بي موت مرندڙ عاشق
اھو به عجيب اتفاق آھي ته ھاڻي جڏھن سنڌ جي سُريلي شاعر حسن درس جي شاعريءَ مٿان ڪجھه انتھاپسند ماڻھو اگھاڙپ جا الزام ھڻي رھيا آھن، ته سندس دفاع لاءِ اھو عاشق باقي ناھي رھيو، جيڪو سندن لاجواب شاعري برزبان ٻڌائي ھر ڪنھن کي حيران ڪري ھا. اصل ۾ ھن جو نالو عاشق ھو پر ھو ته ڪو محبوب۽ محبتن جو قدر ڪرڻ وارو ماڻھو ھو. تنھنڪري ئي ته، ڪڍڻ جھڙي لاڙ جي ننڍڙي شھر مان نڪري ھو جڏھن ھوائن ۾ ھڳاءَ جيان ھليو، ته سندس خوشبوءَ چوڦير ڦلجندي وئي ۽ حسن درس جي معرفت مون تائين به پھتي. ھِي ان عاشق انصاري جو ذڪر آھي، جنھنجو ذڪر آئون پنھنجي ويجھن دوستن سان وڏي چاھ مان ڪندو ھئس ته يار! عاشق جھڙو ڪو محبوب ماڻھو ڪونھي، تڏھن ئي ته ھن پنھنجي شادي محبتن جي عالمي ڏينھن ويلنٽائن ڊي تي رکي ھئي، انھن ڏينھن ۾ آئون ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي وچ ۾ سفر جام ڪندو ھئس. کيس شادي تي نه پھچڻ جو چيم، ته ھن ھڪ نه پر ڪيئي فونون ڪري شاعري ٻڌائي مونکي ڄڻ ته قائل ڪري وڌو ته آئون سندس ان شاديءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيان، جيڪا ٻن حوالن سان ضرور ياد رکي ويندي. ھڪ ته ويلنٽائين ڊي تي رٿيل شادي ۽ ٻي سندس ڪمھلي موت سبب تمام مختصر ڄمار واري شادي.
ڏسو عاشقن جا ڪم جو ھن جنھن مھيني فيبروري جي شادي لاءِ چونڊ ڪئي، ان ئي مھيني ۾ سندس دل کيس دوکو ڏنو ۽ ھن جي حياتيءَ جو جام باقي نه رھيو. حياتيءَ ۾ ڪي ڪي فيصلا تمام يادگار ۽ ڪجھه ماڻھن لاءِ تمام عذابناڪ ثابت ٿين ٿا. ھن جو ويلنٽائين ڊي تي شادي وارو فيصلو به ائين ئي محبتن لاءِ يادگار ھو، جيئن ھڪ دوست موھن جي دڙي ڀرسان شادي ڪئي، ته ھن پنھنجي نئين ڪنوار کي گلن ۾ توري پوءِ پنھنجي گھر آندو. عاشق 29 سالن جي مختصر حياتيءَ ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس موت تي آئون کيس روايتي رودالين جيان ڪا ميار ته نٿو ڏيڻ چاھيان ته ھو نه پيئي ھا ته شايد ايترو جلد جوانيءَ واري عمر ۾ نه مري وڃي ھا. ھن جي حياتي جيتري ھئي، ھن ڀرڀور پيار ۽ پنجھائپ سان گذاري، عاشقيءَ ۾ گذاري، محبتن ۾ گذاري. ھاڻي اھو ته نٿو چئي سگھجي ته، حسن درس ھن عاشق کي ڏسي اِھي سٽون لکيون ھيون ته.
”لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون،
اوھانکي ٻيو ڀلا ڇا چئون.؟
پر حقيقت ۾ ھن کي ڏسي ھن جي معصوم روين کي ڏسي مون کي ائين لڳندو ھو ته، ھِي ھن گدلي ماحول ۾ گھڻو وقت جيئرو نه رھي سگھندو ۽ حسن جي انھن سِٽن جي پسمنظر ۾ ڪٿي نه ڪٿي ھو ضرور موجود آھي. عاشق انصاري جي سڃاڻپ پيشي يا نوڪريءَ کان ھٽي ڪري ليکڪ ۽ ادب دوست واري ھئي پر مون کيس ھميشه حسن جو عاشق ڏٺو ۽ حسن جو حافظ سمجھيو. ھن جي شاعري ٻڌائڻ واري خوبي ان رات به اسان سڀني دوستن کي ڏاڍي پسند آئي، جڏھن نئين سال جي خوشيءَ ۾ جان محمد لاڙڪاڻي ۾ مچ مچايو، جتي احسان سومرو ۽ يامين بلوچ جھڙا قدردان اچي ميدان تي لٿا پر مون جڏھن عاشق کي فون ڪئي ته ھن بدين مان ويھي اسان جي لاڙڪاڻي واري محفل کي فون تي ئي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
عاشق اسلام آباد مان اينٿروپالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي، نوڪري پيشه ماڻھو ھو پنھنجي دوستن ۾ ھو سدائين کلڻو ملڻو ۽ پيروڊيز جو ماھر ھو. عاشق سنڌ جي انھي نسل سان تعلق رکندو ھو، جيڪو اسي واري ڏھاڪي ۾ اڀري جوان ٿيل سياسي تحريڪ کي ڊھندي مايوسين جي ڪُن ۾ ڪرندي ڏسي رھيو ھو. ھن جون ڪيتريون راتيون انھن انقلابي اڳواڻن جون پيروڊيز ڪندي گذريون، جن نئين نسل کي انقلاب جا ڏس ڏنا پر کين منزل تائين نه پھچائي سگھيا ۽ ڀريل ٻيڙو وچ درياھ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. عاشق اھڙن انقلابين جو وڏو نقاد ھو ۽ ھن انھن تي وڏيون چِٿرون پيروڊيز جي صورت ۾ ٺاھيون.
بدين جي شھر ڪڍڻ جي ڪنھن محلي ۾ اڄ جڏھن ڊاڪٽر علم الدين انصاريءَ جي ڪلينڪ جي آسپاس ھن عاشق کي سندس ورسيءَ جي مناسبت سان ياد ڪيو ويندو، ته پوءِ حسن درس کي به ضرور ياد ڪيو ويندو. جيڪو ھن جو واقعي ڪو عاشق ھو. جيڪو حسن درس تي حجتون به ھلائيندو ھو. عاشق پنھنجيون سموريون تخليقي صلاحيتون نثر ۾ لکڻ سان گڏ نظم ۾ حسن جي شاعريءَ ياد ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ھيون. ھن جون حسن سان وڏيون حجتون به ھيون. ڪنھن محفل ۾ ھو کيس بدين سڏائي ۽ حسن نه اچي. ائين ڀلا ڪو ٿي سگھي ٿو. ڪنھن ڀيري ھڪ محفل ۾ حسن جي اوچتو اچي وڃڻ تي سنگت کيس ڏسي حيران ٿي، ته ھن عاشق ڏانھن اشاروڪندي چيو، يار! عاشق سَڏين ۽ محبوب نه اچن ائين به ڪوٿي سگھي ٿو. حسن درس سان ھن جي محبت ايتري شديد ھئي جو ھن حسن درس جي موت کي دل سان ڪونه قبوليو. گھر ۾ به ھر وقت يو ٽيوب تي حسن جي شاعري ٻڌندو ۽ روئندو رھندو ھو. ان ئي ڪيفيت ۾ کيس جڏھن پٽ ڄائو، ته ھن ان جو نالو حسن رکيو ۽ سڀني دوستن کي مبارڪون ڏيندي چوڻ لڳو، حسن موٽي آيو آھي. عاشق کي اھا خبر ڪونه ھئي، اھو حسن، جڏھن مھيني ڏيڊ جو مس ھوندو ته سندس عاشق پيءُ به گذاري ويندو.
عاشق جي موت تي آئون صدمي ۾ انڪري ھئس، ته ھي عجيب نِڌڻڪو ديس آھي، جتي مارين ۽ شڪارين جي حياتي وڏي پر عاشقن ۽ محبتن جي حياتي تمام مختصر ري ٿي. ھن عاشق جي حياتي مونکي ھميشه لاڙ جي ڪنھن مختصر محبت جي ڪھاڻي جيئان ياد اچي اداس ڪري ويندي آھي ته آئون حسن جي شاعريءَ پڙھندو آھيان جنھن ۾ ھو چوي ٿو:
محبت ھيڪلي آھي.