بناز ۽ ممنوع محبت واري وڏيري
سنڌي وڏيري، جيڪا اڪثر اداس شامن جي ڊپريشن وارا پھر ٽارڻ لاءِ ڪنھن سپر اسٽور جي رش ۾ گم ٿي ويندي ھئي، تنھن ڪجھه وقت کان پوءِ بوريت جا اھي پھر ھڪ ريسٽورنٽ جي ڌيمي روشني ۽ ھلڪي پر لائيو ميوزڪ ۾ گذارڻ شروع ڪيا. ڪراچيءَ جي اھڙي ئي ھڪ حسين شام دوران ھن پنھنجي اشھد آڱر ۾ پاتل ٻڙي واري منڊيءَ سان ڪافيءَ جي خالي مگ کي کڙڪائيندي مون کان پڇيو، ”ساڃاھ وند . . . ھڪڙي ڳالھه ته سمجھاءِ!“ . . . سنڌ جي پڙھيل لکيل مڊل ڪلاسي دانشورن جي وقتي قلابازين سبب ھوءَ طنز مان مونکي ”مسٽر ساڃاھ وند“ ڪوٺيندي ھئي . . . ”ڳالھه اھا سمجھاءِ ته توھان ڪارو ڪاري الزام ھيٺ قتل ٿيل عورتن کي ڪارنھن جو الزام ھيٺ قتل ڇو لکندا آھيو؟ انھن کي ته محبت جي الزام ۾ قتل ٿيل لکو نه . . .“ ھن پنھنجي تازو ڊائي ڪرايل وارن جي چڳ کي جھٽڪي سان اکين تان ھٽائيندي پڇيو.
وڏيريءَ جي ڪچھريءَ ۾ پوءِ موٽي ٿا اچون. في الحال ھلون ٿا ڏکڻ لنڊن، جتي اوڻيھه سالن جي بناز ان ئي محبت جي الزام ھيٺ قتل ٿي، برطانيه جيئن ته عراقي ڪردستان يا سنڌ ناھي، جنھن جنھن کي وڻي،جيئن وڻي ۽ جنھن مھل وڻي قتل ڪري ڇڏجي، تنھن ڪري پھريان ٽي مھينا ھو لاپته رھي. پوليس کي بناز جي ڳڻتي ان ڪري ھئي، جو ھن حياتيءَ ۾ 3 دفعا پوليس وٽ اچي بيان رڪارڊ ڪرايو ھوته ھو ماڻھو منھنجو پيڇو پيا ڪن، مونکي ڪنھن به وقت ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار اھي شخص ھوندا. پوليس لاءِ بناز جو اھو بيان ئي ڪافي ھو. تنھنڪري پوليس بناز جي تلاش شروع ڪري ڏني. ڪجھه ئي ڏينھن ۾ بناز ھڪ ريپ ٿيل ۽ گھٽا ڏئي ماريل عورت جي لاش جي صورت ۾ ملي. پوليس سندس پيءُ ۽ چاچي کي گرفتار ڪيو ھو ۽ ھو حيران ھئا ته خاندان جي ڇوڪريءَ جي لاپته ٿيڻ توڙي قتل بابت سندس خاندان کي ڪا ڳڻتي ڪانه ھئي. لنڊن پوليس سالن جي محنت کان پوءِ بناز جي قتل جي الزام ھيٺ سندس پيءَ ۽ چاچي کي ته عمر قيد جي سزا ڏياري پر قتل کان پوءِ عراق ڀڄي ويل سندن ٻن ساٿين کي به واپس لنڊن آڻي جيل اماڻي ڇڏيو. اھا ڊاڪيومينٽري فلم ھڪ ناروري ڄائي پنجابي پختون مائٽن جي نياڻي پروڊيوسر ”ديا“ ٺاھي آھي.
