لقاءُ
ان حَسين زماني کان حياتيءَ ھاڻي ته گھڻو پري ڪري ڇڏيو آھي، پر سنڌوڪناريءَ زيتونن جي باغن ۾ ويڙھيل عاقل جو اھو ڳوٺ اڃا به سڏي ٿو، جتي سنڌ جي ھڪ اڳوڻي پريميءَ جي قبر اڄ به اداسيءَ جو اھڃاڻ بڻيل آھي. ان ئي ڳوٺ جي ھڪ ڪچي گھر جي آڳر ۾ نمن ھيٺان رکيل کٽن تي ويھي اسان سياسي ۽ ادبي ڪچھريون ڪندا ھئاسين. ان ڪچي گھر جي ٻاھران تختيءَ تي نمايان اکرن ۾ ”فقير منزل“ لکيل ھوندو ھو. تنھنڪري ئي اسان پنھنجي پياري دوست قاسم ڪيھر کي فقير قاسم ڪري سڏيندا ھئاسين. قاسم ڪيھر جي ان زماني کان ادب ۽ آرٽ سان دلچسپي اعلى درجي واري رھي آھي. انھن ڏينھن جون يادگيريون ھڪ الڳ داستان جو حصو آھن، جنھن ۾ تمام بھترين ۽ ايوارڊ يافته انگريزي فلمون ڏسڻ به شامل آھي، جن جي چونڊ قاسم ڪيھر ۽ قدير شيخ ڪندا ھئا. انھن ئي ڏينھن ۾ قاسم جڏھن کان مون ھن ئي اخبار ڪاوش جي صفحن تي ناز نوتڪاڻيءَ جي ماءٌ جو فوٽو ڏٺو آھي، مونکي اھا فلم بار بار ياد اچي رھي آھي. ھالي ووڊ جي ان ناياب فلم جو نالو پڇان ھا ته ھڪ پل ۾ قاسم ڪيھر کي ايس ايم ايس ڪري پڇي به سگھان پيو پر دل چيو ان کي به لاپته رھڻ ڏجي. ان سا ڪو مطلب؟
فلم ھڪ اھڙي انقلابي شاعر ۽ ڪارڪن جي باري ۾ آھي، جيڪو جيل ۾ آھي. جيل اندر سياسي قيدين واريون سھولتون حاصل ڪرڻ لاءِ ھو ساٿيءَ سان گڏجي بک ھڙتال ڪري ٿو. سا به مرڻ گھڙيءَ تائين. سندس ملاقات لاءِ ڪنھن به اڳواڻ يا ڪارڪن کي اجازت ناھي. خبر به ٻاھر دير سان ٿي وڃي پر ھن جي امڙ لاڳيتو نه رڳو سندس ملاقات تي ايندي رھي ٿي پر کيس يقين به ڏياريندي رھي ٿي ته ھوءَ ساڻس گڏ آھي. ان بک ھڙتالي قيديءَ جي پنھنجي ماءُ سان شايد سندس اھا آخري ملاقات ھجي ٿي. جڏھن ھو جيل جي سيخن اندران آڱريون ٽپائي ماءُ جي آڱرين کي ڇھي چوي ٿو: ”زندگيءَ جو ڪو پتو ناھي پر آئون تنھنجو ٿورو مڃڻ چاھيان ٿو، ڇو ته منھنجي سياسي نظرين سان متفق نه ھوندي به تون مون سان ھن ڏکي گھڙيءَ ۾ گڏ بيٺي رھينءَ. ٿينڪ يو موم . . “
خبر ناھي گولاڙجيءَ مان گم ٿي ويل استاد اسماعيل عرف ناز نوتڪاڻي کي اھا مھلت ملي به سگھندي الاءِ نه، ته ھو پنھنجي ان ماءُ جا ٿورا مڃي، جيڪا سندس سياسي نظرين سان الاءِ متفق ھوندي الاءِ نه ھوندي. ساڻس گڏ بيٺل آھي. ڪاوش ۾ ناز نوتڪاڻيءَ جي ماءُ ج ڇپيل فوٽو ڏسي، مونکي لڳو پٽن کي تڪليفن ۾ ڏسي مائرون لڇي ڦٿڪي پون ٿيون. اھي ساڻن گڏ آھن پر اسين مڊل ڪلاسي دانشور اھڙين مائرن ۽ پٽن کان لاتعلق بڻجي لقاءُ ڏسي رھيا آھيون. اھڙو لقاءُ، اھڙو ڪينواس جيڪو آھستي آھستي سڄي سنڌ جي شھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻيندو پيو وڃي. مصيبت اھا آھي ته سنڌ ۾ ته ڪا عاصما جھانگير جھڙي عورت ۽ آءِ اي رحمان جھڙو ڪو جھونو به ناھي، جنھن کي زندگيءَ سان ايترو پيار ھجي، جو سياسي نظرين جي بنياد تي باھ ۾ سڙندڙ پراون پٽن جو سيڪ انھن کي اچي ۽ اھي لڇي ڦٿڪي دانھن ڪن ته ڇا به ھجي کين قانوني مدد ته فراھم ڪريو. قانوني مدد جو حق ته کانئن نه کسيو. سنڌ جي نام نھاد پڙھيل لکيل ۽ مڊل ڪلاسي دانش جي زمين تي اڄڪلھه خوشامد ۽ چاپلوسي جو فصل پچي ايترو ته تيار ٿي چڪو آھي جو ذات خي خول کان ٻاھر نھارڻ ممنوع بڻجي ويو آھي.
