رني ڪوٽ جو رڻ ۽ پريشان پريون!
رني ڪوٽ جي ھن وسيع تاريخي، پر ويران قلعي ۾ ان وقت صرف اسان به سياح موجود ھئاسين، جيڪي به اوچتو انڊس ھاءِ وي تان لھي ڪاري جبل طرف ڪاھي پيا ھئاسين. حقيقت اھا ھئي ته ان ڏينھن رني ڪوٽ اچڻ جو ڪو ارادو ڪونه ھو. حيدرآباد جي رسالا روڊ واري مشھور برياني اسان جي ھٿ ۾ ھئي، اھا برياني کائڻ لاءِ ڪا خوبصورت ھوادار جڳھه ڳوليندي ڳوليندي اسان حيدرآباد کان 90 ڪلوميٽر پري ھن قلعي ۾ ائين پھچي ويا ھئاسين، جيئن ڪجھه وقت اڳ گھاري جي مڇي کائڻ لاءِ اسان شاھراھ فيصل تان نڪري اچي ٺٺي جي بازارن ۾ پھتا ھئاسين ۽ مڪليءَ جي ڪنھن بي نام پر چوطرف کليل ۽ ھوادار مقبري ھيٺان ويھي اسان ٺٺي جي مڇي چانورن جي ماني سان کاڌي ھئي. پر برياني اڃان اسان جي ھٿ ۾ ھئي ۽ اسان رني ڪوٽ جي ڪنھن به ھڪ چوٽيءَ تائين پھچڻ جي جستجو ۾ ھئاسين. اوچين جابلو چوٽين تي اڏيل ھن فوجي اھميت واري ڪوٽ جون ديوارون ڪٿي ڪشاديون ته ڪٿي سوڙھيون ٿينديون پئي ويون، پر اسان پنھنجو سفر جاري رکيو. ان سفر ۾ سھڪي ته آئون به پيو ھئس، پرمنھنجي ھمسفر دوست ته پنھنجو شولڊر بيگ رکي جوتا به کڻي ورتا ھئا، پر سفر پوءِ به جاري ھئو. ھي قلعو نه صرف دنيا جي سياحن جي وڏي اڪثريت جي اکين کان اوجھل آھي پر صديون گذرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪيترن حوالن سان ھڪ معمو بڻيل آھي. آرڪيالاجسٽ ۽ مورخ اڃان تائين متفق نه ٿي سگھيا آھن ته جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان ھي بھترين قلعو ڪھڙي دور ۾ ۽ ڪنھن تعمير ڪرايو. ڪجھه محققن جو خيال آھي ته سنڌ تي عربن جي حڪمراني دوران ھي قلعو تڏھن تعمير ڪيو ويو، جڏھن عمر بن موسى برميڪي ھتي گورنر ھو.
ٻه ھزار ڏھ واري ڊسمبر ۾ رني ڪوٽ جي اترئين ديوار تي ھزارين فوٽ اوچي برج تي ويھي اسان اھو بحث ڪري رھيا ھئاسين ته آخر درياھي پاسي کان ڪھڙيون فوجون حملا آور ٿينديون ھونديون، جو ھي شاندار قلعو انھن حملن کان بچاءَ لاءِ تعمير ٿيو ۽ اسان اھو به سوچيو پئي ته اھو ڪھڙو پھريون فوجي جرنيل ھوندو، جنھن ھن قلعي جي برجن تي ڀالا ۽ تير کڻي بيٺل برجستن سپاھين کان سلامي ورتي ھوندي، ڇا اھي سپاھي ۽ جرنيل سنڌي ڳالھائيندا ھئا، ڪا خبر ناھي؟
