لاھي سگھڻ جھڙا ٿورا
انھن ئي ڪچھرين واري ھڪ شام ھن پڪوڙن جو آرڊر ڏيندي چيو، ”يار پڪوڙن واري ڳالھه تان ياد اچي وئي ته بس توکي ٻُڌائي ٿو ڇڏايان ته ادا اسان غريب جا ٻار ڪٿان سي ايس ايس ڪري سگھون ھا، اگر منھنجي شھر ۾ اھا شاھنواز لائبريري نه ھجي ھا، جتي ڳوٺان صبح جو ماني کڻي ايندو ھئس ۽ شام يا منجھند ڌاري پڪوڙن سان کائيندو ھئس. منھنجو بابو ڪو ايترو امير ڪونه ھو، ادا منھنجي ابي کي ته منھنجي ايس پي ٿيڻ جي خبر ئي تڏھن پئي، جڏھن سندس ڊوزر خراب ٿي پيو ۽ ھو پاڙي جي مستريءَ وٽان مشينري کڻڻ آيو ھو، ڇو ته ھو ڊوزر جو ڊرائيور ھوندو ھو. ايتري شديد غربت ڏسڻ کان پوءِ منھنجي دل نه چوندي ھئي ته ڪو شام جو ڳوٺ به موٽي وڃان ۽ وڃي ابي امان جو غربت سبب بيحال ڪندڙ جھيڙو ٻُڌان. امان به تنگدستيءَ مان تنگ ٿي پئي ھئي. گھر ۾ ڪو اھڙو ماحول ڪونه ھوندو ھو، جو سي ايس ايس جھڙي امتحان جي تياري ڪري سگھان ھا. ٻين ھمراھن کي ته پنھنجا بيوروڪريٽ بابو اسلام آباد ۽ لاھور کڻي امتحان ڏياريندا ھئا، پر مون کي ته ان ئي شھر جي لائبريري ۾ پڙھڻو ھو، جتي شام جو ھڪ ٽيوشن ڏئي، جيب خرچي ڪڍندو ھئس.“
سندس ڳالھين ئي ڳالھين دوران کيس تڪ جي ان ايم پي اي جي فون اچي وئي، جيڪو سدائين منسٽر رھڻ جو عادي ھوندو ھو، تنھن سان وڏي حُجت ۾ ايئن ڳالھايائين، جھڙوڪر پاڻ ننڍپڻ جا دوست ھجن. کيس گذريل رات جو ڪو لطيفو دُھرائيندي چيو ھئائين، ”سائين توھان جي ان مشوري کان پوءِ مون ته صبح شام چڪن تڪه کائڻ شروع ڪيا آھن ته ڪٿي اھا ڪمزوري مون کي به نه ٿي پوي، نيٺ مون کي به شادي ڪرڻي آھي.“ سندس فون تي ڳالھيون ھلندي اردلي سندس چَپل کڻي آيو ۽ ھن بوٽ کي اردليءَ جي ھٿن ۾ لاھينديءَ اھا چپل پاتي ۽ اشارن ۾ پڪوڙا آڻڻ جو چيائينس، جڏھن پڪوڙا اچي ويا ته ھن به فون بند ڪري رکي ۽ مون سان مخاطب ٿيندي چيائين، ”سو ادا اھڙي غربت ڏسڻ کان پوءِ مون ته پھرين فرصت ۾ امڙ کي پاڻ سان گڏ رھائڻ شروع ڪيو ته جيئن ھو وڌيڪ ڏُک نه ڏسي. ھاڻي پنھنجي ڀاءَ کي پيٽرول پمپ به ھڻائي ڏيان ٿو ته جيئن ھو به ڪنھن ڪاروبار سان لڳي وڃي.“ ان ملاقات ۽ ان پوليس آفيسر سان ڪچھريءَ کي ڪي ورھيه گذري ويا آھن. انھن ٻنھي ڀائرن ڪاروبار به جام ڪيا ۽ ترقيون به ماڻيون. ھاڻي شايد ڊي آءِ جي سطح تي وڃي پھتو ھجي ۽ آخري ڀيرو ته ٻُڌايائين ته مينھن جو واڙو به کوليو اٿس، پر ھن کي پنھنجي پوري ڪيريئر ۾ اھا فرصت ڪڏھن به نه ملي ته ھو واپس ان شاھنواز لائبريري کي وڃي ڏسي ته ڪٿي ڪنھن شئي جي ڪمي ته ناھي، ڪٿي ان لائبريري کي سندس مدد يا سھڪار جي ضرورت ته ناھي. اھو پوليس آفيسر ۽ اھا لائبريري مون کي تڏھن ياد پيا، جڏھن تازو ڊاڪٽر ضمير آمريڪا مان واپس آيو ۽ ھن اتان جي ھڪ پبلڪ پارڪ جو فوٽو ڏيکاريو ته ، ”ڏس ان ملڪ جا ماڻھو پبلڪ پارڪ ۾ ھڪ بينچ جو به عطيو ڏين ٿا.