ريجھو مل لاھوري . . . منھنجو ليجنڊ
ريجھو مل لاھوريءَ جي ڪردار بابت لاڙڪاڻي جي ھاڻوڪي جوان ٿيل نسل کي به شايد خبر نه ھُجي، ڇو ته اھڙا ڪردار ۽ انھن جي بايو ڊيٽا گُوگل تي سرچ ڪرڻ سان نه ٿي ملي. اھڙن ڪردارن جون جھڪيون جھڪيون يادگيريون ھاڻي پوڙھپڻ طرف ويندڙ نسل جي ذھنن ۾ ئي سانڍيل آھن. جيئن لاڙڪاڻي جو سينئر وڪيل ۽ اڳوڻو ايم اين اي اقبال ميمڻ آھي. گذريل اليڪشن جي سرگرمي دوران اقبال ميمڻ سان سندس بنگلي جي ھڪ ڪمري ۾ ملاقات ٿي ته اسان گھڻو تڻو اليڪشن جي باري ۾ ڳالھايو پر جڏھن شھر جي سُونھن سينگار جي ڳالھه نڪتي ته ھن ھڪ مجسمي جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندن وچ شھر واري بنگلي جي گيٽ اڳيان چوراھي تي لڳل ھوندو ھو.ڪاري رنگ جي پلاسٽر آف پيرس سان لڳل اھو مجسمو کين صبح شام يادگيري ڏياريندو ھو ته، ھن شھر ۾ انسانيت جو ھڪ خادم ريجھومل به ٿي گذريو آھي. جنھن جي خدمتن عيوض سندس مجسمو چوراھي تي لڳايو ويو ھو. ريجھو مل جو اھو مجسمو ڪيڏانھن ويو، ان تلاش ڪرڻ کان اڳ اوھان ڀلي سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻي (جوتي) پڙھو جنھن ۾ سر گنگا رام اسپتال جي بانيءَ جي مجسمي مٿان ڪُجھه جنونين ڪيئن نه حملو ڪري کيس جُوتن جو ھار پئي پارايو ۽ جڏھن انھن حملي آورن مان ھڪ پوليس جي گولين لڳڻ سبب زخمي ٿئي ٿو، ته کيس علاج لاءِ سر گنگارام خيراتي اسپتال آندو وڃي ٿو.
مون کي ان ريجھومل جو ڪردار ئي ذھن ۾ ھو، جڏھن ھڪ رات مون پنھنجي فيسبُڪ فرينڊز کان معلوم ڪيو ھو ته، ليجنڊ لفظ جي سنڌي معنى ڪھڙي ٿيندي، گھڻن ئي دوستن عظيم، شاندار ڪردار وارو ۽ ٻيا ڪي لفظ ٻُڌايا پر مون اھو سوچيو ته، چاپلوسيءَ جي جنھن دورِ حاضر مان اسان جو نسل گذري رھيو آھي، ان ۾ عظمتن جا عجيب معيار مقرر ٿي پيا آھن. تنھنڪري بھتر اھوئي رھندو ته ھن فقير منش ماڻھوءَ کي ليجنڊ ئي قرار ڏجي. اھو انگريزي لفظ ليجنڊ مونکي تڏھن ذھن ۾ آيو، جڏھن ٻه سال اڳ ھڪ آمريڪي جھاز جي ڊگھي سفر دوران بوريت ختم ڪرڻ لاءِ مون ھالي ووڊ جي ھڪ فلم ”آئي ايم ليجنڊ“ جي نالي سان ڏٺي. اھا فلم جنھن وقت ختم ٿي رھي ھئي، رات جي ان پھر اسان نيويارڪ شھر جي خوبصورت روشنين واري ڪھڪشان مٿان لامارا ڏيئي ايئرپورٽ تي لھڻ وارا ھئاسين. اھا فلم به جنھن ناول تان کنئي ويئي آھي، ان جو مرڪزي شھر نيويارڪ ئي آھي. اھا ان ناول تي ھالي ووڊ جي ٽين فلم آھي، جيڪو رچرڊ مٿيسن لکيو آھي، ان جو موضوع سائنس فڪشن ۽ ھارر آھي، جنھن ۾ ڪينسر جي ھڪ وئڪسين تيار ڪرڻ دوران ھڪ وائرس شھر ۾ پکڙجي وڃي ٿو، جنھن جا متاثر ماڻھو ڀوائتو روپ وٺي يا آدم خور بڻجي باقي بچيل انسانن کي کائين ٿا، انھيءَ وبا ڦھليل شھر ۾ ھڪ ليفٽينٽ ڪرنل رابرٽ نيل بچي ٿو، جيڪو پنھنجي اپارٽمينٽ ۾ وئڪسين ۽ کاڌ خوراڪ بچائي رکي ٿو، جيڪو شھر ۾ ريڊيو تي اعلان ڪري ٿو ته، وائرس سبب متاثر ماڻھو