رني ڪوٽ تي مفصل تحقيق ڪندڙ ۽ ٽي دفعا پيرين پنڌ ھن قلعي جي ماپ وٺندڙ سائين بدر ابڙي جو خيال آھي ته رني ڪوٽ وارو ھي قلعو اھو ئي نيرون ڪوٽ آھي، جنھن جو چچنامي ۾ ذڪر ٿيل آھي. ھن جو خيال آھي ته تحفته الڪرام ۾ حيدرآباد جو پراڻو نالو نيرون ڪوٽ غلطيءَ وچان لکيل آھي. رني ڪوٽ جي سھڻي سفر تان واپس ٿي جڏھن بدر صاحب کي فون ڪيم ته ھن اھو ئي ٻڌايو ته چچنامي ۾ جنھن نيرون ڪوٽ جو ذڪر آھي، سو رني ڪوٽ آھي. ان جي جاگرافي، جبل، چشما ۽ چراگاھ ان جا گواھ آھن. بدر ابڙي موجب سنڌ جي ٻئي ڪنھن قلعي ۾ چشمو آھي يا چراگاھ ھجي ته ٻڌايو. ھن ٻڌايو ته قلعي جي مختلف تاريخي دورن ۾ مرمت ٿيندي رھي آھي. اليگزينڊر برنس به 1830ع ۾ اھو لکيو آھي ته، ٽالپر حڪمرانن ھن قلعي جي مرمت ڪرائي. رني ڪوٽ جي مرمت ۽ تعمير واري ان تاريخي بحث منجھان نڪرندي مون اھو پئي سوچيو ته جنھن بادشاھ يا جرنيل اھو قلعو تعمير ڪرايو، يا جن بعد ۾ ان جي مرمت ڪرائي، سي ٿوري زحمت ڪري پٿر جي ڪنھن ٽڪري تي جيڪڏھن پنھنجو نالو ۽ تاريخ لکي وڃن ھا ته رني ڪوٽ بابت وڏو معمو حل ٿيل ھجي ھا.
بدر ابڙي جو رني ڪوٽ بابت مفصل ڪتاب به لکيل آھي، پر ھن مون کي ٻڌايو ته ھن اٺ اٺ ڏينھن رني ڪوٽ ۾ گذاري مختلف وقتن تي ٽي دفعا ان قلعي جي ماپ ورتي آھي. بدر ابڙي صاحب جي اھڙي ڳالھه ٻڌي منھنجو کانئس اھو سوال ھو ته ”سائين توھان ڪيئن ڪوٽ جون ديوارون چڙھيون، اسان ته ھڪ سفر ۾ ئي سھڪي پيا ھئاسين.“ بدر ھلڪو کلي وراڻيو ته ”سائين عمر جي تقاضا به آھي.“ اھا ڳالھه ان وقت محسوس ٿي، جڏھن اسان قلعي جي اترئين ديوار جي اڌ تي ٺھيل برج تي وڃي دنگ ڪيو ۽ سھڪي بيھي رھياسين. رني ڪوٽ جي ھنن ديوارن کي ڏسي لڳي ٿو ته قلعي جي تعمير ۾ ان وقت جي ڪنھن ماھر فوجي جرنيل جي دلچسپي شامل ھئي. ديوار تي ڪجھه فوٽن جي مفاصلي سان اسان ان وقت جي تير انداز سپاھين لاءِ اھڙا ته مورچا ٺھيل آھن، جتان ھو ھيٺاھين طرف حملا آور فوج مٿان آساني سان تير اڇلائي سگھن ٿا. رني ڪوٽ جي اوچي برج تي ويٺي جڏھن ٿڌي ھوا اسان جا پگھر سڪائي رھي ھئي، تڏھن آئون اھو ئي سوچي رھيو ھئس ته ھن قلعي اندر سوين سال اڳ ڪھڙا سپاھي جرنيل رھندا ھوندا. اھي سنڌ ڄاوا ڌرتيءَ جا محافظ ھئا يا ڌاريا ڦورو لٽيرا ۽ غاضب ھئا، ڪا خبر ناھي. اھو خيال سگريٽ جي دونھين سان گڏ اڏامي وڃي ٿو. سنڌ جي غلامين، آزادين، شڪستن ۽ فتحن جي داستانن جيان رني ڪوٽ جي تاريخ تي به اھڙي ڪا دز پيل آھي، جو ھٽيو نٿي ھٽجي.
