طبقو تبديل ڪرڻ وارو خفت!
جڏھن باھ جي دونھينءَ ۽ سيءَ کان آجا ٿياسين ته سڀني پنھنجا پنھنجا گلاس سنڀاليا. اسان جي ھڪ پراڻي ليکڪ دوست سگريٽ ٺاھڻ شروع ڪيا ته بحث ادب ۽ سياست کان نڪري وڃي گاڏين جي ماڊلن، گھرن جي تعمير ۽ ڏاڏي پوٽن زالن مان بيزار ٿيڻ وارن موضوعن تي پھتو. ”الله جو شڪر آھي . . .گھر ۾ ھر گنج پيو آھي پر مون واري مائي ڦري ڦري تريل بٽاٽا ۽ چانورن جي ماني پچايو بيٺي آھي، ڪجي ته ڇا ڪجي!“ ان صحافي دوست چيو جيڪو شروع ۾ ڪنھن ننڍڙي شھر ۾ درزڪو ڪم سکندو ھو. بعد ۾ ھنن مڱ ڦريون ۽ ڪيڪ پيسٽريون به ھڪ گھورڙيو ٿي وڪڻيون، پر ھاڻي ھن پنھنجو حلقو تبديل ڪري ورتو آھي. لاڙڪاڻي شھر ۾ گھر نما بنگلي جي تعمير ۽ ننڍڙي گاڏيءَ کي ھو پنھنجي زندگيءَ جي وڏي حاصلات سمجھي ٿو. ان رات ھن وڏي بيزارگيءَ مان سڀني دوستن کان صلاح پڇي ته ھن کي ٻي شادي ڪرڻ کپي يا نه؟ ان صلاح سان گڏ ھن ھڪ رومانٽڪ منظر پيش ڪندي چيو ته، ”مون کي ھاڻي ھونئن ته ڪنھن شيءِ جي ڪمي ناھي پر قرب جي ڪمي ضرور آھي.“ سگريٽ جو وڏو ڪش ھڻڻ کان پوءِ دونھون، پنھنجي نڪ ذريعي چپن تي بيٺل گھاٽن شھپرن ۾ ڇڏيندي ھن ڪجھه تفصيل ٻڌايا، ”منھنجي دل ھميشه چوندي آھي ته رات جو، يا ڏينھن جو جڏھن به مان گھر ۾ داخل ٿيان ته منھنجي گھر واري منھنجي لاءِ دروازو کولي، ھٿ ۾ گل ھجيس يا مان کيس ڏيان ته اڃان ڀلو پر اسان جي زالن ۾ اھڙو افعال ڪونھي.“ ھن آخر ۾ ڳالھه گڏائي پنھنجو نج ذاتي مسئلو اسان سڀني جو اجتماعي مسئلو ڪري پيش ڪيو.
ان محفل ۾ ھڪ کرو ۽ بيباڪ ليکڪ به ويٺل ھو، جنھن جي لکيل ناولن ۽ ڊرامن جي ھاڪ سڄي سنڌ ۾ ڦھليل ھئي، جو جيئن لکڻ ۾ تيز ھو، تيئن ھو ڳالھائڻ ۾ تکو ھو. ان پنھنجي ڪاميابيءَ جو راز گھڻو ڪم ڪرڻ ٻڌايو ھو. باھ جي شعلن تي ان اونداھي رات ۾ ٻرندڙ سندس وڏيون اکيون مون کي اڄ به ياد آھن. ھن پنھنجي ڪھاڻي ائين ٻڌائي ته ”ھن ئي شھر ۾ اسان کي لنچ ڪرڻ ته ڇڏيو، گڏجي چانھه پيئڻ جيترا پئسا به ڪونه ھوندا ھئا، اڄ الله مالڪ آھي گاڏي آھي، پنھنجي ڊبل اسٽوري جڳھه آھي، اڃان جستجو جاري آھي.“ ان دوست پنھنجو طبقو تبديل ٿيڻ جي ڪھاڻي سان گڏ اھو به ٻڌايو ته ڪيئن نه ھن سرڪاري ملازمت سان گڏ گاڏين ۽ جڳھين جي خريد و فروخت جو ڪم به شروع ڪيو آھي. بچيل وقت ۾ ھو لائيف انشورنس ڪمپني جون پاليسيون وڪڻي به پئسا ڪمائي ٿو.