ساڻس ڪنھن گھٽيءَ، ڪنھن موڙ تي ملن، وٽس کاڌو ۽ علاج آھي پر وائرس سبب ڀوائتا بڻيل ماڻھو خود ان ليفٽينٽ ڪرنل جي گھر تي حملو ڪن ٿا، ته جيئن ھن کي به چريو ڪري وجھن. انھن ڏانئڻن جو علاج ته ٻيو آھي، پر ھو سج جي روشني ۽ شيشي جي عڪس کان لڪي ڀڄي وڃن ٿا، ھنن جو ڪردار اونداھين جي پوڄارين جھڙو آھي. جيڪي صرف اونده ۾ ئي پلجي جوان ٿين ٿا. اھڙي وبا کان بچائڻ لاءِ ھو پنھنجي زال ۽ ڌِيءُ کي ٻين ماڻھن سان گڏ شھر کان ٻاھر موڪلي ٿو ڇڏي. ان فلم سبب ان ناول جا ڪردار نيويارڪ شھر کان شفٽ ڪري ٻاھر آندا وڃن ٿا، جتي ھالي ووڊ جو مھانگو ترين سِين بروڪلن برج تي فلمايو ٿو وڃي، جنھن ۾ شھر جي وبائي وائرس کان بچيل ماڻھن کي نيويارڪ کان ٻئي شھر ٻيڙين تي منتقل ڪيو ٿو وڃي. فلم جو صرف اھو ھڪ سِين پنج ملين آمريڪي ڊالرن جي خرچ سان فلمايو ٿو وڃي.
اھا فلم ڏسڻ کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ 1942ع وارو اھو لاڙڪاڻو شھر اڀري آيو، جتي ڪالرا وبائي صورت اختيار ڪري ويئي ھئي، جتي ھڪ ھڪ ڏينھن ۾ درجنين ماڻھن جا جنازا ائين پئي کنيا ويا، جو ھڪڙن کي قبرستان حوالي ڪرڻ کان پوءِ ٻين جون ارٿيون کڄڻ جي انتظار ۾ ھيون. ان وقت حالتون ايتريون سنگين ھيون، جو لاشن کي ڪلھو ڏيڻ ۽ سندس جنازي نماز پڙھن وارا ڪونه ھئا، جنھنڪري اجتماعي جنازا پڙھي لاشن کي ڏاند گاڏين تي کڻي قبرستان پھچايو پئي ويو، اھڙي وبائي بيماريءَ جي حالتن ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي ميونسپل ھنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. جنھن جو چيف اھو ريجھو مل لاھوري ھو، جنھن لاءِ ڪٿي ڪٿي ائين به چيو وڃي ٿو ته، ھُو ڊاڪٽر ھو ۽ وبائي بيمارين جي ور چڙھيل مريضن جو علاج ڪندي پاڻ به ان بيماري جو شڪار ٿي ويو پر ليبر ھال لاڙڪاڻي جي در تي ويٺي تاريخي ورق کوليندي استاد خالد ٻُڌايو ته، ريجھومل ان وقت جي ميونسپل جو چيف ھو، جيڪو پگھاردار نه پر رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪندو ھو، جڏھن بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي ته، ته سندس ويجھن رشتيدارن کيس ائين لڏڻ جي صلاح ڏني، جيئن ھاڻي بدامنيءَ جي ور چڙھيل شھرن مان ھندو پنھنجي رشتيدارن کي لڏڻ جون صلاحون ڏيئي رھيا آھن پر ھُو ريجھومل ھو، جيڪو ڪامريڊ سوڀي جي آدرشن جيان اٽل بيھي رھيو ته، ڪجھه به ٿي پوي، مونکي پنھنجي جنم ڀومي ڇڏڻي ڪونھي. لاڙڪاڻي شھر ۾ ان وقت جي لحاظ سان ريجھو مل پنھنجون خدمتون تيستائين جاري رکيون، جيستائين ان وبائي بيماريءَ کيس به نھوڙي بستري ڀيڙو نه ڪيو. سندس موت ان ئي سال ان وبائي بيماري جي سَٽ نه سھڻ ڪري ٿيو. سندس لاڏاڻي تي ان وقت رڳو لاڙڪاڻو اداس نه ھو پر بمبئي کان لنڊن ۽ گلاسڪو تائين مختلف اخبارن ۾ سندس لاڏاڻي جون خبرون ڇپيون ۽ ڪيترن ئي شاعرن سندس موت کي انسانيت جو نقصان قرار ڏنو.
