من ڀوتار
ڳالھه ڦرندي گھرندي جڏھن سنڌ ۾ ادارن جي اڻاٺ تي اچي پھتي ته مون کين ٻڌايو ته سنڌي سماج ۾ ڳوٺ، ڳوٺ جو وڏيرو يا ڀوتار وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اسان چاھيون يا نه چاھيون پر پوءِ به ڳوٺ وارو ڀوتار اسان جو ھميشه رول ماڊل رھي ٿو. اسين پڙھي لکي شھرن ۾ شفٽ ٿي پنھنجا ٻار ڀلي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙھايون پر اسان جي ھٿ ۾ جڏھن به ڪي اختيار اچن ٿا ته اسان جي اندر ۾ ويٺل ڀوتار جاڳي پوي ٿو ۽ اسان ادارن ٺاھڻ بدران پنھنجا نوازي، شخصيت پسندي کي فروغ ڏيون ٿا. ان ڳالھه ٻولھه دوران باربي ڪيو اچي ويو ۽ ھن ڌاڳا ڪباب جا ڌاڳا الڳ ڪندي گرم نانءَ جي ٽڪري ۾ ڪجھه ڪباب ويڙھي چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي ماءُ جيان گرھ مون ڏانھن وڌايو، ڇو ته منھنجا ھٿ به ڪولڊ ڊرنڪس ۾ قابو ھئا. ھن کلندي پوئين سيٽ تي ويٺل منھنجي اديب دوست کي چيو، ”ڀوتار جا اصل متاثرين ته اسان آھيون، پارٽيءَ ۾ اڳتي ڪونه پيا وڌڻ ڏين ۽ اڌ ڀوتار ته ھي صحافي به ٿي پيا آھن، جيڪي بليڪ ميلنگ کان سواءِ اسان جي ڪا خبر ڪونه ٿا ھلائين.“
گلستان جوھر ۾ ان وقت ھڪ لساني تنظيم جو وڏو جلوس روايتي نعرن ۽ شور شرابي سان گذريو، جنھن ۾ منھنجي لاءِ نئين ڳالھه اھي جديد ھٿيار ھئا، جيڪي سندن گاڏين ۾ اڳواڻي ڪندڙ ھمراھ نمائشي طور ھٿن ۾ کڻي بيٺل ھئا.
”ھنن ته سڀ حدون ڪراس ڪري ڇڏيون آھن.“ ان سياستدان خاتون چيو، جنھن جي موٽ ۾ سٺو بحث به ڇڙي پيو پر مون ان ۾ صرف ايترو واڌارو ڪيو ته، ڇا به ھجي، سوين ھزارين اختلافن جي باوجود ھنن ھڪ نظام پنھنجي پارٽي اندر رائج ڪيو ۽ نوان ادارا جوڙيا آھن. مون کي خبر نه ھئي ته ٻه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ روڊ ڪناري بيٺل گاڏيءَ ۾ باربي ڪيو دوران ڪيل اھو بحث ھاڻي حيدرآباد ۾ عملي طور منھنجي سامھون ايندو.
ان ڏينھن قاسم آباد ۾ ھڪ قومپرست ڪارڪن جي مرتئي تي وياسين، جنازي نماز کان پوءِ جڏھن ميت کي قبرستان ڏانھن کڻي وڃڻ جو مامرو آيو ته ان ئي لساني تنظيم جي سماجي خدمت واري شعبيءَ جي ميت بس کي گھرائڻو پيو، حالانڪه پنھنجي جيئريءَ حياتيءَ ۾ اسان جو اھو سياسي ڪارڪن دوست ان لساني تنظيم کي سنڌ دشمن ۽ ڌرتي دشمن سمجھندو ھو پر ادارن جي اڻاٺ ۽ شھري ڪلچر نه اپنائڻ سبب ان ڪارڪن جي ميت کي ان ئي ميت بس ۾ کنيو ويو، جيڪا لطيف آباد کان آيل ھئي.
