ھنج سدائين ڏٻرا
سندس ڪجھه ايڪڙن واري زرعي زمين تي مينگھواڙن جو ڳوٺ ٻڌل آھي، انھن گھرن جي وچ ۾ ٺاھيل سندس باذوق، پر جديد اوتاري تي آئون ڪجھه سال پھرين ترسي آيو ھئس، جتي ھن . . .سبزي، شامي ڪبابن ۽ بريڊ کي گڏائي فراءِ پان ۾ ڪجھه اھڙي طرح تريو ھو، جو ان ڊش جو نالو به اسان خانه بدوش رکي پئي مزا ورتا. ان ڊش ۾ چس وڌيڪ ان ڪري به ھو، جو خورشيد جي ڳالھين جي چاشني به ان ۾ شامل ھئي. ھن انھن خانه بدوشن منجھان ئي ھڪ ھمراھ کي ڪمدار ڪري رکيو. ھن بنا ٽريننگ فيس وٺڻ جي سندس اھڙي ڪيپسٽي بلڊ ڪئي، جو ھمراھ ڪمدار مان ٺيڪيدار ۽ ٺيڪيدار مان باغن جو مالڪ بڻجي پيو. زماني جي گردش گھمائي ڦيڙائي وري جڏھن ٽنڊو الھيار جي ڪنھن مختصر معاشقي جھڙين سوڙھين ۽ پرڪشش گھٽين ۾ پھچائي ڇڏيو، تڏھن ھي شخص دنيا جھان کان لاتعلق بڻيو ”وڏو الم“ پاڙي ۾ پنھنجي گھر ڀرسان اھڙي دڪاندار جي دڪيءَ تي ڪرسي رکي ويٺل نظر آيو. جيڪو سندس نظرياتي مخالف بڻيل آھي. ھي ڪلين شيو سچل جي پيغام جو پيروڪار ته ”مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا“ ۽ ھو پنج وقته پاپند. قدرت به ڇا ته جوڙ ۽ بي جوڙ خلقيا آھن. سندس جوان ۽ اولادي پٽ کيس مشورو ڏين ٿا ته ھو ھر آچر تي ان زرعي زمين واري خانه بدوشن جي آباد ڪيل ڳوٺ وڃي، پر ھو چوي ٿو ته ان ڳوٺ جو منھن تڏھن کان نٿو ڏسان، جڏھن کان اھو ڪمدار گذاري ويو آھي. آمريڪا ۽ ڪئناڊا مان کيس مائٽن عزيزن ۽ دوستن جا سڏ اچن ٿا ته ٽڪيٽون پيون اٿئي، رڳو سنڀري ڪپڙن جا ٻه جوڙا کڻي تون اتان نڪر، پر ھو خاموش، ان خاموشيءَ ۾ پاڻ کي وڌيڪ سزا ڏيڻ ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ موت جي ويجھو ڪرڻ خاطر پڙھن لکڻ بند ڪري ڇڏيو اٿائين. خاموشي کان پوءِ آھستي آھستي بخيل ۽ بيزار ڪندڙ پوڙھائپ طرف پيو وڃي، پر ڇو. . . .؟ اھو سوال کانئس پڇڻ جي ھمت نه ڪري سگھيس.
پنھنجي شھر جي شاھي بازار منجھان گھمندي ڪنھن دوست کيس ھٿ جو سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪاوڙ لڳي، حالانڪه منجھند ٿي چڪي ھئي، پر ھن پنھنجي پسنديده مٺائي واري دڪان تان حلوه پوري ورتا. اسان صفائي کان محروم شور شرابي واري ھوٽل تي ويھي منجھند جي ماني کاڌي، ھن ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنو، مون نه کيس نه چاھيندي به ڪجھه واڪ ڪرڻ ۽ ٻاھر نڪري سوشل ٿيڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ ڪتاب پڙھڻ جو مفت مشورو ڏنو. ھن طنزيه مسڪراھٽ سان چپ بند ڪيا ۽ اکين سان اھو چيائين ته ڪيڏو نه ”اياڻو آھين، ڇا اھا خبر مون کي ناھي.“ ”خورشيد کي ڪا بيماري به ناھي ته ائين پاڻ کي ڊپريشن ۾ ڇو پيو آڻي؟“ ٽنڊوالھيار کان واپسي تي مون کي خورشيد جي پراڻي ۽ گھاٽي دوست ٻڌايو ته ھن جي محبوب دوست ھن جي اکين جي اڳيان گذاري وئي آھي، ان ڪري ھو گرمين ۾ اسڪردو ۽ ٻين اترين علائقن ڏانھن ھليو ويندو ھو. اھا ته خبر ھئي، پر ھو ويندو لاھور مان پنھنجي ان سھڻيءَ جھڙي محبوب سان ھو، جنھن لاءِ چيل آھي ته ”ساھڙ ڌاران سھڻي نسورو ئي ناپاڪ.“ ھو ٻئي ڄڻا اسڪردو ۾ ھڪ اين جي او جو پروجيڪٽ به ھلائيندا ھئا، پر ويندا جڳ جھان کان پري ٿيڻ ھئا. ھو آڌيءَ رات اڏامڻ وارا پکي ھئا.
