بشير قريشي ڪيس ۽ سنجيدگي جو سوال
رتيديري باءِ پاس لڳ ان رات اسان قطار ۾ ٿي بيٺاسين ته جيئن سنڌ جي ھڪ ارڏي عاشق کي لحد ۾ لھندي ڏسي سگھون. اھا قطار توڻي جو تمام ڊگھي ھئي، پر ان قطار جي نمايان نالن ۾ پيپلز پارٽي نوشھروفيروز مان چونڊيل ايم اين اي سيد ظفر علي شاھ به موجود ھو. سنڌي قومپرستي سان به جي ايم سيد جي نظريي واري قومپرستي به عجيب لاھن چاڙھن منجھان گذري آھي. جتي وفاقي سياست ۾ يقين رکندڙ پارٽيون ۽ اڳواڻ ڪڏھن کانئس ڪوھين ڏور ته ڪڏھن مرڻي پرڻي گڏ رھيا آھن. ان رات ڪارا ڪپڙا پاتل ڏاڏو اطھر سومرو روئي به رھيو ھو ۽ ماڻھن جون قطارون به ٺھرائي رھيو ھو. قبر جي چوڌاري گڏ ٿيل ڪارڪنن جي اڪثريت جيئي سنڌ وارا روايتي نعرا ھڻي رھي ھئي، ڇو ته کين اھا واضع خبر نه پئجي سگھي ھئي ته بشير خان جھڙي ھارڊ ٽارگيٽ کي سافٽ ڪري ڪيئن ماريو ويو آھي ۽ قاتل ڪير آھي؟ سازش ڪٿي جڙي ان کي عملي جامو ڪنھن پارايو، ڪھڙا پراوا ۽ پنھنجا ان جو حصو بڻيا؟
بشير قريشي سونو چمچو وات ۾ کڻي ڪنھن به سياسي وراثت واري رئيس، مير، پير جي گھر ۾ پيدا ڪونه ٿيو ھو. ھيٺيئن وچولي طبقي جا ڏنگا ٻار جيئن پلبا آھن، تيئن ئي ھي ضيائي مارشلا جو تڙڪو لڳڻ ڪري وڌيڪ سخت ٿي پيو. ھن جي ڪا برادري ۽ ڪو قبيلو نه ھو، سواءِ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي. اھو ته ھن ارڏي عاشق ۽ درويشاڻي دل واري صوفيءَ جي نياز نوڙت جو رستو ھو، جو سندس تڏو ڪنھن ھڪ پارٽيءَ جو نه پر سنڌ جو تڏو بڻجي ويو. جتي نه پھچندڙ پنھنجو پاڻ کي مياري سمجھي پيو. اھا بشير قريشي جي غير متنازعه سياسي شخصيت ھئي، جنھن جو اعتراف صوبائي گھرو وزير منظور وساڻ به ائين ٿو ڪري ته سنڌ لاءِ بشير قريشي جون خدمتون مون کان وڌيڪ آھن. شاباش آھي انھن چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي، جن رتيديري ۾ تڏي تي پھچي بشير قريشي سان محبت جو اظھار ڪيو. اھو تڏو به عجيب تڏو ليکيو ويندو، جتي ايم پي اي نعيم کرل کان وٺي اسپيڪر نثار احمد کھڙي تائين سياستدان پھتا. جتي قبيلائي فيصلا ڪندڙ وڏيري عابد جتوئي کان وٺي سردار منظور پنھور تائين قبيلائي سردار پھتا. رتيديري ۾ گڏ ٿيل انھن ڀانت ڀانت جي ماڻھن ۾ مون کي عمرڪوٽ مان ڪھي آيل ۽ ڌرتي جا گيت بنا لالچ جي ڏھاڪن کان ڳائيندڙ جمن دربدر به نظر آيو. سڄي سنڌ اچي اھا ئي دانھن ڪئي ته ڪونڌر ڪسجي ويو آھي. رتيديري ۾ ان رات سنڌ جي جواني لحد ۾ پئي لٿي ۽ ڪارا ڪپڙا پاتل ڪارڪن ماتم ڪندي روئيندي حليم باغيءَ جون اھي سٽون بڻيل ھئا ته؛
اي زمانا! اسان جو قبيلو ڪُٺئي،
خونِ عاشق ۾ پوءِ ڀي حرارت نه آ.