لنڊن پوليس جو چوڻ آھي ته بناز جي خاندان مان سندس صرف ھڪ ڀيڻ پوليس سان سھڪار ڪيو، جيڪا بناز سان پيار ڪندي ھئي. بناز جي مائيٽاڻي شادي مان طلاق ٿي چڪي ھئي ۽ ھوءَلنڊن ۾ محبت جي اسير ٿي چڪي ھئي. بناز پنھنجي اڳوڻي مڙس بابت پوليس کي جيڪو بيان ڏنو ھو، سو سنڌي سماج ۾ مرداڻي سوچ پاران عورت لاءِ جوڙيل چوڻيءَ سان ڪيڏو نه ٺھڪي اچي ٿو! بناز پنھنجي مڙس بابت چيو ته مونکي ائين لڳندو ڄڻ ته آئون سندس پيرن جي ڪا جتي ھجان، جنھنکي ھو جڏھن چاھي استعمال ڪري ۽ جڏھن چاھي ڦٽو ڪري ڇڏي. ائين ئي سنڌي وڏيريءَ جي شخصي طور يا اعتماد يا آزاد خيال ننڍي ڀيڻ پنھنجي پوڙھي سياستدان مڙس لاءِ چونڊي ھئي. جيڪو ڪنھن زماني ۾ خانداني مجبوريءَ سبب ھڪ دفعو ايم پي اي ٿي ويو پر ريٽائرمينٽ جي عمر ۾ به مھمانن سان ھٿ ملائيندي يا وزيٽنگ ڪارڊ پيش ڪندي مستقل ٿي ويل کنگھه روڪيندي چوندو ھو، ”ايڪس ايم پي اي“.
ان اڌڙوٽ عمر جي وئي کاھي چڙھيل وڏيريءَ سان پھرين اچانڪ سان ملاقات ته ”آغاز“ تي ٿي، جتي اسان حقو پاڻي وٺڻ ھر ھفتي ويندا ھئاسين. ان اسٽور ۾ پرفيومز واري پاسي کان گذرندي الٽرا ماڊرن بيھڪ واري عورت تي نظر پئي، جيڪا مختلف برانڊ وارا پرفيوم چيڪ ڪري رھي ھئي، ھن اوچتو ھڪ بيڪار پرفيوم پنھنجي نڪ جي ويجھو آندو ھونئن ته سيلز بواءِ سان ھن ڳالھايو انگريزي ۾ پئي، پر جڏھن پرفيوم جي تيز بوءِ کيس تنگ ڪيو ته ھن کان سنڌي ۾ بي اختيار سندس تڪيو ڪلام نڪري ويو ”باھ لڳيس!“ سندس تڪيه ڪلام منھنجي چھري تي فطري مرڪ آڻي ڇڏي. جنھن کي ڏسي ھن پڇيو ”آر يو سنڌي؟“ مون ھائوڪار ڪئي پر اھو به ٻڌايومانس ته، ” وڏيرڪا بيٽا ٽائيپ ناھيان“ جنھن تي ھوءَ کلي پئي.
ان ملاقات کي اڃا ڪجھه ئي ڏينھن ٿيا ھئا ته آئون باٿ آئي لينڊ ۾ ڪنھن ڪم سانگي نڪري ويس. شام جو ھلڪي ھلڪي برسات پئجي رھي ھئي ۽ منھنجو پنڌ به ڪونه پئي کٽو، اوچتو سامھون ايندڙ گاڏي ذري گھٽ مون پيادل ماڻھوءَ جو سر کڻڻ واري ھئي. اھا گاڏي ائين ٿيڙ کائي ھلي رھي ھئي ڄڻ ته نشي ۾ ھجي. گاڏي رڪي، ڊرائيور سائيڊ جو شيشو کليو ته ساڳي وڏيري ويٺل ھئي. گاڏي اندر ڪلام پئي ھليو، ”روئندي عمر گذاري، يار دي خبر نه ڪائي.“ ان ڪلام سبب الاءِ ڪنھن ڪنھن تڪليف سبب ڳوڙھا وڏيريءَ جي ڳلن تان ائين تيز ڳڙي رھيا ھئا، جيئن جبل تان برساتي پاڻي. ھن پھريان معذرت ڪئي، بعد ۾ ڄاڻ سڃاڻ کان پوءِ اتي ڊراپ ڪيو، جتي مونکي وڃڻو ھو. ان ڄاڻ سڃاڻ جي سالن دوران ھن پنھنجي بناز جھڙي ڀيڻ جي ڪھاڻي ٻڌائي، ڀائرن جنھن جي پوڙھي ”ايڪس ايم پي اي“ سان شادي ڪرائي ڇڏي. سال کان پوءِ ھن طلاق وٺڻ چاھي ته ڀائرن نه مڃيو ٻيو سال ھوءَ ڳوٺان نڪري ڪراچيءَ ۾ مڙس کان ڌار اچي ويھي رھي، ڀائرن کيس سمجھايو ته ان ”ايڪس ايم پي اي“ جي عمر جي ھاڻ ڪا گارنٽي ناھي، تڪڙ نه ڪر، سندس سڀ ملڪيت ھٿ ڪريون ۽ پوڙھو مري ته جان ڇٽي پر ھن ائين نه ڪيو. ”ساڃاھ وند! توکي خبر آھي ته محبت ۾ ڪيڏو گھمنڊ ۽ غرور ھوندو آھي. ھن جي پرواز ستين آسمان تي ھوندي آھي، منھنجي ڀيڻ به ائين ڪيو، پنھنجي ھڪ پراڻي ڪلاس فيلو سان ٿيل محبت جي خاڪ ۾ ھن ٻيھر چڻنگ ٻاري، پوءِ ته محبتن جا مچ ٻري پيا.“
