بادل کي سمجھاءِ ! ! . . . .
برساتي تباھي ۾ بکن ۾ پاھ ٿيندڙ سنڌ ھڪ عجيب تماشي لاءِ تيار ڪيل اسٽيج بڻائي وئي آھي ، جتي ”برساتي ۽ امدادي سياست“ زورن تي آھي، ماڻھو آھن، جن کي پاڻيءَ نھوڙيءَ وڌو آھي ۽ کين اھڙو ڪو خشڪ ٽڪرو نٿو ملي جتي ھو سنڌي چوڻي موجب ”سوين پيرن کان پني ورتل“ پنھنجن پيارن کي دفنائن ۽ اسان جا اختيار ڌڻي آھن جيڪي احساسن کان ايترا ته عاري ٿي چڪا آھن جو ملڪ ۾ ته پاڻي حد کان وڌيڪ آھي پر انھن جي اکين جو پاڻي لڳي ٿو سڪي ويو آھي، جيڪي اھڙي آفت ۾ عياشي وارا بيان ”ڏيئي چون ٿا ته ڪئمپن ۾ جاءِ ناھي ته برسات متاثرن کي ترسائڻ لاءِ ھوٽلن جا ڪمرا بڪ ڪرايو. انھن ئي جا اھي بيان به عوام کي ياد آھن جن ڪڻڪ جي اٽي جي بحران وقت چيو ته ، ”اٽو ناھي ته ماڻھو چانور کائين.“ اھڙن بيانن منجھان ٻيو ڪجھه ظاھر ٿئي يا نه حڪمرانن جي سنگين مسئلن ڏانھن سنجيدگي بلڪل واضع آھي ته ھو عوام جي اھنجن کي ڪيترو نه سنجيدگي سان وٺن ٿا. بدين جيڪو تازين برساتن ۾ تباھ ٿي ويو اتان جي چونڊيل نمائندن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فھميده مرزا کي ماڻھو دبئي ۾ شاپنگ ڪندي ۽ شوٽنگ مقابلن ۾ حصو وٺندي ڏسي حيران ٿي ويا ته ھي اسان جي انھن علائقن جا چونڊيل نمائندا آھن، جن جو عوام پاڻيءَ ۾ ٻڏي رھيو آھي. بلڪل ائين جيئن تازو وزيراعظم کي ايران ۽ قازقستان جي دورن تي ويندو ڏسي ماڻھو حيران ٿي ويا. صدر زرداري اڳ ۾ ئي نوابشاھ ۾ ”پائنچا پسائڻ کان پوءِ صدارتي جھاز ۾ لنڊن پھچي چڪو آھي ۽ علاج سان گڏ الطاف حسين سان به رازو نياز جون ڳالھيون پيو ڪري، اھو ته شڪر ٿيو جو ميڊيا جي تنقيد کان پوءِ وزيراعظم گيلاني پنھنجو آمريڪي دورو ملتوي ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو وڃي ته صرف اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪري ھا، پر وفد اسي ماڻھن جو ويو پئي. ان وفد کي ته ڇڏيو صرف وزيراعظم جو روزانو 40 کان 50 ھزار ڊالر خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو ھو.
جنھن ملڪ جا سربراھ پنھنجي عوام جي ان تباھي تي ايترا ”ڳڻتيءَ“ ۾ ورتل ھجن ته پوءِ باقي دنيا ۽ امدادي ادارا آفت سٽيل علائقن جي ڳڻتي ڇوڪن، ھي ڪو جاپان ناھي جتان جا حڪمران زلزلي ۽ سونامي کي ڇھه مھينا گذرڻ جي باوجود سڪتي ۾ ورتل آھن. يارھين سيپٽمبر تي ھو نئين وزيراعظم سميت ڪنڌ جھڪائي چند منٽن جي خاموشي ۾ بيٺل ھئا. قدرتي آفتون رڳو سنڌ ۾ نٿيو اچن سڄي دنيا ۾ اچن ٿيون پر فرق صرف ايترو آھي ته باقي دنيا وارا انھن آفتن کي منھن ڏيڻ ۽ آئينده ان کان محفوظ رھڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪن ٿا. برساتن جي تباھي سنڌ ۾ نئين شاعري کي به جنم ڏنو آھي. ڪنھن دوست ايس ايم ايس ڪيو ته:
”مالڪ ھر انسان ٻڏي ويو
بابي گڏ جو ڏاج ڪيو ھو
سارو سو سامان ٻڏي ويو
رات مليو خيرات ۾ جيڪو
پيٽ بکين جو نان ٻڏي ويو
مالڪ سڏڪا دانھو سڻ تون
جيجل جو پٽ جواڻ ٻڏي ويو
مال لئه تيلو گاھ جو ڪونھي
بک تي ھر حيوان مري ويو
ٻڏڻ وارو ڪو ناھي
سارو ڄڻ ته جھان ٻڏي ويو
