي سندس پرپٺ مشھور ڪري ڇڏيون ھيون،پر ھن کي نه ٻڌايون ھئائين. . نيٺ ھڪ ڏينھن دل ۾ ٽھڪ ۽ اکين ۾ شرارت روڪي ھن کائنس پڇيو ھو ته ”ماني نه ملندي اٿئي ڇا، ايترو سنھو ٿي ويو آھين. . . صفا ڏٻرو. . ؟“ ھن جي شرارت ڀريل اکين کان بي نياز ٿي ھن کيس وراڻيو ھو، ”تون سنڌي لٽريچر جي شاگردياڻي آھين، ڀٽائي نه پڙھيو اٿئي ڇا؟ جنھن اسان جھڙن کاھوڙين لاءِ ئي ته چيو آھي ته . . .
سڪا منھن سندن، پيرين پراڻا کيٿڙا. .
سا جوءِ ڏوري آئيا، سونھان جت منجھن،
ڳجھا ڳجھيون ڪن، تھان پراھين پنڌ جون. . .!
سو مرشد اسان ته اھا جوءِ ڏوري آيا آھيون، جتي سنڌ جون سوڪالڊ سڄاڻ ڌريون به پير پسائي آيون آھن، پر پنھنجا پاند آجا اٿئي. . . .“
ھن کي سندس سيريس جواب نه وڻيو ۽ اڌ سمجھه ۾ آيس . . پر جڏھن بعد ۾ کيس خبر پئي ته ھو پنھنجي سياسي نظرين جي بنياد تي ڪجھه مھينا لاپته بڻايو ويو ھو ۽ وري واپس آيو آھي ته کيس ڀٽائي جي سر کاھوڙي وارو اھو بيت پوري مفھوم ۽ معني سميت سمجھه ۾ اچي ويو. . ھن کي سمجھه ۾ اچي ويو ته ھو فلسطيني رومال سدائين ڳچي ۾ ڳانو ڪري ڇو پائيندو ھو، ڇو سندس ھٿ ۾ سدائين ڪتاب ھوندو ھو ۽ ڇو اڪثر بنا ڪنھن اطلاع جي ڏينھن جا ڏينھن غائب ٿي ويندو ھو.
ھنن ڪڏھن به باقاعده ”آئي لو يو“ چئي پنھنجي پيار جي شروعات نه ڪئي ھئي، پر ھڪ ڀيري ھو جڏھن کٽارا وليز جيپ تي ڪراچي وٺي ھلڻ جو چئي رھيو ھو، تڏھن اوچتو ھن يو ٽرن ورتو ۽ ڀٽائي جي در تي اچي کيس زيارت ڪرايائين. . . اھو جمعي سندو ڏينھن ھو. جمن فقير ۽ سندس ساٿي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ ويراڳ ڪري ڪارا ڌاڳا وٽي دنبوري سان گسائي زيارتين ۾ ورھائي رھيا ھئا. . ھن به اڳتي وڌي اھي ڌاڳا ورتا ۽ ڪجھه رقم فقيرن جي نذراني ۾ رکي. . پر کيس عجب لڳو ته اھو دنبوري جو گسائي فقيرن جو وٽيل ڪارو ڌاڳو ھن پائڻ کان نابري واري ۽ کيس اھو چئي موٽائي ڏنو ته “ منھنجو پنھنجي ماءُ سان ڪو وچن ٿيل آھي. اھو اجازت نٿو ڏئي ته ٻئي ڪنھن رسي ۾ پاڻ کي سوگھو ڪريان. . .“ سڄي واٽ ھوءَ منھن سڄائي خاموش ويٺي رھي، پر لھڻ مھل پڇيائينس ته ”تنھنجي امڙ جو نالو ڇا آھي؟“ اھڙي سوال تي ھو ششدر نه ٿيو، پر کيس مذاق ڪندي چيائينس، ”ڇو دعائون وجھرائيندينئس ڇا؟“ ”نه نه . . پوءِ به خبر ته پئي، اھڙي خوشنصيب ماءُ جي نالي جي، جنھن جو پٽ جواني ۾ به ايترو فرمانبدار آھي. . .“ ھن جيپ کي ٿورو اڳتي ڪندي وراڻيس. . ”سنڌ منھنجي امان. . . “
اھو جواب ٻڌي ھوءَ حيران ٿي وئي، ته اھڙا ڪي مٿي ڦريا به ٿيندا آھن ڇا . . ھوءَ پيار ۾ کيس مسلسل نظرانداز ڪندي رھي ۽ آخري سال ته ھوءَ صفا ھن کان پري وڃڻ پئي چاھي، پر سندس شاعري، آواز ۽ سندس جسم ۾ ڦھليل ڊنھل ۽ سگار جي خوشبو کيس بار بار ھن ڏانھن ڇڪي موٽائي پئي آئي. . . اھو کيس اندازو ئي نه ھو ھن جو گلوڪار ٿيڻ جو خواب، شاعري ڪرڻ، سياست ڪرڻ، برساتن ۾ ڇڙواڳن جيان روڊن تي رلي ڳائڻ، سڀ ايترو جلد ختم ٿي ويندو... ۽ ھو ڀاراڻ نئين جي تري ۾ ڪنھن ڪٺل ھرڻي جيان ڪيرايو ويندو . . .
سندس ڀاءُ سونڊا ته ڪڏھوڪو ٽپي آيو، پر ھن کي مسلسل خاموش ڏسي ھن کي ھٿ سان ڌونڌاڙيندي چوڻ لڳو.. ھي بييبي.. ڪٿي گم آھين بابا...... پھريان مڪلي ھلون يا ڪينجھر.....؟
ھن کي بارڻ نئين ۾ ٽي سال اڳ ڪريل لاش اوچتو ياد اچي ويو.... ”مڪلي ٿا ھلون جاني ڀاءُ....“
”چلو جيڪا توھان جي مرضي، پر ڪينجھر کان پھرين مڪلي ڇو....؟ سندس ڀاءُ ائين ئي لائيٽ موڊ ۾ پڇيس...
”اڄ آئون انھن فاتحن جو قبرون ٿي ڏسڻ چاھيان، جيڪي دور ديسن کان پنھنجا بکيا لشڪر کڻي سنڌ فتح ڪرڻ نڪتا، پر اڄ مڪلي ۾ بنا ڪتبي مدفون آھن... سندن پونيئر به سنڌي ٿي ويا آھن. ڇو ته ٽي سال اڳ سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ماريل فقير چئي ويو ھو ته ..... ڪير اسان ڌرتي ڌڻين جي ڪيتري به نسل ڪشي ڪري... تون مان رھون نه رھون .. فاتح سڀ سمھي پوندا.. پر سنڌ سدائين رھڻي آ....“
سندس ڀاءُ ڊپريشن جو شڪار ٿيل ڀيڻ جون ھمت واريون ڳالھيون ٻڌي وڌيڪ جذباتي ٿي ويو ۽ کانئس پڇيائين... ”اھو فقير ڪٿي آھي..منھنجو مطلب آھي.. ان جي قبر ڪٿي آھي....؟
ھن ويران ٿيل اکيون مٿي کڻي ڀاءُ کي ڏٺو، سندس آواز ڄڻ ته بارڻ نئين جي پل ھيٺان پئي آيو.. چوڻ لڳي ..”ادا اھي فقير سنڌ ۾ لاپته ٿي مرندا رھندا آھن، پر سندن قبرن جا نشان نه لڀندا آھن.....!“