طبقو تبديل ڪرڻ واري ڪھاڻيءَ ۾ صرف اھي ٻه ڪردار ئي ڪافي ناھن، ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪامريڊ کي ڪيئن وسارجي، جنھن جي ڪل لاڳت جلوس ڪڍڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ آفيسن جا گھيراءُ ڪرڻ آھي. ٻارنھن سالن جي مختصر عرصي ۾ ھن ٻڌايو ته ھن جا پير پٽ کان پلنگ تي، پيادل کان ايڪس ايل آئي گاڏيءَ ۾ اچي ويا آھن.
گاڏي ته ھاڻي ان ”ميڊيم“ جي به لگزري ٿي ويئي آھي، جنھن کي نوڪري ڪرڻ ۽ بيوٽي پارلر کولڻ کان پھرين مڙس مار ڪڍي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي، جنھن شخص سان ھن ٻي شادي ڪئي، ان کي ھو لائيف پارٽنر کان وڌيڪ بزنس پارٽنر سڏيندي آئي آھي. لاڙڪاڻي جھڙي ننڍڙي شھر ۾ ھن جو بيوٽي پارلر ائين ھلي رھيو آھي،جيئن سيزن ۾ سنڌڙي انب ھلي پون. پر طبقو تبديل ٿيڻ کان پوءِ ھن کي ھڪ تبديلي پنھنجي ذھن ۾ به محسوس ٿي آھي. ھوءَ فيس بُڪ ته اڃان استعمال نٿي ڪري، پر پنھنجي ھڪ پراڻي فون فرينڊ کي ٻڌايائين ته”يار خدا جو ڏنو سڀ ڪجھه آھي پر ان جي باوجود ھڪ رات به سڪون جي ننڊ نه آئي آھي. دل چوي ٿي ته ٻه ٽي ڏينھن لاڳيتي ننڊ ڪريان.“ اھا اٺ سال اڳ جي ڪيل ڪچھري ھئي ۽ ھاڻي جڏھن ان ميڊيم جي ان فون فرينڊ کان حال احوال ورتو ته ھن افسوس سان چيو ته، ”يار ھوءَ ته گذاري وئي.“
”سو ڪيئن؟“ منھنجي فطري سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته روزانو ننڊ جون گوريون ته ھوءَ وٺندي ھئي، پر ان رات گورين کان پوءِ به جڏھن کيس ننڊ نه آئي ته ھن حد کان وڌيڪ ٻڪ گوريون ورتيون ۽ گذاري ويئي. ان خاتون جي موت جو افسوس مون کي ان ڪري ٿيو، جو طبقو تبديل ڪرڻ واري ھڻ وٺ ۾ اھو ليکڪ دوست به ھارائي ويٺو ھو، جنھن جو ڀاڪر ڪميونسٽن جھڙو ۽ مرڪڻ سنڌي قومپرستن جھڙو ھوندو ھو.
ان ليکڪ دوست جي تڏي تي ويٺي ٻيا ته سندس اولاد سان تعزيت لاءِ ھٿ کڻي رھيا ھئا، پر آئون اھو سوچي رھيو ھئس ته اسان جي سنڌي سماج ۾ ماڻھو ايمانداري سان ڪيڏي به محنت ڪري پر ان جو گھر سچل ڳوٺ کان ڪلفٽن يا ڊفينس ۾ شفٽ نٿو ٿئي سگھي. اسان موٽر سائيڪل تان لھي مھراڻ ۽ الٽو گاڏي ۾ ڀلي اچي وڃون، پر وڏيون گاڏيون، وڏا بنگلا ۽ وڏيون محفلون اسان اڄ به افورڊ نٿا ڪري سگھون. پوءِ ڪھڙي تڪڙ آھي پنھنجي حياتي جا پل بلڊپريشر ، ٽينشن، يا وري ھاءِ بلڊ پريشر جي ور چاڙھڻ جي؟ ان دوست کي ٽي راتيون مسلسل جاڳڻ، ٽي ڏينھن لاڳيتون گاڏين جي خريد وفروخت ڪرڻ وارن خفن سبب يا گھڻا سگريٽ پيئڻ سبب اوچتو ساھ جي تڪليف ٿي. اڌ رات جو سندس سچل ڳوٺ جھڙي محلي ۾ ڪا به اسپتال کليل نه ھئي. ھن کي اسپتال نيو پئي ويو ته ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسان جھڙن بند ۽ غلام سماجن ۾ پڙھيل لکيل محنتي ماڻھن جا صرف ڏکين کان سکيا ڏينھن تبديل ٿي سگھن ٿا، پر طبقا شايد ڪڏھن به نه، ڇو ته طبقو تبديل صرف ڀوتارن ۽ انھن جي واٺن جو ئي عوامي پئسن تي ھنيل راتاھن کان پوءِ ٿيندو.