ائين به ناھي لاڙڪاڻي پنھنجي ان محسن کي صفا ڪو وساري ڇڏيو آھي، لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪيل خدمتن عيوض مقامي ميونسپل ھڪ چوڪ سندس نالي ڪيو ۽ ان جاءِ تي سندس ياد ۾ مجسمو به تيار ڪري لڳرايو، ته جيئن اتان گذرندڙ ھر ماڻھوءَ کي خبر پوي ته لاڙڪاڻي جو ھڪ نيڪ مرد ھِي ريجھومل لاھوري به ھو. جيڪو لاھوري محلي ۾ رھڻ سبب پاڻ کي لاھوري سڏرائيندو ھو. ريجھومل جو اھو مجسمو تيستائين ان چوڪ تي سينگاريل ھو، جيستائين ھندستاني فسادن کان متاثر ٿي، اسان جا ھندستاني ڀائر مھاجر بڻجي لڏي اچي سنڌ جي شھرن ۾ نه پھتا ھئا. جڏھن اھي سنڌ جي ننڍي وڏي شھرن ۾ پھتا، ته انھن مقامي شھرن جا مزاج بدلائي ڇڏيا، جن منجھان لاڙڪاڻو به ھڪ آھي. ھندستاني مھاجرن ڀائرن جي لڏي اچڻ کان پوءِ ڪجھه سال پوءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ جڏھن ھڪ مشتعل جلوس نڪتو، ته انھن مھاجر ڀائرن ان جلوس ۾ تلوارون کڻي شرڪت ڪئي ۽ سندن تلوارن جو نشانو اھو ريجھومل جو مجسمو بڻيو، جنھن بنا ڪنھن ھندو مسلم فرق جي ڪالرا جھڙي وبا کي شھرين کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ريجھومل جي مجسمي جو ھيٺيون ڌڙ ته ھنگامي ۾ مڪمل طور تباھ ٿي ويو پر سندس مُنڍي ميونسپل وارا بچائي پنھنجي آفيس ۾ کڻي آيا. جيڪا ميونسپل جي ڪنھن ڪٻاڙخاني ۾ اڃان به آھي الاءِ نه، ڇو ته ميونسپل آفيس لاڙڪاڻي ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو آھي پر ريجھومل جي مجسمي جو ڪو نالونشان نظر نٿو اچي.
آئي ايم ليجنڊ واري فلم مان ائين لڳي ٿو ته، دُنيا پنھنجي افسانوي ڪردارن کي به ڪيترو پنجھائپ ۽ پيار سان اپنائيندي رھي ٿي ۽ ان جي تشھير ڪري ٿي پر اسان بيمار معاشري جي بيمار ذھنيت جو مظاھرو ڪندي ريجھومل کان لاتعلقيءَ جو اظھار ڪري ويٺا آھيون. لاڙڪاڻو ميونسپل ڀلي ته انسانيت جي ان خدمتگار جي روپ کان منھن موڙي پر گھٽ ۾ گھٽ ھندو پنچائت لاڙڪاڻي جا اڳواڻ ته ائين نه ڪن. ريجھومل جي مجسمي کي ڳولي ٻيو ڪو ھنڌ نه ملي، تڏھن به ڌرمشالا جي اندر ڪنھن ڪُنڊ ۾ ھن فقير منش ريجھومل کي ياد ڪن، ته جيئن اسان پنھنجي شاندار ماضيءَ کان ڪٽجي نه سگھون. اسين ريجھومل جي ياد سان جُڙيل رھون، ته جيئن اسان ۾ انساني قدرت جي گردش جيان روان دوان رھن.