جن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو!
ھاڻي ڪي کاھوڙي تو جيان سائيڪلو اسٽائل پمفليٽ ڇپرائي ڪونه ٿا ورھائين، نه ئي ڪو نقلي پروفيسر دونھيدار ليڪچر پيو ڏئي، پر ھاڻي اھڙا ڪيئي کاھوڙي دانشور گڏ ٿي پنھنجي پنھنجي سول سوسائٽي جوڙي ويٺا آھن، جيڪي جمھوري سرڪار کان پنھنجي انقلابي ھئڻ ناتي رعايتون وٺندڙن جي قطار ۾ آھن ۽ وقت اچڻ مھل تنھنجي تصوير ائين اسٽيج تي رکن ٿا، جيئن شھر جا فيشني ڇوڪرا ڪامريڊ چي گويرا جي تصوير پنھنجي نئين ماڊل واري گاڏيءَ تي ھڻائي ھلن ٿا ۽ کين ان جي ڪارنامن جي ته ڇڏيو، نالي جي به خبر ناھي ھوندي ته چي گويرا آخر ڪير ھو ۽ ڪٿان جو ھو.
انھن سالن دوران انقلاب جي نالي ۾ ڪھڙا تماشا ٿيا ۽ تنھنجي ساٿين مان ڪيترا داڻا ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪيتري دام ۾ ڪريا، سا ڪھاڻي ٻئي ڀيري سھي، پر تنھنجي تصوير ھاڻي به ائين ميارون پئي موڪلي، جيئن انور پيرزاديءَ پنھنجي شاعري ۾ ڀٽائي کي ميارون موڪليون ھيون ته ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان . . . جنھن رات ۾ تو ٿي گيت لکيا، سا رات اڃا به جاري آ . . . “ سو ڪامريڊ سنڌ مٿان اھا رات اڃا به جاري آھي، جنھن رات جي اونداھيءَ ۾ تنھنجو لاش ڪراڇيءَ جي اسپتال ۾ لاوارث حالت ۾ پيل ھو، ائين ئي سنڌ اڃا تازو ئي پنھنجي لاپته بڻايل راجا ڏاھر جو لاش وصول ڪيو آھي . تنھنجي لاش کان ويندي ڏاھر جي لاش تائين سنڌ گھڻو ئي ڀوڳيو آھي، پر سنڌ کي اھا صُبح نصيب نه ٿي سگھي، جنھن لاءِ اسان جي نسلن اوجاڳا ڪٽيا ۽ رت ڏنائون. ڪنھن طعنو ڏنو ته زرعي سماجن ۾ انقلاب ايترو آساني سان نه ايندا آھن، اھو طعنو ٻُڌي مون کي تنھنجو چھرو ياد اچي ويو، جيڪو اسان جي نسل لاءِ انقلاب جي علامت بڻيل ھو، پر اھا به حقيقت آھي ته سنڌ جي اجتماعي بيحسي انھن ننڌڻڪن سياسي ورڪرن جي خون تي اڃا به ساڳي آھي، جيڪا پنجٽيھه ورھيه اڳ تنھنجي خون تي ھئي. ائين نه ھجي ھا ته سنڌ جو عاشق صادق عبدالواحد آريسر تنھنجي خون تي ” ھي لاش ڪنھن جو آھي“ جھڙيون رات ڏاڙيندڙ سٽون نه لکي ھا ۽ نه ئي ان جي آخر ۾ سنڌ جي عام ماڻھن کي ميار ڏئي ھا ته اوھان کي ڪراچيءَ جي اسپتال جي سردخاني ۾ پيل لاش وڏي واڪي ٻُڌائي رھيو آھي، اھو لاش، سنڌ جي ھڪ ڪميونيسٽ حريت پسند جو آھي، جنھن جو نالو نذير عباسي آھي. شايد! توھان سڃاڻندا نه ھجو ، ڇو ته توھان يا مير علي مراد کي سڃاڻندا آھيو يا ڇارلس نيپيئر کي. سنڌ جي اھا ئي ويجھي واري نظر ھاڻي به خراب آھي ، ھو پري کان پري ئي وڏي صاحب کي سڃاڻن ٿا ۽ وري وڏي رئيس کي. سنڌ جي اھڙي رويي کان تنگ ٿي، شيخ اياز ته چيو ھو ته، ”پنھنجا ڦٽ پراڻا ھئا يا ھي ويڄ اياڻا ھئا.“
تنھنجي ورسيءَ جي مناسبت سان اھو آسانيءَ سان لکي پئي سگھيس ته تو ٽنڊوالھيار جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ھڪ غريب پورھيت جان محمد عباسي جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ پنھنجي شاگرديءَ واري خرچ ڀرڻ لاءِ ملز ۾ مزدوريون ڪيون ۽ مزدور ھاريءَ جي حڪمرانيءَ واري حق لاءِ جدوجھد ڪندي، پنھنجي جان ڏني . . . پر اھو سفر ايترو آسان ناھي، ڇو ته تنھنجي انقلابي شخصيت جي چاپ ھر انقلابيءَ جي من تي اڃا به ايتري تازي اڪريل آھي، جيتري ڪنھن محبوبا جي چپن تي پيار جي پھرين چُمي اڪريل ھوندي آھي.1980ع واري ڏھاڪي جي آخر ۾ 1990ع واري ڏھاڪي جا اھي شروعاتي سال جڏھن تنھنجي تصوير ھاسٽل جي سُلجھيل سياسي ڪارڪنن جي ديوارن تي نمايان ھوندي ھئي، تڏھن تنھنجو معصوم چھرو پاڻ ئي پاڻ انصاف، آزادي ۽ انقلاب جي گھُر ڪندو ھو. انھن ڏينھن ۾ يا ته نظير عباسي جي تصوير ھوندي ھئي يا وري چي گويرا جي، جيڪا ھاسٽل جي ديوارن تي لڳل ھوندي ھئي.
