آواز عورتن جا
دنيا جي 25 طاقتور ترين عورتن واري ان فھرست ۾ چين جي 66 سالن جي سياستدان ليويا ندونگ به شامل آھي، جيڪا چين جي حڪومت ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي 25 ميمبرن واري پولٽ بيورو جي اڪيلي عورت ميمبر آھي. کيس يونيورسٽي آف نيويارڪ مان اعزازي پي ايڇ ڊي ڊگري مليل آھي ۽ سندس سڃاڻپ ھو جنتائو جي ويجھو ھئڻ واري به آھي.
طاقتور ترين عورتن جي ان فھرست ۾ مختلف شعبن مان اھڙيون عورتون شامل ڪيون ويون آھن، جن جا ڪردار ته اھميت جوڳا آھن پر انھن کي روزمره جي زندگيءَ ۾ عوامي سطح تي گھٽ سڃاتو وڃي ٿو. ان فھرست ۾ نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم، 62 سالن جي ھيلن ڪلارڪ به شامل آھي، جيڪا ھاڻي اقوام متحده جي اداري يو اين ڊي پي جي سربراھ آھي. سندس ھٿ ۾ 5 بلين ڊالرز جي بجيٽ آھي، جيڪا ھو 177 ملڪن ۾ ڦھليل پنھنجي اٺ ھزار ملازمن جي مدد سان غربت جي خاتمي ۽ ماحوليات وغيره تي خرچ ڪري ٿي. ان فھرست ۾ نائيجيريا جي ناڻي واري وزير نگوزي اوڪونجو اويلا به شامل آھي. ھارورڊ جي تعليم يافته 57 سالن جي نگوزي کي تازو ڏکڻ آفريڪا لاءِ نائيجيريا ورلڊ بئنڪ جي سربراھيءَ لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي.
ڄاڻايل فھرست ۾ آفريڪي ملڪ گيمبيا جي اھا قانوندان فاطوبه شامل آھي، جيڪا انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ ۾ تازو ئي چيف پراسيڪوٽر مقرر ٿي آھي. اھا 51 سالن جي قانوندان فاطو نائيجيريا ۾ پڙھي آھي ۽ ھاڻي کيس نئين ذميواري ملي آھي. انصاف جي عالمي عدالت ۾ تازو جيڪي ڪيس ھلي رھيا آھن، انھن ملزمن جو تعلق به فاطه جي آفريڪي کنڊ سان آھي، جن ۾ سوڍان جو عمر حسن البشير، ”خدا جي مزاحمتي فوج“ نالي لشڪر جو سربراھ جوزف ڪوني، ۽ آئيوري ڪوسٽ واري لارينٽ جباجو جا ڪيس شامل آھن.
عورتن واري ان فھرست مصر جي ڪنھن انقلابي اڳواڻي ڪندڙ عورت کي ته شامل نه ڪيو ويو آھي پر 61 سالن جي فائزه ابوالناغه جو نالو ضرور شامل ڪيو ويو آھي. فائزه اڳوڻي آمر حسني مبارڪ جي زال سان ويجھڙائپ سبب پرڏيھي مامرن ۾ اھم جاءِ والاري ويئي ۽ مصري سفارتڪاريءَ ۾ سندس وڏو نالو آھي. چون ٿا ته آمريڪا ۽ مصر وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ ۾ فائزه جو وڏو ھٿ آھي، جنھن ”بلين دالرز ۾ ملندڙ آمريڪي امداد ڪيئن خرچ ڪجي؟“ واري مامري تي سختي ڏيکاري. مصر ۾ انقلاب جي ھڪ سال کان پوءَ جڏھن حسني مبارڪ به ھاڻي منظر تي ناھي، تڏھن به فائزه ھاڻوڪي فوجي حڪمران جي سفارتڪاريءَ ۾ اصل طاقت بڻيل آھي. قاھره جي مظاھرن ۾ حصو وٺندڙ سوين اين جي اوز ڪارڪنن جا ڪيس اڃا به سندس ھٿ ۾ آھن، جن ۾ گرفتار ٿيل 19 آمريڪي اين جي اوز ورڪر به شامل آھن. آمريڪين کي خدشو آھي ته فائزه جي سخت ڪردار سبب مصر کي ملندڙ 1.5 بلين ڊالرز واري آمريڪي امدا به رولڙي جو شڪار ٿي سگھي ٿي.