حڪمران جڏھن عوام جي اھنجن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن ته عوام به اھڙن حڪمرانن کي ڪنھن خاص سنيجدگيءَ سان نٿو وٺي. علي قاضي ھروڀرو نٿو چئي ته ”بابا ھي اندازِ حڪمراني ھي طرز عمل گھڻو وقت نه ھلي سگھندو.“ ڇا ھنن حڪمرانن ڪڏھن اھو غور ڪيو آھي ته ھيلوڪيون برساتون ”موسمياتي تبديليءَ جون تباھيون آھن. سنڌ موسمياتيءَ تبديليءَ جو شڪار ٿي آھي. ان کي عام رواجي ڳالھه نه سمجھو، ان کي چند ووٽن ۽ چند امدادي ٽرڪن جي ڳالھه نه سمجھو. جيڪڏھن پنجاب ۾ ڊينگي وائرس جي ايمرجنسي آھي ته ھنن سريلنڪا مان ماھر ڊاڪٽر گھرائي ورتا، شھباز شريف ته ھڪ طنز به تقرير ۾ ڪري ويو ته جيڪڏھن ڊينگي مڇر اسپري سان نٿو مري ته اسان جنرل ڪياني کي چونداسين ته ٽينڪون موڪلي ته مڇر ماريون. سوال اھو آھي ته توھان ۾ موسمياتيءَ تبديلي جي آيل آفت کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪھڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي؟ اختيار ڌڻين جي غير سنجيدگيءَ ۽ گذريل ٻوڏ دوران ڪيل رڪارڊ بدعنواين کي ڏسي عالمي ملڪ ۽ عالمي امدادي ادارا ھاڻي پوئتي ھٽي ويا آھن. اسان پنھنجي ساک ايتري وڃائي چڪا آھيون، جو ريڊ ڪراس جھڙا عالمي ادارا توبھه ڪري ڀڄي ويا، جيڪي جاپان ۾ ڇھه مھينا گذرڻ جي باوجود ڪمن ۾ مک ڪردارا ادا ڪري رھيا آھن. ريڊ ڪراس سان سنڌ ۾ اھا حالت ٿي جو ان جو گڏ ڪيل امدادي سامان جيالن پنھنجن گودامن ۾ بند ڪري ڇڏيو.
سرڪاري ادارن ۾ عدم شفافيت ڪري 13 لک متاثرين اڃا به امداد کان محروم ٻڻيل آھن. اھا ھڪ عالمي اداري جي سروي آھي جيڪي عدم شفافيت سبب آفت ھوندي به امدادي ڪمن ۾ حصو نٿا وٺن. انھن جو چوڻ آھي ته سرڪار ته سرڪار، مقامي اين جي اوز به عالمي امدادي ادارن سان ٻه ھٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. گذريل ٻوڏ دوران سنڌ جي ھڪ اين جي اوز ان متاثرن کي ڇھه ھزار ٽينٽ ڏئي عالمي اداري کان 75 ھزار ٽينٽن جو بل ورتو. جاپان ۾ زلزلي ۽ سونامي ۾ 20 ھزار ماڻھو مري ويا ۽ 80 ھزار بي گھر ٿيا ھئا. اسان مالديپ جي چاليھه ساله صدر محمد نشيد کان وڃي ٽيوشن وٺڻ گھرجي، مالديپ لڳ ڀڳ ٻارنھن سؤ جزيزن تي مشتمل ملڪ آھي، سمنڊ جي سطح وڌي وڃڻ ڪري مالديپ جا کوڙ جزيزا پاڻي ھيٺ اچڻ جو خطرو آھي. نوجوان صدر جيڪو مامون عبدالقيوم جي 30 ساله آپيشاھي کان پوءِ پھريون چونڊيل ۽ جمھوري صدر آھي. تنھن ھاڻي کان پئي انڊيا ۽ سريلنڪا سان زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالھيون شروع ڪيون آھن ته جيئن سامونڊي پاڻي اچي وڃڻ ڪري ھو پنھنجا ماڻھو منتقل ڪري سگھي. مالديپ جي ان صدر کي 2009ع ۾ ٽائيم ميگزين ”ماحولياتي ھيرو“ قرار ڏنو ھو. 2010ع ۾ اقوام متحده کيس ڌرتيءَ جو ڇيمپئن قرار ڏنو. 2010ع ۾ ئي نيوز ويڪ جھڙي معتبر رسالي دنيا جي 10 بھترين اڳواڻن واري فھرست ۾ سندس نالو ڏنو. ھالي ووڊ سندس ڪردار تي ”آءِ لينڊ پرزيڊنٽ“ جي نالي سان فلم ٺاھي. سبب آخر ڪھڙو سبب آھي سندس پذيرائي ڇو؟ ڇو ته ھو پنھنجي ماڻھن کي ٻڏندو ڇڏي لنڊن يا آمريڪا جي دورن تي نه ھليو ويو ھو، پر لنڊن مان خود ساخته جلاوطني ختم ڪري اچي پنھنجي ماڻھن سان بيٺو.