اھا ڳالھه به ڪا گھڻو پراڻي ناھي، جڏھن سنڌ جا ٻه ترقي پسند ۽ نوجوان دانشور ھڪ سرڪاري اداري جي سيٽ حاصل ڪرڻ تان ھڪ ٻئي سان ضد پيل ھئا، انھن مان ھڪ گھڻ پاڙھو دانشور ٻئي تي دھمان ڪندي چيو، ”اڙي ڄٽ جا پٽ! توکي خبر ئي ناھي ته فلاڻي ايجنسيءَ جو ميجر منھنجو دوست آھي، ائين کنڀجي ويندين، خبر ئي نه پوندئي.“ تڏھن اڳيون ھمراھ به ڪٿان مڙڻ وارو ھو. کيس وراڻيائين، ”گھورڙئي جا پٽ! تون به پنھنجو خيال ڪجانءِ، فلاڻو ڪرنل منھنجو دوست ئي نه، مائٽ به اٿئي.“
سنڌ ۾ عجيب ماجرا آھي ته ھاڻي مسنگ يا لاپته ٿيڻ به ھڪ مھڻو ۽ ڌمڪي بڻجي پيو آھي. ان ڏينھن ھڪ سرگرم عورت کي ڪاڪي وزير فون ڪري ست سُريون ٻڌايون ۽ آخر ۾ اھا ڌمڪي ڏنائين ته، ”مائي ڏاڍو ٿي اڄڪلھه وات ھڻين. ڀلا مسنگ ٿيڻ جو شوق اٿئي ڇا؟“
سنڌ جي آلوده بڻجي پيل دانش گھرن ۾ ڪنھن کي ڳڻتي ھجي يا نه پر سپريم ڪورٽ پاران لاپته ماڻھن بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن کي ضرور آھي. جنھن جي سربراھ جسٽس (ر) جاويد اقبال پنھنجي رپورٽ ذريعي اسان جھڙن پاڻمرادو بڻجي ويل انڌن ٻوڙن ۽ گونگن کي آگاه ڪيو ته پاڪستان مان لاپته ماڻھن جو گھڻو تعداد بلوچستان نه پر سنڌ وارن جو آھي، جن کي ڪٿي ۽ ڪيئن رکيو ويو آھي، سو ھاڻي ڪو راز ناھي رھيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ان رپورٽ کان پوءِ ھڪ ماستر دانشور چيو: ادا ڇورا ڪم جو اھڙا ڪندا ته پوءِ ائين ته ٿيندن. ھن ڳالھه کي مذاق ۾ ٽاريندي چيو، ”ابا اھي پاڻ ئي ته فارسيءَ جو اھو شعر ٻڌائيندا آھن ته، اي سنڌ! تنھنجي عشق جي ڏوھ ۾ ڏس ھي مونکي ڪھن ٿا . ڪھڙو نه سھڻو لقاءُ آھي، تون به ڪوٺي تي چڙھي اچي ڏس!! . . . سو ابا اسان به پنھنجي ڇت تي چڙھي لقاءُ ڏسون پيا. سنڌ جي ھڪ پوري نسل تي اڄ امتحان جي آزمائشي گھڙي آيل آھي ۽ اسين وظيفي خور درٻارين جيان ان نسل جو سياسي نظرياتي اختلافن جي بنياد تي ذڪر ڪرڻ کان به ڪراھت محسوس ڪريون ٿا. اسان جي آسپاس روزانو ٿيندڙ ان لقاءُ کان اسان ايترو ته اکيون پوري ويٺل آھيون جو گھوٽڪي جي اھا خبر به اسان کي الجزيره وارا ٻڌائين ٿا ته ذاڪر بوزدار کي امتحاني سينٽر تان پرچو ڏيندي پڪڙي ويا.
اھي ڇوڪرا جن جي جسمن تي سگريٽ اجھايا پيا وڃن سي جيئن تيئن ڪري پنھنجو وارو ته وڄائي ويندا پر اسين ھڪ خوشامدي طبقو ٿي رھجي وينداسين. اسين وظيفي خور ۽ تعريفن جون پُلون اڏيندڙ ھڪ وزير جي معاملي تي ھڪ سؤ نالن جي لسٽ سان وقت جي بادشاھ کي عرض ته لکي موڪليون ٿا پر سنڌ اندر جاري انساني حقن جي لتاڙ خلاف اسان نام ڪٺين مردن جي ديس ۾ اڪيلي مرد عاصما جھانگير جو انتظار ٿا ڪريون ته ھوءَ بيان جاري ڪري. اسين واقعي ھڪ رحم جوڳي حالت ۾ آھيون. صرف تماشو ۽ لقاءُ ڏسڻ جا عادي گوڏن نڪتل ملھه.
جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ڪميشن رپورٽ کان پوءِ ھڪ پرڏيھي صحافيءَ اسلام آباد ۾ مونکان پڇيو ته اھي ڪير آھن، جيڪي سنڌ مان لاپته ٿيندا ۽ مرندا رھن ٿا.
مون ان انگريز صحافيءَ جي شفاف نيرين اکين ۾ نھاري ٿڌو ساھ ڀريو ۽ وراڻيو، ”اھو ھڪ بدنصيب واديءَ جو ننڌڻڪو نسل آھي، جيڪو پنھنجي عشق ھٿان ائين مجبور آھي، جيئن چنڊ لاءِ چڪور ۽ شمع لاءِ پروانا. جن جو سندن معاشرو به وارث ڪونه ٿو ٿئي پر ھو آھن، جو ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيھين جون ڪندا پيا وڃن.