سنڌ سرڪار جيڪڏھن سياحن لاءِ ماحول موافق بڻائي ته ھن قلعي جي اوچن برجن تان بيھي ڪاري جبل ۾ لھندڙ سج جو نظارو، ڪرڻ لاءِ دنيا جا سياح گڏ ٿي ويندا، پر ھتي ته رني ڪوٽ ۾ سھولتن جي اڻاٺ جو رڻ متل آھي. پاڻي ڪونه ٿو ملي ته سياح ڪٿان ايندا. ائين به ناھي رني ڪوٽ رڳو تيرن، ڀالن، سپاھين، پٿرن ۽ اسلحي خانن جي قصن سان ڀريل آھي، پر ھن قلعي جي ڀرڀاسي ۾ رھندڙ گبولن وٽ اھي قصا به مشھور آھن ته ھن قلعي ۾ ڪي پريون، حسن جو پريون اينديون رھيون. رني ڪوٽ کي ٻه وڏا دروازا موھني گيٽ ۽ سن گيٽ آھن، پر ٻه ننڍا دروازا آمري گيٽ ۽ شاھ پير گيٽ به اٿس. موھني گيٽ ڀرسان قدرتي پاڻي واري چشمي کي ”پرين جو تڙ“ چيو وڃي ٿو، جتي ڪنھن زماني ۾ چوڏھينءَ جي رات ڪوھ ڪاف جون پريون اچي تڙ ڪنديون ھيون. چوڏھين جو چنڊ ھاڻي به رني ڪوٽ مٿان پنھنجي کير جھڙي روشني ھاري ٿو، پر ان طرف پرين ھاڻ اچڻ ڇڏي ڏنو آھي. ھن قلعي طرف اچڻ ته انھن جوشيلن جوانن به ڇڏي ڏنو آھي، جيڪي اسي واري ڏھاڪي ۾ پاڻ کي سوڍا پٽ سنڌ جا سمجھندا ھئا. ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي کان پوءِ روپوش ٿيل انھن جديد گوريلن کي جڏھن ھن ڪوٽ جي اوٽ ۾ سن جي جھوني ترسايو ھو ھنن کيس ايلازن وارا نياپا اماڻيا ھئا ته ”سائين ھتي مڇرن کائي ناس ڪيو آھي ۽ قلعي جي ويراني ته رات جو کائڻ ٿي اچي، اسان کي ڪٿي ٻئي ھنڌ موڪليو.“ رني ڪوٽ اندر ان زماني ۾ روپوشيءَ جا ڪجھه ھفتا گذاريندڙ ھڪ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ٻڌايو.
ڊسمبر جو ڏينھن مختصر سج نه چاھيندي به ڪاري جبل ۾ ٽٻي ھڻي موڪلائي رھيو ھو. اسان ڏاکڻين ڀت جي برج تان لھي واپس ٿياسين، ته مون کان ھڪ جديد پريءَ پڇيو، ”ھتي ته ڪا سھوليت ڪانھي، ريسٽورنٽ نه واش روم، نه ڪو گائيڊ، نه چوڪيدار، ھتي پريون ڪيئن اينديون ھونديون.“ مون مرڪي کيس وراڻيو تون فڪر نه ڪر رني ڪوٽ جي ھن رڻ ۾ ھاڻي نه پريون اچن ٿيون، نه سپاھي جرنيل يا گوريلا، ڇو ته اسان پنھنجي ورثي کان لاتعلق بڻيل قوم آھيون، جانورن جي ڌڻ جيان اڳتي وڌندا پيا وڃون، پر خبر ناھي ته ڪير آھيون، ڪٿان آيا آھيون؟ واپسيءَ تي خاموشي ٿڪاوٽ واري به ھئي پر ان خاموشيءَ ۾ ھڪ خدشي جھڙي مايوسي اھا به شامل ھئي ته ڪٿي اڳتي ھلي سکر جي بکر ۽ عمر ڪوٽ قلعن جيان سڀاڻي رني ڪوٽ به ”ڏاڍن“ جي قبضي ۾ نه اچي وڃي ۽ اسان عام ماڻھو ان ۾ داخل به نه ٿي سگھون.