پکي سڀ مچن، ھنج سدائين ڏٻرا
لوڪ ستو ننڊون ڪري ھو آڌيءَ رات اٿن
پکيئڙن ڪڏھن سمھي سک نه ماڻيون
اھا رات ۽ اھو منظر ھو ته ڪنھن کي ٻڌائڻ لاءِ تيار به ناھي، پر سندس دوست چواڻي ھڪ رات، اوچتو سندس دوست ھٿ ڇڏائي ڪنھن کاھيءَ ۾ ڪري پيئي. صبح ٿيڻ تائين ھو سندس لاحاصل تيماداري ڪندو آيو، صبح جو سندس اپيلن تي ھڪ آرمي ھيليڪاپٽر آيو، ڇو ته ھوءَ به ڪنھن مرحوم ڪرنل جي زال ھئي، جڏھن ھيلڪاپٽر ۾ کيس رکيائون ته ھن جو دم پرواز ڪري چڪو ھئو.
اکين ڪين ڪمايو جو رت نه رنائون
پلاڻيندي پرينءَ کي بيٺي ڏٺائون
تن اکين کي آئون ڪجل ڪھڙو پايان
ھو ڀٽائي ايترو نه ڄاڻيندو آھي، پر سندس چھري، اکين ۾ بند ٿي ويل زبان مان اھا ئي جھونگار ھئي.
ڪجھه نفيس ماڻھن جي زندگي گذارڻ جا سپنا به عجيب ٿين ٿا ۽ ڪجھه پيار ڪندڙ ماڻھن جي وڇوڙي جا خواب به حسرتن ڀريا ھجن ٿا. ان رات سمنڊ جي سرد ھوائن کي جڏھن ڪافيءَ جا ڍڪ به مات نه ڏئي سگھيا ته ھو پنھنجي جسمن ۾ سامونڊي لوڻياٺ واري نمي کڻي نڪتا. سندس رخ ته ڪنھن جديد شاپنگ مال طرف ھو، پر رستي ۾ اچانڪ عبدالله شاھ غازي جي مزار وٽ ھن جديد دور جي صوفياڻيءَ کيس گاڏي روڪڻ ۽ مزار اندر ھلڻ لاءِ چيو. ھن مزار جي ڏاڪڻن وٽان قبرستان طرف وڃي کيس ان زال مڙس جي ڪلھو ڪلھي ۾ ملايل قبرون ڏيکاريندي ٻڌايو ته ھي وصيعت ڪري ويا ھئا ته کين ھڪ ئي قبرستان ۾ گڏ دفن ڪجو. ”پاڻ به ائين ڪنداسين، جھونا ٿي ٻارن کي اھڙي وصيعت ڪري وينداسين.“ اھي جذباتي جملا ٻڌي ھمراھ جي ھٿن مان گل ڪري پيا. ھن صوفياڻيءَ کي اھا بدشگوني لڳي واپس موٽيا، پر سڄي رات سندن تعلق خوشگوار نه رھيا. صبح جو ھو ستو ئي پيو ھو ته فقيرياڻي ٻيھر اچي عبدالله شاھ غازيءَ جي مزار تي پھتي، پر کيس اھا يونيڪ جوڙي واري قبر نظر نه آئي، جنھن جي سيرانديءَ کان ڪي لاجواب ڪلمات لکيل ھئا، شام جو واپس اچي ھوءَ سامان کڻي پنھنجي مائٽن جي گھر ھلي ويئي، ھن کي صرف فيس بڪ تي اھو ميسيج موڪليائين ته:
پکي سڀ مچن، ھنج سدائين ڏٻرا
پنھنجو خيال رکجانءَ، فقير اڃان ڪنھن ٻئي رڻ جا راھي آھن.