جوڳين کان چڙھيل نانگ!
ڊسمبر جي سرد رات جو ڳپل حصو ٻئي ڄڻا سمنڊ ڪناري لوئيءَ ۾ ويڙھجي ويھڻ کان پوءِ ھن کيس چيو، ”ماڻھو چون ٿا مان ڪافر ٿي ويو آھيان، بت پرست ٿي پيو آھيان، پر ھنن ته ڪڏھن تو جھڙو بت ڏٺوئي ناھي.“ ھوءَ روايتي عورتن جيان پنھنجي تعريف تي ٻھڪي نه پوندي ھئي، ان ڪري ھن کيس ڀرڀور چنڊ ڏي اشارو ڪندي چيو ”ھلو مون کي گھر ڊراپ ڪر، ھاڻي گھڻي دير ٿي چڪي آھي.“ ھن ھميشه جيان پنھنجي جذبن تي ضبط ڪيو ۽ ھن جو حڪم مڃيو.
گاڏي جڏھن شاھراھ فيصل تي ڊوڙڻ لڳي ته ھن ميوزڪ جو آواز ھلڪو ڪندي کانئس پڇيو، ”ھڪ ڳالھه ته ٻڌايو، توھان شاديءَ کان اڳ ۾ ڪھڙي ملڪيت منھنجي نالي ڪندئو، ڇو ته مون کي حاصل ڪرڻ ايترو آسان ڪونھي.“ خوبصورت بت جڏھن ڳالھايو ته بت پرستن کان ڇرڪ نڪري ويو، ڃڻ اوچتو ڪو اسپيڊ بريڪر سندس سامھون اچي ويو، ڄڻ اچانڪ کيس نانگ ڏنگي وڌو. ھو مني ڪلاڪ جي بقايا ڊرائيو دوران خاموش رھيو ۽ ميوزڪ جو آواز ڪنن جا پردا ڦاڙڻ جي حد تائين وڌائي ڇڏيائين. ھو کيس آخري دفعو ڊراپ ڪري آيو، وري ڪڏھن به پڪ نه ڪرڻ لاءِ – گاڏي جو دروازو کولي ھوءَ اڃان لھڻ واري ھئي ته ھن کيس ٻانھن کان پڪڙي ويھاريو. گاڏيءَ جو دروازو اڌ کليل ھو، پر ھن گھٽيءَ مان گذرندڙ ماڻھن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ کيس استاد بخاريءَ جي شاعري ٻڌائي ته؛
نه گناھ آھيون نه ثواب آھيون
اسين ڏينھن ڏٺي جا خواب آھيون
جي نه پڙھين ته آھيون ڪورا ڪاغذ
جي پڙھين ته ڪيئي ڪتاب آھيون!
ھو اڃان تائين ڊسمبر جي ان رات ۽ ان بت کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڙي آيل خوبصورت نانگ سمجھندو آھي. انسانن جي روپ ۾ چرندڙ پرندڙ اھڙا ڪيئي نانگ اسان مان اڪثر ماڻھن جي زندگين ۾ مختلف اسٽيجن ي ايندا رھن ٿا ۽ اسان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا رھن ٿا. اھڙو ئي ھڪ لنڊي بلا جھڙو نانگ تازو ھڪ معصوم شاگرد کي ڏنگي ويو آھي. ھن تازو ماس ڪميونيڪيشن مان ماسٽرس ڪئي، پر رزلٽ اچڻ تي کيس خبر پئي ته ان ئي استاد کيس ڏنگي ڪيرائي وڌو آھي، جنھن جي ماضيءَ جي صحافت ۽ ترقي پسندي کان متاثر ٿي ھو سندس بيحد عزت ڪندو ھو. جديد جوڳي چون ٿا ته اھڙي لنڊي بلا ڪوتاھ قد ھوندي به وسان ڪونه ٿي گھٽائي ۽ موقعو ملڻ تي ٿر جي ٿوھر جھڙو معصوم زندگين ۾ پيوست ڪريو ڇڏي ٿي. ”پر مان ته ھن جي وڌ ۾ وڌ عزت ڪندو ھئس، ان جي ڏنل ھر اسائينمينٽ پوري ڪندو ھئس ۽ فيڪلٽي جي اخبار به مان اڪيلي سر ڪڍندو ھئس، صرف ھڪ ڏينھن ھن کي ذاتي ڪم کان جواب ڏنم ته سائين ھاڻي منھنجا امتحان مٿا آھن، شام جو پارٽ ٽائيم جاب به ڪريان ٿو، ڪجھه وقت ترسو.“ ھن فيڪلٽيءَ ۾ روئڻھارڪو ٿي تڏھن پنھنجي دوستن کي ٻڌايو. جڏھن رزلٽ آئي ۽ ھن لُنڊي بلا جھڙي ماستر پن جي ٻيڙي جھڙي سگريٽ مان ڦوڪيل دونھن ڪڍندي کيس مڪار واري مسڪراھٽ سان چيو ھو، ”اسان سان ھوندين ته اھڙا مزا ھوندءِ، اسان به آمريت واري ويڙھ ائين ته ڪونه وڙھي ھوندي نه، ڪا ته اٽڪل سٽڪل ڪري ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو ھوندوسين.“
