تابوت ۾ تاريخ آ
سندس مڙھ واري ايمبولينس جيئن ئي مک دروازي ۾ داخل ٿي ته ماڻھن جي رش تمام گھڻي وڌي ويئي ۽ مون کي مشھور صحافڻ ۽ ناول نگار اوريانا فلاسي جي ناول (اَ مين) جا منظر ياد اچڻ لڳا، جنھن ۾ ھوءَ مرندڙ سياستدان ھيرو کي مخاطب ٿي لکي ٿي ته، تنھنجي تابوت سان گڏ ماڻھن جون ڇوليون ھڻندڙ سمنڊ گڏ ھو. ماڻھن جون اھي ڇوليون ڪڏھن مونکي تنھنجي تابوت ڀرسان پيون ڪن ته ڪڏھن ان کان گھڻو پري مرڪزي دائري لاءِ ٻاھر وڃي ڦٽو پيون ڪن، پر آئون تنھنجي ان آخري سفر ۾ توسان گڏ پئي ھليس. ائين ئي بشير خان جي آخري سفر ۾ آئون ڪارڪنن جي سمنڊ ۾ گھيريل ھئس. ڪڏھن ويجھو ته ڪڏھن پري ٿيندو رھيس، پر گڏ ھئس.سڪرنڊ جي ايمبولينس جڏھن ويجھو پھتي ته گلن جي چادرن ۽ اجرڪن ۾ ويڙھيل ان شخص جو چھرو اڀري اڳيان آيو، جيڪو مشڪوڪ حالتن ۾ ماني کائڻ کان پوءِ مري ويو آھي. سندس چھرو لُڪن جي لوساٽيل ۽ ڊگھي سفر کان پوءِ به نه ٿڪجندڙ شخص وارو چھرو ھو.
فرد واحد جو جنازو ڪين آ دوستو!
تابوت ۾ تاريخ آ
ھزارين ڪارڪنن ۽ ھمدردن جي گھيري ۾ آيل ايمبولينس ڪِوِل جيان رڙھندي مردي خاني طرف وڃي رھي ھئي. ڪنھن به اسپتال جي ان جڳھه کان الائي ڇو مونکي نفرت رھي آھي، ان طرف ويندي ڪنھن کي به نه ڏسي سگھندو آھيان، ھي ته بشير خان جو مڙھ ھو چانڊڪا ڪاليج ۾ اسپتال جي آڳنڌ ۾ سوڳوار ماحول سبب اداس ڪندڙ خاموشي ڇانيل ھئي، شھر جا دڪان به بند ھئا، بازارون ويران لاڙڪاڻي جي ھوائن ۾ اپريل جي اداسي ڪا نئين ته ناھي. اڃان اھو سوچي رھيو ھئس ته ھڪڙي ظالم ميسيج ڪيو ته،
سنڌ! تنھنجي ھوائن ۾ ھُرندا سدا
ھاءِ پھريان ڏينھن ھي اپريل جا
بشير خان پنجاھ سالن کان مٿي وارو سفر طئه ڪري ھاڻي جڏھن رتيديري جي موٽڻ پور محلي طرف موٽيو آھي ته ائين لڳي ٿو ته ھي شخص ڄائو ئي آزادي ۽ انقلاب جا جھنڊا بلند ڪرڻ لاءِ ھو. سندس سياسي سفر تي نظر وجھبي ته ھو شاگرد سياست کان اھڙو ته متحرڪ نظر اچي ٿو، جو سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ جساف جو ميمبر ٿيڻ جي ڪجھه ئي سالن اندر ھو عھدي تي اچي وڃي ٿو ۽ چند ئي سالن ۾ مرڪزي عھدن تي به اچي ٿو وڃي.
ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ جي موقعي تي لکين ماڻھو گڏ ڪرڻ کان پوءِ سندس سياسي قد تمام گھڻو مٿي ٿي ويو ۽ ڪنھن فقير مونکي چيو ته توھان ”ڄامائين“ نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. بشير خان قريشي، آصف بالادي ۽ ٻين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پڙھڻ ڪري سندن ويجھي سرڪل ۾ کين ”ڄامائي“ سڏيو ويندو آھي. سنڌ جي قوم پرست سياست ۽ خاص ڪري جيئي سنڌ جي نعري ۽ جھنڊي ھيٺ ھلندڙ جماعتن ۽ اڳواڻن بشير خان اھو پھريون اڳواڻ آھي، جنھن قوم پرست سياست کي عوامي انداز ڏنو. سندس تقرير ۽ ڳالھائڻ جو انداز اڃان تائين نج ڳوٺاڻو رھيو، سندس اٿڻي ويھڻي جا رويا ۽ طور طريقا به عوامي ھئا. ڪراچي واري فريڊم مارچ کان ڪجھه ڏينھن اڳ حيدرآباد جي سول سوسائٽي سان ڊائلاگ پروگرام ۾ شريڪ ٿيو. ھن سمورن پڙھيل لکيل دانشور ٽائيپ ماڻھن کي سڌن اکرن ۾ ٻڌايو ته ”ابا ھن ملڪ کي جاڏھون تاڏھون ھمراھ تاڙيون ويٺا اَٿو، ته ڪٿان نه ڪٿان ڌڪ ھڻي ڪڍونس. اجايو جو ڪو ٻيو ھڻي تنھن کان اسان ڇو نه پنھنجو وارو وڄايون.“ ھن جا لفظ ۽ انداز بلڪل سادو، پر پيغام سخت سن واري سيد جي پيغام کان جيئن سندس ھم ذات ۽ ھم طبقي وارا وڏيرا، پير، مير ، سردار ڀڄي ويا، تيئن ئي بشير خان کان ڪيترائي ماڻھو ڇرڪيل رھيا. پر ھو مستقل ۽ مسلسل ھلندو رھيو، اھڙي وات تي جنھن جي راھ اڻانگي ۽ سفر مشڪل.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بک
وحدت منجھه وصال جي ٿا سدا ماڻن سک.