ڄاڻايل فھرست ۾ اترڪوريا جي حڪمران گھراڻي جي 65 سالن جي عورت ڪم ڪيانگ به شامل آھي، جيڪا حڪمران جماعت جي پولٽ بيورو جي ميمبر آھي. اھا خاتون اترڪوريا جي باني ڪم ال سنگ جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي حڪمران ڪمجونگ جي ڀيڻ ۽ موجوده حڪمران ڪم جونگ اين جي پڦي آھي. سندس ڪردار اترڪوريا ۾ ان ڪري به اھم آھي جو ھوءَ 40 سالن کان حڪمراني ڪندڙ سرڪل جو حصو رھي آھي.
ڄاڻايل فھرست ۾ برطانيا جي ھوم سيڪريٽري ٿيريسامي جو به نالو شامل آھي، جنھن پنھنجي پارٽيءَ جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ھو ته، سندن ھارائڻ جا سبب اھي آھن جو ماڻھو سندن جماعت کي ”نيسٽي پارٽي“ سمجھن ٿا. ٿيريسامي 55 سالن جي اھڙي طاقتور خاتون آھي، جيڪا برطانيا جي چئن اھم آفيسن مان ھڪ جي مالڪ آھي. وزيراعظم، ماليات جي چانسلر، ۽ پرڏيھي سيڪريٽري سان گڏ برطانيا ۾ سندس آفيس اھم سمجھي وڃي ٿي. ائين ته ان فھرست ۾ فلسطيني جماعت پي ايل او جي سفارتڪار حنان اشراوي جو ۽ ڪوسوو جي صدر ايٽي فني جھجاجا جا نالا به شامل آھن پر فھرست مرتب ڪندڙن جي اک جو ڪمال ڏسو، جو ھنن ھو جنتائو کان پوءِ چين جي خاتون پينگ ليوان پاڻ به پيپلز ليبريشن آرمي ۾ ميجر جنرل جي عھدي تي آھي. سندس آواز تمام سريلو آھي. ھن چين جي فوج لاءِ ڪيترائي نغما ڳايا آھن، جن مان ھڪ ”اسان جو مستقبل اميدن جي ميدان ۾ آھي.“ چين جي فوج ۾ مقبول آھي. پينگ ليوان سماجي ڪمن ۾ حصي وٺڻ سبب پنھنجي سياستدان مڙس کان به وڌيڪ مقبول آھي. جنھنڪري صحت جي عالمي اداري ٽي بي ۽ ايڊز جھڙن مرضن بابت کيس خير سگالي سفير مقرر ڪيو آھي.
اھي ته ٿيون دنيا جون طاقتور ترين عورتون – پاڻ پنھنجي سنڌ ۾ جيڪڏھن اھڙي ڪا فھرست ٺاھيون ته ڪير ڪير ان شامل ٿي سگھي ٿو؟ ماڻھو ته تازو مقرر ٿيل ۽ تڪرار جي ور چڙھيل شھناز پير مظھر ۽ وحيده شاه جا نالا وٺن ٿا پر حقيقي انداز ۾ ڏسجي ته فنڪشنل ليگ جي ماروي راشدي، پيپلز پارٽي جي سسئي پليجو ۽ سوٽا جي ڊاڪٽر عرفانه ملاح جا نالا ته آسانيءَ سان ان فھرست ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، جن مرداڻي سماج ۾ مرداڻي ماٺ اڳيان مزاحمت ڪئي ۽ پنھنجو ڪردار جوڙيو. ھاڻي موڪل تي ويل وي سي نذير مغل جھڙن ماڻھن کي عام نظرن ۾ بدعنوان سمجھيو وڃي ٿو، پر ماروي ۽ عرفانه کي اھڙي ھٺ ڌرمي وارن مردن کي چئلينج ڪندڙ ۽ کين ھارائيندڙ بھادر عورتون سمجھيو وڃي ٿو.