رتيديري ۾ تڏي تي ويٺي مون بشير قريشيءَ جي سدوري ۽ وفادار ڀاءَ مقصود قريشيءَ کي پاڻي پيئندي ڏٺو ته مون کي پڪ ٿي ويئي ته بشير قريشي ڏنل زھر جو آسانيءَ سان شڪار ٿيو آھي. مقصود به پنھنجي ڀاءُ وانگر گلاس ۾ لاھي پاڻي پيئڻ بدران بوتل چپن تي رکي پاڻي پيئي ٿو ۽ ان رات بشير به سفر دوران ائين ئي پاڻي پيتو ھو. پاڻي ته ھنن سڄي واٽ پيتو پر ڪھڙي جڳھه تي کيس اھا مخصوص بوتل ملي، ڪنھن کي پتو ناھي. بشير قريشي ھونئن به معمولي سياسي اڳواڻ نه ھو، پر 23 مارچ واري فريڊم مارچ سندس سياسي قد ڪاٺ ۾ ايترو ته وڏو اضافو ڪري چڏيو، جو ھڪ سرڪاري بريفينگ دوران ھڪ پٿريلي چھري واري بظاھر سويلين بيوروڪريٽ سندس تصوير تي ڳاڙھي فليش پوائنٽ ھڻندي چيو، ”اس قسم کي لوگون کو مارنا پڙتا ھي مجبوري ھي.“ اھڙي ڏڪاريل ڏيھه ۾، جتي سياست زمانن کان اميرن جي در جي ڪنيز بڻيل ھجي ۽ ريموٽ ڪنٽرول ليڊرشپ سڄو ڏينھن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ اچي وات ھڻڻ واري محنت ڪندي ھجي، اھڙي دور ۾ بشير قريشي جھڙو سڌو سادو ماڻھو اچي پنھنجي ڳاڙھي جھنڊي واري جماعت کي سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي مقبول پارٽي بڻائي ڇڏي ۽ ڪراچي ۾ سنڌين کي ”اسٽيڪ ھولڊر“ بڻائي ڇڏي، سا ڪا معمولي يا ھضم ڪرڻ جھڙي ڳالھه ته نه آھي. سنڌ جي مٽيءَ کي چمندڙ ھن سياسي ملنگ پنھنجي پنڌ سان سياست جي روايتي اھل منصب، اھل تقوى ۽ مسند نشين کي ڇڙڪائي وڌو. سياسي روايتن تحت ھڪ تڪ جي اسيمبلي سيٽ کٽڻ خاطر به توھان کي الاءِ ڪيترين رياستي ۽ غير رياستي درگاھن آڏو جھڪڻو پوي ٿو. پر ھن ملنگ جي نظر ڪنھن اسيمبلي ميمبري يا سينيٽريءَ ۾ نه رھي. تڏھن ئي ھن پنھنجي ڪارڪنن لاءِ سياسي دستور بڻائي ڇڏيو ھو ته؛
ڪنھن فرعون جي ڇا لئه پوڄا ڪريون
ھڪ خدا جي نرڙ تي نشاني ھجي
(حليم باغي)
سنڌ سرڪار پاران بشير قريشي ڪيس ۾ جنھن طرح جي غير ذميواريءَ جو مظاھرو ڪيو ويو آھي تنھن مان سڀني کي اندازو ٿي چڪو ھوندو ته بشير قريشي جي جيسم مان ورتل اصل جزا ڪيئن نه غائب ٿيا ھوندا. جيئن سنڌ سرڪار جي تشڪيل ڏنل ٽيم جا ڊاڪٽر ۽ پوليس عملدار پنھنجي پنھنجي دائرن اندر بشير قريشيءَ جي موت جي ڪارڻن جي جاچ ڪري رھيا آھن، تيئن ئي ھڪ جاچ بشير قريشي سان پيار ڪندڙ ڪجھه سلجھيل ماڻھن پاران جاري آھي، جيڪا ڪٿي به رپورٽ درج نه ڪرائيندا، پر اھا رپورٽ ائين سينه به سينه نسل در نسل ھلندي رھندي، جيئن دودي سومري جي موت جي رپورٽ باقاعدي جاري نه ٿي ھئي. پر اھا رپورت سينه به سينه اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين پھتي آھي. اھا رپورٽ مرتب ڪندڙ قبيلي جي حالت اھا آھي، جيڪا شيخ اياز پنھنجي سٽن ۾ بيان ڪئي آھي. ته
اساٽ ئي اساٽ آ. . . .
