بلوچن جا پنڌ ۽ ننڌڻڪا ڀڳت!
اڳوڻي آمر جيڪو فوجي ورديءَ کي پنھنجي کل چوندو ھو، تنھن جي اھا کل ته چيف جسٽس جي بحاليءَ لاءِ ھليل تحريڪ دوران ڪارن ڪوٽن وارن وڪيلن لھرائي ڇڏي، پر بلوچستان ۾ ڪيل سندس ارھ زورائيءَ جو ڪيتو اڃان تائين سڀ ڌريون لوڙين پيون. اختر مينگل تمام گھڻي اعتماد ۽ حوش حواس ۾ ڳالھائي رھيو ھو، سندس ڳالھه تان مون کي ھاڻوڪي صوبائي وزير پير مظھر جي اھا وڊيو ڪلپ ياد اچي وئي، جيڪا اڇان به يوٽيوب تي موجود آھي ۽ ڪنھن اردو ٽي وي چئنل ترجمي سميت نشر به ڪئي ھئي، محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ غم کان بي قابو ٿي وڊيو ڪلپ ۾ پير مظھر روئي رھيو آھي ۽ روئيندي روئيندي چوي ٿو ته ھو آزاد سنڌ جو شھري آھي. سندس اھڙي پاڪستان سان ڪوبه تعلق ناھي، جنھن اندر وفاق جي زنجير سمجھي ويندڙ اسان جي قائد کي شھيد ڪيو وڃي.
پير مظھر جي اقتدار کان ٻاھر ھجڻ وارن ڏينھن ۾ ڪنھن سنڌي ٽي وي چئنل جي نمائندي کي ڏنل انٽرويو جي ھاڻي ڪا به حيثيث ناھي، ڇو ته پير مظھر ۽ سندس پارٽي اقتدار جي حصول خاطر وفاق جي ان ٽٽل زنجير جي جڪڙ ۾ ٻيھر اچي ويا آھن، جنھن فارمولي تحت لنڊن جي ھڪ بلوچ اڳواڻ اتان جي سنڌي چيٽرنگ ڪلاس کي طعنو ڏنو ھو ته، ”توھان سنڌي روئڻ مھل بلوچن سان ۽ کائڻ مھل پنجابين سان گڏ ھوندا آھيو.“ پير مظھر جي ان غمزده انٽرويو کان ته ھاڻي پاڻ انٽرويو ڏيندڙ به لاتعلقي جو اظھار ڪندو، پر اھا انھن سنڌي دوستن لاءِ مثالي گذارش آھي، جيڪي بلوچن جي جدوجھد کي سنڌ ۽ سنڌين جي حالتن سان اڪثر ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. اھو الميو به ايندڙ تاريخدانن کي لکڻو پوندو ته اقتدار جي ڏينھن ۾ ھڪ ٿي لائيٽر مان سگريٽ دکائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽيءَ ۽ نواب اڪبر بگٽيءَ کي ڪيئن نه پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ غير فطري موت ڏنو. ھاڻي جڏھن آمريڪي ڪانگريس ۽ ريپلڪن پارٽي جي نمائندي ڊينا روبارڪر بلوچستان جي حق خود اراديت ۽ آزادي بابت قرار داد جمع ڪرائي آھي ته ھر طرف ھڪ قسم جي ھلچل مچي وئي آھي. ان قرار داد جمع ڪرائڻ کان صرف ھڪ ھفتو اڳ ساڳئي نمائندي روبارڪر بلوچستان تي ھڪ ٻڌڻي به سڏائي، جنھن تي پڻ پاڪستان طرفان ڳڻتيءَ جو اظھار ڪيو ويو ھو.
جنھن وقت آمريڪي ڪانگريس ۾ اھا قرار داد جمع ٿي رھي ھئي، ان وقت ڪراچيءَ ۾ بي ايس او آزاد جي اڳوڻي وائس چيئرمين ثنا سنگت بلوچ جي ڀيڻ بک ھڙتال ڪيمپ تي نعرا ھڻي رھي ھئي ته لاپته بلوچ نوجوانن کي ظاھر ڪيو ۽ عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. ثنا سنگت بلوچ ٻه ھزار اٺ ۾ مستونگ ضلعي جي ڪولپور واري علائقي مان لاپته بڻيو ۽ فيبروري ٻه ھزار ٻارنھن ۾ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. ثنا سنگت جي ڀيڻ زرينه بلوچ چوي ٿي ته ھن جي جسم تي اٺاويھه گوليون لڳل ھيون، بلوچستان ۾ ھن وقت بااختيار صرف ۽ صرف اھي آھن، جن وٽ بندوق آھي ۽ انھن منجھان به اھي بندوقباز وڌيڪ بااختيار آھن، جن وٽ سرڪاري وردي به آھي، پر ھاڻي حالتون اڄ ايتريون ته خراب ٿي چڪيون آھن، جو بلوچستان جا اصل ڌڻي بڻيل آءِ جي ايف سي بلوچستان به چوي ٿو ته اسان وزيراعلى رئيساڻي جي صلاح مشوري سان ھلندا آھيون. بلوچستان ۾ بظاھر ته فوج موجود ناھي. پر پاڪستاني فوج جو ميجر جنرل عبيدالله، ايف