قاسم آباد سڄي سنڌ ۾ سنڌين جو ھڪ شھري علائقو تصور ڪيو وڃي ٿو، جتي بلڊر توھان کي سنڌ جي دبئي جا آسرا ڏيئي پئسا سيڙپ ڪرڻ لاءِ روز روز چوندا. جتي گھڻ ماڙ عمارتون ڏسي لڳندو ته سنڌي مڊل ڪلاس اڀري اچي ڪراچي ۽ لاھور جي مڊل ڪلاس سان ڪلھو ملايو آھي پر ان ڀري قاسم آباد ۾ ڪنھن سنڌيءَ جو لاش کڻڻ لاءِ اسان جي پنھنجي ڪا ھڪڙي ميت بس سروس به ناھي، ڇو ته اسان انھن ڪمن جي اھميت کي سمجھڻ لاءِ تيار ناھيون، ڇو ته اسان سڀ پنھنجي پنھنجي اندر ۾ ھڪ ننڍڙو ڀوتار وسايو ويٺا آھيون ۽ ڀوتارن جي ترجيح ادارا ٺاھڻ نه پر تباھ ڪرڻ ھوندو آھي. ادارا شھري ڪلچر وارا ماڻھو ٺاھيندا آھن، ڀوتار ته اوطاقون، بيٺڪون ۽ فقيرن لاءِ اوتارا ٺھرائيندا آھن، اھي ادارا ڪيئن ٺاھيندا؟ ان قسم جو خيال مون کي تڏھن به آيو ھو، جڏھن سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي ميت کي مون ھڪ مذھبي ۽ سياسي تنظيم جي ايمبولينس ۾ پيل ڏٺو ھو. انھن تنظيمن ۽ فردن سان اسانکي نظرياتي ۽ سياسي ھڪ ھزار اختلاف ھجن پر ڇا اسان پنھنجي سماج ۾ اھڙو سسٽم، اھڙا ڪي ادارا ٺاھي سگھيا آھيون؟ ڇا ھڪ ميت بس سروس ۽ ھڪ ايمبولينس سروس ھلائڻ اسان سڀني مڊل ڪلاسي سنڌين جي وس کان ٻاھر آھي؟ مڊل ڪلاسي سنڌي ان ڪري ٿو لکان، جو اھي شيون، اھي ادارا ۽ اھي سروسز انھن جي ئي ڪم جون آھن، ڀوتارن جا ته لاش به ھيليڪاپٽرن ۽ جھازن ۾ ايندا آھن ته پوءِ اھي ڀوتار اسان جي مرڻي پرڻي جي ضرورتن جو خيال ڇو ڪندا؟ مون کي اھا خبر ڪالھه پئي ته حيدرآباد ۾ ھندو ڪميونٽي لاءِ ھڪ ميت بس سروس آھي. توڻي جو اھي سڀ ھندو سنڌي آھن، پوءِ به پاڪستان ھندو ڪائونسل جي ميت بس ۾ مسلمان جو جنازو ڪيئن وڃي !!. . . اھو توڻي جو ساٺيڪو سال کن اڳ وارو جھيڙو آھي پر ڇا ڪجي، سنڌي سماج لاٽونءَ واري ٽِڪَ ٻڌي اتي جو اتي بيٺل آھي، جتي ريلوي اسٽيشن تي به ھندو پاڻي ۽ مسلم پاڻي ھوندا ھئا.
ڪجھه پڙھيل لکيل ماڻھن جي اھا تنقيد آئون اڪثر ٻڌندو رھندو آھيان ته سنڌي ماڻھن کي شھري ٿيڻ ۾ اڃا ھڪ صدي ٻي به لڳندي، ھو ان جو دليل اھو ٻڌائيندا آھن ته سنڌي ماڻھو شھرن ۽ ميگا شھرن ۾ به جڏھن پاڙي، مُحلي ۽ ٽائون جا نالا ”ڳوٺ“ رکن ته پوءِ ڪلچر به ته ڳوٺ وارو ئي ھوندو نه، ۽ ڳوٺ ۾، جيئن ته ھڪ ڀوتار ضروري آھي. تيئن انھن شھري ڳوٺن ۾ به رٽائرڊ ڪامورا ڀوتار بڻجي ويھڻ چاھين ٿا پر اھي ادارا قائم ڪرڻ ۽ شھري ڪلچر اپنائڻ کان قاصر آھن.
ھونئن ته ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي آئون ھڪ انسان دوست ڊاڪٽر سمجھان ٿو، جيڪو نسل، رنگ مذھب کان مٿانھون ئي ڪم ڪري ٿو پر ڇا ڪو سنڌي ڊاڪٽر ان جھوني ۽ اتساھيندڙ مسيحا جھڙو ڊاڪٽر بڻجي اھڙو ادارو قائم نٿو ڪري سگھي؟ ڇا اسان جا سڀ ڊاڪٽر ڪروڙ پتي ٿيڻ جي ڊوڙ ۽ شوق ۾ جھونا ٿي لوڙي لوڙي مري ويندا پر ڌرتيءَ وارن کي ڪو ادارو جوڙي نه ڏيندا؟ ڇا سنڌين ۾ ڪو ايڌي، ڪو ڇيپيا، ڪو سيلاني بڻجي نٿو سگھي، يا ڪا عاصمه جھانگير بڻجي نٿي اڀري سگھي؟ في الحال ته منھنجو جواب آھي ھڪ وڏي نه . . .ڇو ته اصل مفھوم مڊل ڪلاس سنڌ ۾ اڃان اسريو ئي ناھي، ھي لوئر ڪلاسي اھي پڙھيل لکيل ماڻھو آھن، جن علم حاصل ڪيو رشوتي نوڪري وٺڻ لاءِ. جڏھن پئسو جام گڏ ٿي ويو ته ڳوٺ ۾ ڀوتار جي بنگلي جھڙو بنگلو جوڙائي ھنن به ھڪ نئين ڀوتار گھراڻي کي اڀاري آندو.