ٻه چار پيرڙا کڻان ته پن پن ٿي ڇڻان،
ان قبيلي جا ماڻھو جڏھن سڪرنڊ پھتا ته کين خبر پئي ته بشير قريشي چڪن تڪا ۽ چڪن ڪڙھائي واري ماني کائي اڪيلو وڃي ڪمري ۾ ستو. سندس ڊرائيور، ڀاڻج ۽ ٻين کي بعد ۾ خبر پئي ته ھو ڪمري ۾ کنگھي رھيو آھي ۽ طبيعت خراب اٿس. بشير قريشي جنھن ڳوٺ ۾ ترسيل ھو، سو آھي دڙي مگسي، جيڪو سڪرنڊ کان اٺ ڏھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مس آھي. بشير خان جي طبيعت خراب ٿيڻ شرط ڳوٺ جي ھڪ ڊسپينسر کي سڏايو ويو، جنھن سندس بلڊ پريشر زيرو طرف وڃڻ جي دانھن ڪندي چيو، ھمراھ کي کڻو ڊاڪٽر ڏانھن. اھو ته ھر ايم بي بي ايس ڊاڪٽر به آسانيءَ سان ٻڌائي سگھي ٿو ته ماني کائڻ کان پوءِ بلڊ پريشر گھٽ نه ٿيندو آھي. ڀلي شگر جو مريض ھجي. ڳوٺ مان نڪرڻ مھل بشير قريشي کي کڻي گاڏي ۾ ڪونه رکيو ويو، پر ھو پاڻ ھلي اچي گاڏي ۾ ويٺو. ڳوٺ کان سڪرنڊ تائين سندس ڊرائيور کي مشڪل سان 3 منٽ لڳا ھوندا، پر سڪرنڊ پھچڻ شرط ڊاڪٽر گاڏي ۾ ئي ويٺل بشير قريشي جي طبيعت ڏسي ڪارڪنن کي چيو، ”ابا سنڌي اڄ يتيم ٿي ويا“ بشير قريشيءَ جي گاڏيءَ سان ميزبانن جون به گاڏيون ھيون. اھي سندس شاگردي واري زماني کان دوست ٻڌايا وڃن ٿا. جڏھن ته سندس ڊرائيور به وفادار، ڪراچي واري حملي ۾ به ان مڙسي ڪري گاڏي ٽرن ڪئي، ٻيو سندس ڀاڻج ته پوءِ شڪ ڪنھن تي ڪجي؟
ڪالھه شام بشير خان قريشيءَ جي ڀاءُ مقصود قريشي سان ڳالھه ٻولھه ٿي ته ھن ٻڌايو ته ”اسان کي اھڙا اطلاع مليا ھئا ته ادا کي ماني يا ڪپڙن ۾ اسپري ذريعي زھر ڏنو ويندو.“ ھي پھاڙ جھڙوسياسي نظريو رکندڙ غريب اٻوجھه ڪارڪنن جو سادو ۽ سختيون کائيندڙ اڳواڻ ھو، جنھن شايد ان ڳالھه کي ڪنھن خاطر ۾ نه آندو ھجي. ھو ابن ڏاڏن کان ڪرپشن ڪري اقتداري سياست ۾ اِن رھندڙ ڪردارن جيترو امير نه ھو جو بلٽ پروف گاڏين ۽ پرھيز جھڙن کاڌن طرف ھليو وڃي ھا. ھو ته اھڙو عوامي اڳواڻ ھو، جنھن کي راھ ويندي، ڳوٺ شھر مان گذرندي جيڪو مليو، سو پي ڇڏيائين، استاد بخاري چواڻي ته؛
الاءِ ته ڇا پنھنجن ڏنو بخاري،
لڳو زھر ٿي پر ڏوڪي ڇڏيو مون!
قومپرست سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ھاڻي اک پٽڻ گھرجي ڇو ته ھر ڀيري نئين حربي ۽ نئين ھٿيار سان مٿن حملا ٿيندا رھن ٿا.