اھڙا ڪيئي ڪوتاھ قد ۽ ڪوتاھ سوچ وارا اسان جي آس پاس پيا ڦرن، جيڪي پنھنجو وارو نٿا ڇڏين ۽ ڌڪ ھڻندي دير نٿا ڪن. بلڪل اھڙي اٽڪلي پروفيسر ۽ اين جي او سٿ جيان جنھن جو ڳوٺ ته تازو مھا ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو، پر سندس سالن کان مڙيئي چرندڙ ڪاروبار چمڪي پيو. ھاڻي ھو عمر جي ان حصي کي وڃي پھتو آھي، جتي مرد پنھنجي جنسي حوس صرف حسرتن ۾ ئي پوري ڪري سگھندو آھي، پر ھو اڃان به عادت کان مجبور اھڙو اسپيد بريڪر ٿي بيٺو آھي ، جتي ڪيترين ئي محنتي ۽ پر عزم ڇوڪرين جا ڪيريئر يا ته جھڪا ٿين ٿا يا موروڳي تباھ ٿي وڃن ٿا. تازو ئي ٻوڏ پراجيڪٽ ۾ ھن جنھن خوبصورت، پر ذھين ڇوڪريءَ سان فلرٽ شروع ڪيو، تنھن بيزار ٿي پنھنجي ھڪ سھيلي کي ٻڌايو ته ”يار ھن پوڙھي پراجيڪٽ مان ته اصل اڙجي ويئي آھيان، وڏو ڏجو آھي ھنن ماڻھن سان ڪم ڪرڻ ھڪ ته ھنن جي اين جي او به سنڀاليو ۽ ٻيو وري ساڻن عشق به فرمايون.“ ڪجھه ئي وقت کان پوءِ ھن پوڙھي پروفيسر جي اين جي او ڇڏي وڃي ھڪ ساک واري اين جي او جوائن ڪئي ۽ سک جو ساھ کينو. رڳو اين جي او ئي نه، پر سياست جي ريگستان ۾ به اھڙا خطرناڪ ماڻھو آھن، جيڪي چورن سان به گڏ ته ساڌن سان به سنمک رھن ٿا.
اھڙي ئي ھڪ ازدھا بلا ھڪ اڀرندڙ اڳواڻ کي اھو چئي ڌڪ ھنيو ھو ته ھاڻي ملڪ جون ڳجھيون طاقتون توکي ختم ڪرڻ پويان آھن، اھڙ ي ڪچھريءَ کان فوري بعد ان سياسي اڳواڻ ھڪ نامعلوم نمبر واري ڪال اٽينڊ ڪئي. اھڙا نامعلوم نمبر ڳجھا ادارا ئي استعمال ڪندا آھن. ڪال ڪندڙ کيس ٻڌايو ته يا ته اسان سان ملي ڪم ڪري يا خراب حشر لاءِ تيار ٿي وڃ.“ اھڙي ڪال اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ ھن ساڳي ئي خطرناڪ ماڻھوءَ سان مشورو ڪيو، جنھن کيس ھٿ ملائڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ”ابا ھنن جي آڏو ڀٽي جو پٽ به ڪجھه ناھي، ان کي به رستي ويندي گھر اڳيان قتل ٿا ڪري ڇڏين . تون اسان ته ھنن لاءِ ڪوليون ماڪوڙا ٿياسين.“
ٻه طرفي عذاب ۽ ذھني دٻاءُ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ان رات ھن تمام گھڻو نشو ڪيو، پر نشي به جڏھن اثر نه ڏيکاريو ته ھن ڪمري ۾ دوستن جي موجودگيءَ جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ تمام گھڻيون رڙيون ڪيون، رنو ۽ ڀتين کي ٽڪر ھنيا. ڪجھه نانگن جو زھر واقعي به ڏاڍو درد ۽ عذاب ڏئي ٿو، پر ڇا ڪجي اسين اھڙي ته دور ۾ زنده رھڻ لاءِ ڇو بچيا آھيون، جتي نانگن روپ بدلائي ڇڏيا آھن ۽ جوڳي اصلي نانگن کان واندا ٿي ھاڻي پنڻ تي مجبور ٿيا آھن. ماضيءَ جي ھڪ ڪن ڦاڙ جوڳي سان رستي ويندي ملاقات ٿي، پڇيومانس ”ڪر خبر ڪي نانگ بلائون ھٿ ڪرين ٿو يا ڪونه؟“ اکين ۾ چپيون پيل ان جوڳيءَ پنھنجي لپ جيڏين لپڙ مڇن تي ھٿ ڦيريندي چيو، ”نانگ آھن ته گھڻا، پر اھي پنھنجي کل مٽائي چڪا آھن، پڙھيل لکيل بوٽ سوٽ وارن نانگن تي اسان جي پير مرشد گوگي چھواڻ جو ڍارو اثر ئي نٿو ڪري، ڇو ته اھي انساني روپ ڌارڻ کان پوءِ به پنھنجي اصلي عادت نٿا ڇڏين. اھي ته وجھه ملڻ تي ٻيو ته ڇڏيو پنھنجا ٻچا به کائي چٽ ڪريو ٿيون ڇڏين.