منھنجي توسان ڪا روبرو ملاقات ٿيل ڪونه ھئي، نه ئي ڪو توھان جي پارٽيءَ جو ڪو پيڊ يا پڪو ورڪر ھئس، پر مون کي تنھنجي ذاتي ۽ سياسي شخصيت پرزن پرزن ۾ سالن سالن ۾ ملندي رھي ۽ آئون ان سنڌي ڪميونسٽ پارٽي جي تصوير ذرا ذرا ڪري ڳنڍيندو ۽ تصورن ۾ جوڙيندو رھيس، جنھن ھٿين خالي رات جي بگھڙن کي للڪاري وڌو ھو. جيڪو ڪنھن رئيس يا نواب جي اولاد ڪونه ھو، پر ھڪ عام سنڌي پورھيت جو پُٽ ھو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جي جوش ۾ ڪميونسٽ نظريو اختيار ڪيو، ورنه سندس ساٿ ۾ اھي به يو پي سي پي جا انقلابي ھئا، جن پنھنجي انقلابي ھجڻ واري ڪوٽا تي پنھنجون اھي ڌيئرون ۽ پُٽ به ماسڪو تعليم لاءِ موڪليا، جن واپسيءَ تي ملڻ لاءِ ايندڙ ڪامريڊن کي پھرين وضاحت اھا پئي ڏني ته، ”ديکھيئي پھلي بات يه ڪه مين الحمدالله ماسڪو مين رھ ڪر ڀي مسلمان ھون اور پانج وقتي ھون . . . اڀي آگي بات ڪرين . . . “
مون کي ته ھاڻي تائين خبر ناھي ته تنھنجي نياڻي ڪٿي پڙھي ۽ ڪيئن وڏي ٿي، پر ان جي شادي جي دعوت ۾ آئون ضرور ويو ھئس. جيڪا تنھنجي عاشق ڪامريڊ غلام رسول سھتي سندس مان ۾ رچائي ھئي، مون کي تنھنجيون ڳالھيون ان ڪامريڊ شبير شر به جام ٻُڌايون، جيڪو شايد ان ڏينھن توسان گڏ ڪراچيءَ ۾ سائيڪلو اسٽائل پمفليٽ پيو تيار ڪري، جنھن ڏينھن رھزن ٽولو توکي کنڀڻ آيو ھو . . . اسان جي نسل تنھنجي يادکي ائين سانڍيو جيئن اياز چيو ته،
”مون ويندي تن جا پير ڏٺا مون ڇا ڇا مڙس مٿير ڏٺا . . .
اھو به ھڪ دور ھيو، جنھن ۾
ڇا نعرا ھئا، ڇا نينھن ھئا،
ھو مڙس ھئا يا شينھن ھئا،
ڪي ڏونگر ڏيل ڏڪائي ويا
گجگوڙ ڪري گرمائي ويا . . . “
تنھنجي ساٿين کي متان اھا مٺيان لڳي ته آئون بار بار توکي سنڌي پيو لکان، ڇو ته ان وقت جي مروج سياسي ريتن موجب اوھان جي راھ ”ميرا ڪوئي ديس نھين ميرا ديس جھان . . .“ پر يار مون ملتان کان مانسره ۽ مانجھند کان مانچسٽر لنڊن تائين گھڻو جھان سفر ۾ گذاريو آھي. مون کي نذير عباسي جيڪڏھن دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ نظر آيو آھي ته اھا ڪنڊ ڪنھن نه ڪنھن سنڌيءَ جي دل واري ڪنڊ آھي. تنھنجا آدرش تنھنجا نظريا ڀلي ته ڪھڙا به ھجن، پر اھي بدبودار سينواريل سماج کي بدلائڻ جا خواب ھئا. ھن اسٽيٽسڪوکي جيئن جو تيئن رکڻ وارا جتن ڪونه ھئا. تنھنجي راھ اڃا تائين ڌُنڌلي ڪونه ٿي آھي، جيئن شيخ اياز جو ”وڄون وسڻ آيون“ وارو ڪتاب سنڌ جي جوانيءَ ۾ ممنوع يا فرسوده ڪونه ٿيو آھي.
ھاڻي ته سنڌ ۾ اھو ماحول ناھي رھيو، جڏھن بيدل مسرور جو ميوزڪ بينڊ ھر ھنڌ ڳائيندو ھو ته ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ پر ھاڻي خود بيدل مسرور انقلاب کان وڌيڪ انھن جنن ڀوتن جي پويان ڊوڙندي ملي ٿو، جيڪي سندس سچل واري گھر مان وقت بوقت غائب ٿيندا رھن ٿا. اھڙي ماحول ۾ سنڌ جو ڀوتارڪو نظام اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيو آھي. ھاري ۽ مزدور ھاڻي انقلابي ھر اول دستو نه، پر ڀوتار جا ڪمدار بڻيل آھن. اھڙي گگھه اونداھ ۾ وري به تو جھڙا ڪي چريا سنڌ پيدا ڪندي رھي ٿي. جيڪي ديس ۾ ڦھليل دھشت ۽ منافقت کان پري گذاريندي ڪويلين کي وطن واسين لاءِ سنديس ڏين ٿا ته
”وڃو ڪويليو وڃو
وڃي پرين کي چئو
اڃان پيو جيئان . . .
ڪڏھن اڦٽ مران ته پوءِ ٻه چار لڙڪ ھارجو . . .
ڪڏھن ڪڏھن ته سارجو ته ڪير ماڳ ۾ مُئو . . .“