مي رقصم وارو من!
منھنجي ھڪڙي خراب يا سٺي چئو، پر عادت اھا آھي ته جنھن کان آئون وڌيڪ متاثر ھوندو آھيان يا جيڪو مونکي وڌيڪ پسند ھوندو آھي ان سان ڄاڻي واڻي ملڻ کان لنوائيندو آھيان. موقعا ۽ وقت وسيلا ھوندي به ان شخص کان پيو لنوائيندس. اگر ڪٿي ڪنھن محفل ۾ملي به ويو، تڏھن به کيس اھيو ڪونه ٻڌائيندس ته آئون ڪيترو نه ساڻس پيار ڪريان ٿو . . . پر دل ئي دل ۾ کيس محبت جي اوچي خاني ۾ رکندو ايندس. ”ھمه اوست“ ۽ ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ جھڙا ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ آغا سليم کي بنا ٻڌائڻ جي دل واري ان خاني ۾ رکي ڇڏيم. باقي سالن ۾ ھن سان ڪي مختصر ملاقاتون ٿيون پر ڪڏھن به ساڻس تفصيلي ڪچھري ڪونه ٿي. پر جڏھن سندس بيماري جي خبر پڙھيم ته پوءِ خاموش ڪيئن رھان ، کيس ڪراچي واري شھر ۾ ائين ڳولي لڌوسين جيئن علي بابا کي ڳولي ھٿ ڪيو ھئوسين.
ڪراچي ڊيفينس واري سندس گھر جي ائڊريس ڳولڻ ۾ ڪراچي جي ائڊريسن کي برزبان ياد ڪندڙ پياري نديم وڳڻ کي ساڻ ڪري جڏھن اسان شام ڌاري سندس دروازي تي پھتاسين ته ان وقت سندس فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر به آيل ھيو، پر آغا جي مھرباني جنھن ڪمري اندر اچڻ جي اجازت ڏني. جيڪا سندس فيملي جي مرضي خلاف ھئي، ڇو ته ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو ھيو، جنھن ۾ گھٽ ڳالھائڻ به شامل ھوندو آھي. پر مون سان ملندي ئي چوڻ لڳو ته تنھنجا ڪالم ڪافي دفعا پڙھيا اٿم نثار . . . پر مليو اڄ آھين ته توکي ڪيئن ٻڌايان ته تون ڪيترو سٺو لکندو آھين . . . لکڻ ۾ مزو اٿئي يار لکندو ڪر . . .آغا سليم جي ڏاڙھون جھڙي ڳاڙھي حسين چھري ۽ نفيس طبيعت جا تفصيلي تعارف ته پياري نصير مرزا جي لکڻين ۾ پڙھي چڪا ھئاسين، پر مون جڏھن اک کڻي کيس گھوري ڏٺو ته ھو اسي سالن ۾ به ڏاڍي پرڪشش پرسنلٽي لڳو پيو ھو. ھن پنھنجي ان ٻانھن کي قميص جي بٽڻ سان بند ڪري رکيو ھو، جن مٿان ڊاڪٽري انجيڪشن جا نشان ڪارا داغ ڇڏي چڪا ھئا. ھو سنگل بيڊ پلنگ تي وھاڻن جي ٽيڪ سان آھليو پيو ھو. ٻئي پاسي کان سندس دوائون ۽ مشينون لڳل ھيون. ڪمري ۾ پيل ٻئي سنگل بيڊ پلنگ تي سندس فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر ويٺل ھو. اسان آغا سان ھڪ مختصر ڪچھري ڪري واپس ٿيڻ جو ارادو ڪري آيا ھئاسين پر ھن جڏھن جھوڪ جي شاھ شھيد عنايت جي پراسرار انقلابي واٽ جا ورق کوليا ۽ ڪلھوڙا دور جي تاريخ ۾ لڪل حڪمران ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جا قصا ڪڍيا ته آغا جي محفل مان ھاڻي ڪير ڪافر اٿي . . . ؟ توڻي جو سندس تيماداري لاءِ مقرر ملازم بار بار ڪمري اندر اچي اسان کي باور ڪرائي رھيا ھئا ته ھاڻي ملاقات جو وقت ختم ، پر انھن جي اشارن کان وڌيڪ عزيز اسان کي آغا جي اھا فلاسافي لڳي رھي ھئي، جيڪا بيان ڪندي ھو وجد ۾ چئي رھيو ھو ”سر بازار ۾ رقصم . . . سردار مي رقصم. . . “ ھو اسان کي سمجھائي رھيو ھو ته تاريخ ته بيشمار ظالم، بزدل ۽ بيڪار حڪمرانن جي تعريفن سان ڀري پئي آھي، جنھن ۾ چمچاگيري به شامل آھي پر تاريخ جي دز ڪجھه حقيقي ڪردارن کي اھڙو لڪائي رکيو آھي، جو شاھ عنايت شھيد به اسان کي صدين کان پوءِ ٿو سمجھه ۾ اچي. ائين ئي ميان غلام شاھ ڪلھوڙو اٿئي نثاڙ . . . . ان شام واري ڪچھري ۾ آغا سليم بار بار ميان غلام شاھ ڪلھوڙي ۽ شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪندي نيٺ چئي ڏنو ته سنڌ جي تاريخ ۾ انھن ٻنھي ڪردارن مٿان ڪو گھربل تحقيق يا ڪم نه ٿيو آھي. سو جنھن لکڻ جي تمنا ڪريان ٿو يا جيڪي ڪتاب مون کان لکڻ ۾ رھجي ويا آھن، اھي انھن ٻنھي ڪردارن بابت آھن. ھاڻي اگر صحتمند ٿيندس ته پھريون ڪم اھو ڪندس.
ان شام آغا سان مختصر ملاقات ۾ اسان سالن جو سفر طئه ڪيو، ھن ريڊيو سان پنھنجي طويل سفر جو دور ٻڌايو ته ڪيئن نه گلگت ۽ اسڪردو جي ھڏ ٺاريندڙ سردين ۾ به ھو ڊيوٽي ڪري آيو، جتي رات جو اک ان وقت پاڻھي کلي پوندي ھئي، جڏھن ھيٽر بند ٿيندو ھو. زندگي جي ان رنگ يعني نوڪري واري سفر جي پڄاڻي ته ھن جي بقول ھن شڪر ادا ڪيو، جو سندس ڳچي مان اھو طوق لٿو ۽ ھن لکڻ پڙھڻ کي ڀرڀور وقت ڏنو. سندس اکين ۾ ان ڏينھن عجيب چمڪ ھئي جنھن ۾ ڪا پريشاني، پڇتاءُ يا ڳڻتي نه ھئي. نه ته اسي سالن جو ڪو پوڙھو خطرناڪ بيماري جي بستري تي ھجي ۽ ٿڌ ساھ نه ڀري، سو ڪيئن ممڪن آھي پر ھي سردار مي رقصم وارو من ھيو، جنھن جي اکين ۾ ان اميد نئين ڄاول ٻار جيان اکيون کولي رھي ھئي. ھو سنڌ جي ايندڙ نسل مان مطمئن ھيو. سندس موڪلاڻي جو انداز به عجيب ھو. پنھنجي ويجھو ڪري ٻنھي ھٿن سان منھنجي چھري کي ڇھي چوڻ لڳو ”تون اسان جو ٻچو آھين اسان جي روايت ۾ وڏا ائين پار ڪندا آھن. مايوس ناھيون اھا پڪ سمجھه ڇو ته سنڌ جيئندي ۽ شاھ عنايت شھيد واري فلاسافي به سمجھندي. اھيو اسان نه ڪيو ته ايندڙ نسل ضرور ڪندو تنھنڪري ڪا مايوسي ڪا پريشاني ناھي .“