سي جو آءِ جي بڻيل آھي. ھن جو چوڻ آھي ته کيس پنجاھ ھزار وارو لشڪر مليل آڳي ۽ بلوچ مزاحمت ڪندڙ ڪي وڌ ۾ وڌ ٻه ھزار ٿيندا ھن. نالا کڻي ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته برھمداغ بگٽي، حربيار مري ۽ ڊاڪٽر الھه نذر بلوچ انھن مسلح گروپن جي اڳواڻي ڪن ٿا، جن وٽ پرڏيھي ھٿيار ۽ پئسا به آھن. ھاڻي سوئيزرلينڊ ۾ سياسي پناھ وٺي رھندڙ برھمداغ بگٽيءَ ۽ حربيار مريءَ ھڪ ملاقات ڪري آزاديءَ جو چارٽر به تيار ڪيو آھي، پر گرائونڊ تي الھه نذر جو ڪردار سرڪار به مڃي ٿي. برھمداغ ڀلي ته سوئيزرلينڊ رھي، افغانستان يا ڪئناڊا ۾ پر ھن ڊيرا بگٽي ۽ سوئي وارن علائقن ۾ ھن جي رٽ اڃان به ھلي ٿي. ڪجھه وقت اڳ جڏھن آئون ڊيرا بگٽي نوابن جو گولين ۽ مارٽر گولن سان تباھ ٿيل گھر ڏسڻ ويو ھئس ته مون کي ھر طرف برھمداغ جا ماڻھو متحرڪ نظر آيا. بگٽي نوابن جي بنگلن جي قطارن اندر ڪنڊ ۾ برھمداغ جو زير زمين ڪمرو به ٺھيل ھو، جتي اسان سان گڏ ھليل سپاھين بيھي تصويرون ڪڍيون. بلوچستان جي اھڙي ئي ھڪ دوري تان واپس ايندي اچي ڏھرڪي ۾ دم پٽيو ھو. تڏھن سينئر ۽ کاھوڙي ڪامريڊ مانڌل شر کي فون ڪري ڪچھري ڪئي مانڌل شر پنھنجي علائقي مان گيس جي ذخيرن جي استعمال کان اڳ مقامي آباديءَ جي ترقي ۽ تعليم لاءِڪي شرط رکيا، جنھن تان کيس وڏي جدوجھد ڪرڻي پئي، کانئس پڇيم ته تر جي وڏيرن ۽ سردارن کي به گڏائين ھا ته شايد اڃان وڌيڪ ڪامياب ٿين ھا. ڪامريڊ کلندي ھڪ سردار جو قصو ٻڌايو ته ڪيئن نه ان کيس ڳالھين جي ميز تي آندو ۽ کيس دوستاڻي تنبيھه ۾ چيو ته، ”ڇو ٿو ھروڀرو اسان کي اڪبر بگٽي بنائڻ جي ڪوشش ڪرين، تون ڀلي ڪوشش ڪر، اسان ڪڏھن به نه ٿينداسين.“ سنڌي وڏيرن ۽ سردارن لاءِ نسلن کان اھا ڳالھه مشھور آھي ته ھو اقتدار خاطر پنھنجي قومي مفادن تان تمام آسانيءَ سان ھٿ کڻي وڃن ٿا. بلوچن ۽ بلوچستان جي تازو اڀري آيل معاملن تي بحثا بحثي وارن ڏينھن ۾ ھڪ اڻ ڄاتل نمبر تان ڪال آئي ۽ ھمراھ ھڪ ميار ڏئي فون بند ڪري ڇڏي ته ”ادا ٻيلي اسان ننڌڻڪا ڀڳت سنگھه آھيون، مڙئي پارت ھجئي.“
آئون سنڌ جي اھڙن ڪارڪنن کي سواءِ ان جي ڇا چوان ته جيڪڏھن واقعي ڀڳت آھيو ته پوءِ پنھنجي ئي ماڻھن اندر ننڌڻڪا ڇو آھيو؟ پنھنجي روين، عملن ۽ طريقيڪار تي ٻيھر غور ڪريو، شايد ڪا شيءِ ڪٿان مسنگ ھجي. اسان جو نوجوان نسل ته فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ٽولز کي ذاتي خوشين جي حصول لاءِ استعمال ڪري ٿو، پر ان ئي سوشل ميڊيا کي بلوچ نوجوانن جيترو پنھنجي قومي مفاد ۾ استعمال ڪيو آھي، سو ڏسڻ وٽان آھي. عام طور پٺتي پيل سمجھيا ويندڙ اھي بلوچ ھاڻي انٽرنيت جي دنيا جا اھي ماھر بڻيل آھن، جن آمريڪي پرڏيھي کاتي کان ٽوئيٽر تان بلوچستان بابت ڳڻتيءَ جا پيغام ھلرايا. آمريڪي ڪانگريس ۾ بلوچستان بابت قرار داد جمع ٿيڻ جو ھرگز اھو مطلب ناھي ته ڪو ھاڻي بلوچستان آزاد پيو ٿئي. پر اھا پاڪستان لاءِ ڳڻتي ۽ چڙ ڏيارڻ جھڙي ڳالھه ضرور آھي، ان قسم جي قرار دادن ۽ عالمي سماعتن کان پوءِ به جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ حواسن کان ڪم نه ورتو ۽ بلوچن جي چچريل لاشن ڏيڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ته پوءِ لڳي ائين ٿو ته دنيا جو اڪيلو چڱو مڙس آمريڪا ھاڻي بلوچن جي مامري تي خاموش ڪونه ويھندو ۽ اھا ٽڪ ٽڪ پئي ھلندي.