وڏيريءَ سانيتڪيءَ ڊرائنگ روم جي ھر فرنيچر تي اداس نظر اڇليندي چيو، ”ھوءَ حياتي جي آخري ٻن سالن ۾ ڏاڍي خوش خوش رھندي ۽ ڳالھه ڳالھه تي ٽھڪ ڏيندي ھئي، ھن خانداني رسمون، بندشون، عزتون، ملڪيتون، جائيدادون سڀ اسان کي ڏنيون ۽ پاڻ صرف ھڪ محبت کنيائين، اھا به کيس راس نه آئي.“ وڏيريءَ قسطن ۾ ڳالھه ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀائر ڳوٺ واري بنگلي تي فيملي جي ”مينگو پارٽي“ جو چئي ھن کي دوکي سان وٺي ويا. ڳوٺ واري بنگلي تي وڃڻ کان اڳ ھن پنھنجي وڏي ڀيڻ کي ٻڌايو ته ھوءَ ايندڙ ھفتي ھميشه ھميشه لاءِ نيويارڪ پئي وڃي، جتي سندس اھو محبتي ڪلاس فيلو رھندو ھو. ھو ٻئي گڏ رھندا، ٻئي نوڪري ڪندا، گھر ٺاھيندا پر ھن ڪارنھن جي جھنم مان ته نڪرندا. وڏيري ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ڳوٺ وڃڻ کان اڳ ڪار پورچ مان موٽي آئي. ”منھنجي اجرڪ پائي، مٿو ڍڪي ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ ۾ ڏسي چيائين: ”آپي! پنھنجي ثقافت به لش اٿئي.“ اجرڪ، ڳوٺ جي گرمي ۽ مينگو پارٽي . . . .ھو ڪلھا لوڏيءَ وڃي ڊبل ڪيبن ۾ ڀائرن سان ويٺي، پر وڏيري کي خبر نه ھئي ته ھوءَ سندس اھا آخري ادا ڏسي رھي ھئي. ھن ٻڌايو ته ڀائرن ڳوٺ واري بنگلي کان ڪجھه ئي ڪلوميٽرن تي وھندڙ درياھ ڪناري گاڏي بيھاري ڇڏي، وڏيري ھوٽل جي ٽيبل تي ٻئي ٻانھون کوڙي ڪنڌ جھڪائي چيو، ”خبر اٿئي! ڪراچي مان نڪري عام طور اسان ستين وڳي شام تائين ڳوٺ پھچي ويندا آھيون. ان شام ستين وڳي منھنجي اجرڪ ۾ ويڙھيل ڀيڻ مينگو پارٽي اٽينڊ نه ڪري سگھي ان کي رستي ۾ لاھي درياھ ڪناري گوليون ھڻي لاش درياھ ۾ لوڙھيو ويو.“ وڏيريءَ ٻڌايو ته ڀيڻ جي قتل کان پوءِ مون کي شام جو ستين وڳي واري ٽائيم، ”مينگوز ”انبن“ ۽ گرميءَ جي ڏينھن کان سخت چڙ آھي. اھي شيون مونکي ڊپريشن ڪري ڇڏينديون آھن. باقي اجرڪ مان شوق سان پائيندي آھيان، ڇو ته اھا محبت ۽ شھادت جي نشاني آھي، قبر تائين گڏ ھلي ٿي.
ڳوڙھا ته ھن جا سڪي چڪا ھئا پر ھن قھري طنز مان چيو، ”بندوق گارڊن نه ھلائي ھئي، منھنجي ڀائرن ھلائي، آخر غيرت وارا ھئا . . . پرائي مرد ھٿان ڪيئن مارائين ھا پنھنجي سڪيلڌي ڀيڻ کي.“ . . . .مونکي خبر ناھي ته پڃري ۾ بند آسٽريلوي طوطن ۽ ايڪوريم جي ننڍين مڇين سان اڪثر پنھنجي اڪيلائي شيئر ڪندڙ اھا وڏيري اڃان به جيئري آھي يا نه، پر اھا حقيقت آھي ته عراق ھجي يا انگلينڊ يا سونھاري سنڌ . . . پر ان ۾ بناز ۽ اداس وڏيريءَ جھڙين عورتن لاءِ محبت ممنوع بڻيل آھي.