سوچ، سمجھه، شعور جي اڻاٺ ۽ ڏيکاءُ پسندي جي حد ته ڏسو جو سنڌ ۾ مک شاھراھن تي اھي بورڊ لڳي ويا آھن ته فلاڻي اڳوڻي چيف سيڪريٽري جو ڳوٺ ھن پاسي آھي ۽ فلاڻي رٽائرڊ جج صاحب جي رھائش گاھ ھن پاسي آھي. ڪجھه خدا جو خوف ڪريو! ڇا ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ته ڇڏيو، گلشن اقبال ۽ نرسريءَ، ناظم آباد جي ھر ٻي گھٽيءَ ۾ اھڙا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ڪامورا گھٽ آھن؟! اھي ته پاڙي جي سبزي واري کان ڀينڊيون، بصر وٺندي ملندا پر اسان ڀوتار ۽ ٻيا وري انھن جا واٺا ۽ نوڪر چاڪر. ھاڻي اھڙي به ڪا خوشفھمي مون کي ناھي ته، ٻيو نه ته قاسم آباد ۽ ڪراچي جا سنڌيءَ مڊل ڪلاسي پڙھيل لکيل سنڌي پاڻ ۾ گڏجي چندو ڪري ھڪ ميت بس سروس ترت شروع ڪندا، ته جيئن سڀاڻي ”ڌارين“ جي طعنن کان بچي سگھن، باقي ايمبوليسن سروس ته اسان جي ڪلھن کان ڳرو بار ھوندي. اسين اھي ادارا ۽ سروس ان ڪري نٿا شروع ڪري سگھون جو اسان مان ھر ھڪ جي من ۾ ھڪ ڀوتار وسي ٿو، جيڪو معاشري تي چڱائي ۽ اجتماعي ڀلائي واري ڪم کان ڪوھين دور ھجي ٿو، ڇو ته ڀوتارن جون ترجيحات ھن ڳالھه مان واضع آھن ته سانگھڙ جو ھڪ شھپري ۽ نوشھروفيروز جو ھڪ سادي طبيعت سياستدان جھاز ۾ سفر ڪري رھيا ھئا. سڄي واٽ وارو وقت ٻنھي ڀوتارن ايم اين اي ھاسٽل اسلام آباد ۾ ڇيرين جا ڇمڪا ڪندڙ ھڪ ماھ جبين جي حسن جي تعريف ۾ ڪٽي ڇڏيو. سندن سيٽ جي پويان ھڪ سفيد پوش سنڌي نوڪري پيشه شخص پنھنجي گھر واريءَ سميت ويٺل ھو، ھن رستي ۾ کين ته نه ٽوڪيو، باقي ڪراچي ايئرپورٽ تي لھڻ شرط ھنن ٻنھي سان تعارف ڪرائي عزت سان ھٿ ڏئي کين اھا ميار ڏني ته سائين توھان جي سڄي رستي گفتگو ڪو به ماڻھو پنھنجي فيملي سان گڏ ٻڌڻ افورڊ نه پيو ڪري سگھي. منھنجي گھر واري توھان ٻنھي اعلى سياسي شخصيتن کان ڏاڍو متاثر ھئي ۽ ھن ٻڌڻ پئي چاھيو ته توھان پنھنجي تڪ ۽ عام سنڌي ماڻھن جا ڪي مسئلا ڊسڪس ڪندا. پر ھاڻيءَ ھو سامھون سامان پئي کڻي ۽ توھان جھڙن ڀوتارن کي سلام ڪرڻ به پنھنجي توھين ٿي سمجھي. سو ڀوتار جي ترجيح جديد مجرن تان ھٽي ته ميت بس ۽ ايمبولينس سروس جھڙان ادارن ۽ سماجي شھري ڪمن طرف وڃي.
انقلابي شاعر حبيب جالب چواڻي،
نه ڊرتي ھين نه نادم ھين
ھان ڪھني ڪو بس خادم ھين
يھان الٽي گنگا بھتي ھي
يه ديس ھي انڌي لوگون ڪا
اي چاند يھان نه نڪلا ڪر