بشير خان قريشي قوم پرست سياست جي مقبوليت واري ان درجي کي وڃي پھتو، جتي شايد پھچڻ جي ھر ڪنھن کي تمنا ھجي. ھن جيئي سنڌ ۽ آزاديءَ جي نعرن ۽ اجتماعن کي نشترپارڪ ۽ سن جي گھٽين مان ڪڍي تبت سينٽر ۽ ريگل چوڪ جھڙن عوامي جڳھن تي آندو، جتي ھو ڪڏھن لکين ماڻھن سان بيٺل ھو ته ڪڏھن سائين جي ايم سيد جي پوٽي زين شاھ سان گڏجي پوليس جون لٺيون ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جا شيل پيو کائي. پوليس تشدد بعد سندس ليڙون ليڙون ٿيل قميص ڏسي ڪنھن چيو ته، سنڌي وڏيرن کي ڇڏيو، سنڌي غريب ماڻھو ڪراچي جي چوڪن تي ائين ئي ڪٽجي رھيو آھي. ريگل چوڪ تي ان اڪيلي ڪٽجندڙ بشير خان ڪجھه ئي سالن ۾ ماڻھن جو اھڙو ته نيٽ ورڪ جوڙي ورتو، جو شاھراھ فيصل تي کيس قتل ڪرڻ وارا پھتل مشڪوڪ ماڻھو جوابي حملي ۾ پاڻ قتل ٿي ويا. سندس ڪارڪن مشتاق خاصخيلي شھيد ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سياسي مافيائن کيس تمام گھڻو سنجيدگي سان ورتو، جيئن سنڌ جي سياست ۾ ڪنھن زماني ۾ گل محمد جکراڻيءَ جي موڏي مقبوليت ھوندي ھئي، کيس شاگرد ڪارڪن ايترو ته پروٽوڪول ڏيندا ھئا جو بشير قريشي پاڻ بندوق کڻي سندس پھرا ڏيندو ھو. بشير خان جي منزل پارليامينٽ ھائوس نه ھئي۽ ھن پنھنجي راھ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي ۽ حالتن کيس اھڙي مقام تي پھچايو، جتي پھچڻ جي اڪثر ايم اين ايز ۽ سينٽيرز خواھش ڪندا آھن. آئون بشير خان جا اھي فوٽو ڏسان ٿو جن ۾ ھو لاڪپ ۾ اقبال عرف درياءَخان تنيو سان گڏ ويٺل آھي. گرمين سبب سندن قميصون لٿل آھن. ھڪ ٻي تصوير ۾ ستار موريو، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا بيٺل آھن. فوٽو ڏسي اھو ئي چئجي ٿو ته وقت سدائين ھڪ جھڙو نه ٿو رھي. ڪو به ڪردار سدائين ھڪ جھڙا نٿا بيھن ۽ بشير خان جو ڪردار مستقل مزاجي ۽ مسلسل جدوجھد سبب نمايان ٿي بيٺو آھي.
جيئڻان اڳي جي جيئا، جڳ جڳ سي جيئن،
اَوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
بشير خان قومپرست سياست کي عوامي رنگ ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي مٽي ۽ خمير ۾ ڳوھيل صوفياڻي رنگ کي اپنايو. ھن جي ھٿ جوڙ، نياز نوڙت سڀني سان رھي ۽ ھن پنھنجي انا کي در در جھڪايو، پر مقصد تان ڪنڌ نه جھڪايو. ھن جي برداشت ۾ عوامي انداز ھو. ڪجھه سال اڳ ڪي ٽي اين نيوز لاءِ مون سندس انٽرويو ڪيو، جنھن ۾ اھڙا ته چڀندڙ سوال ۽ مٿس لڳندڙ متضاد الزام شامل ھئا، پر ھن ڪا به ڪاوڙ نه ڪئي. حالانڪه مونکي ذاتي طور خبر آھي ته کيس تمام گھڻي جاين تي گھڻن ئي سوالن جا جواب ڏيڻا پيا ھئا. ان برداشت ۽ ساٿ کي گڏ کڻي ھلڻ واري لاڙي ئي کيس سمورن تضادن جي باوجود ڪارڪنن جو حقيقي ”وڏو“ بڻائي ڇڏيو. سندس ڪارڪن قرب ۽ پيار مان سندس نالو وٺڻ بدران کيس ”وڏو“ چوندا ھئا.
اپريل جي اھا رات چوڏھينءَ جي چنڊ جي رات ھئي، ان رات دير سان آئون خيرپور ناٿن شاھ جي پوليس ڪانواءِ ٽوڙيندو لاڙڪاڻي پھچڻ جي ڪوشش ۾ ھئس، نصير آباد کان پوءِ شروع ٿيندڙ سنسان روڊ تي پوندڙ ڀرئي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ آئون اھو ئي سوچي رھيو ھئس ته سنڌ جي روڊن تي ڪيڏيون نه سنڌ جون جوانيون ختم ٿيون آھن، سرمد سنڌيءَ کان حسن درس ۽ بشير قريشي تائين ھي سڀ مسافر اويلا ڇو ھوندا آھن ، جيڪي چانڊوڪي راتين ۾ وڇڙي وڃن ٿا.
نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جام،
ويندو مثل واءُ جي، ھي طلسم ترت تمام،
حياتي حرام، بنا يادگيري يار جي!