“ ھن اھا بئنچ ھڪ ڍنڍ ڪناري باغ ۾ پيل ڏٺي ھئي، جتي ان عطيو ڪندڙ جو نالو به لکيل ھئس. ڊاڪٽر جي فوٽو تان مون کي ياد آيو ته جڏھن ٻه سال اڳ آئون برطانيا جي شھر برائيٽن ويو ھئس، تڏھن به پبلڪ پارڪ ۽ سمنڊ ڪناري رکيل بينچن کي ڏسي مون کي ساڳي حيرانگي ٿي ھئي ته انھن بينچن تي ماڻھن جا نالا ڇو لکيل آھن؟ انھن عوامي جڳھن تي پيل بينچن تي لکيل نالا نوٽ ڪري، مون فوٽو البم به ٺاھيو ھو، جنھن ۾ سمنڊ ڪناري ھڪ پُرفضا مقام تي رکيل ان ڪاٺ واري بينچ تان ڪارن اکرن ۾ لکيل ھو ته، ”ھي بينچ منھنجي پياري دوست ڊيوڊ جي نالي، جيڪو پنھنجي حياتيءَ ۾ سدائين واڪ ڪرڻ کان پوءِ ھن جڳھه تي اچي ساھي پٽيندو ھو. سندس پسنديده جڳھه تي ھي بينچ آئون عطيو ڏيان ٿو ته جيئن ڪير به ھن بينچ تي ويھي کيس ياد ڪري ته ڊيوڊ اسان توکي ھڪ پل به نه وساريو آھي.“ اھڙيون بينچون نه صرف برائيٽن بيچ تي لڳل ھيون ۽ شھر جي پبلڪ پارڪ ۾ پر مٿي جبلن تي قائم شھر ھوو ۾ به ساڳيون بينچون لڳل ھيون. انھن ڏينھن ۾ ئي مونکي خيال آيو ھو ته اسان جي سماج جي اڪثريت ته اڻپڙھيل ٿي، پر جيڪي اسان جا پڙھيل لکيل ۽ سمجھدار ماڻھو آھن، ڇا انھن ڪڏھن سوچيو آھي ته زندگي ۾ ڪاميابين کان پوءِ پنھنجي ادارن کي پي بيڪ ڪريون، پنھنجي ادارن ۽ پنھنجي انھن ماڻھن جا ٿورا مڃون، جن ڪيريئر جي شروعات ۾ سندن مدد ڪئي ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ اتساھيو.
مون کي ٻين جي خبر ناھي، پر انھن چند سي ايس ايس آفيسرن جو پتو ضرور آھي جن کي مقابلي وارن امتحانن ۾ ڪامياب ڪرڻ ۾ انھن شاھنواز لائبريرين ۽ علامه دائود پوٽو لائبريرين جو وڏو ھٿ ھو، پر بعد ۾ انھن اعلى عملدارن انھن لائبريرين سان اھڙو حشر ڪيو، جو ڪم نڪتو، ڪاڳر ڦاٽو . . . ڪڏھن واپس مُڙي نه نھاريائون ته انھن لائبريرين ۾ پنھنجي ياد ۾ ئي ڪي ڪاٺ واريون بينچون جوڙائي رکون، ڪي واٽر ڪولر لڳرايون ۽ يا ڪي ڪتابن جا شيلف ۽ ڪارنر قائم ڪرايون ته جيئن ايندڙ نسل کي اتساھ ۽ سھولتون ملن. ڪنھن ھڪڙي ڪاٺ واري بينچ يا واٽر ڪولر تي آخر خرچ به ڪيترو ايندو . . . يقين ڪريو ايترو خرچ ھرگز نه ايندو، جيترو ھاڻي انھن آفيسرن جي رات جي دعوت جو خرچ آھي. ايترو خرچ بلڪل به نه ايندو، جيترو خرچ ھو پنھنجي پنھنجي برادريءَ جي سردارن جي ٽھل ٽڪور ۾ ادا ڪن ٿا. اھي سردار جن کين اڳتي وڌڻ ۽ تعليم وٺڻ کان روڪيو، پر ھو مصلحتن يا طبقي جي ھڪجھڙائيءَ سبب ھاڻي انھن سردارن جي به ٽھل ٽڪور ڪن ٿا ۽ سندن ٿورا مڃين ٿا ته، ڇا ھڪ پبلڪ لائبريري، جنھن توھان جي زندگي ئي بدلائي ڇڏي، ان کي پي بيڪ ڪرڻ يا ان جا ٿورا ڳائڻ ۽ لاھڻ جيترا پيسا توھان ويھين گريڊ جي آفيسرن وٽ نه ھوندا . . . يقينن ھوندا، پر ڇاھي ته اسان وٽ اھو ڪلچر ناھي، تڏھن ته اوھان عقيدي جي بنياد تي کيسو خالي ڪريو ٿا، پر لائبريري ۾ ڪولر يا بينچ رکڻ کي عيب ٿا سمجھو.