ڀوتار بمقابله ڀوتار! . . .
سنڌ جي اقتدار ۽ سياست جو المناڪ پھلو رھيو آھي ته ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا آمريت، پر اقتدار جا مزا سدائين موقعي پرست ڀوتار يا وڏيرڪي طبقي ورتا آھن. اقتدار جو ثمر ڀلي ته اھا نام نھاد جمھوريت ڇو نه ھجي، ان ۾ به اقتدار جو حقيقي ثمر عوام تائين پھچي نه سگھيو آھي. جنھنڪري ماڻھو ڪجھه سالن جي جمھوري ساھي يا دور کان پوءِ ان مان به بيزار ٿي چوڻ شروع ڪن ٿا ته ”ادي مئي ، ادو ڄائو اسان ايتري جا ايترا!“ سنڌ جي ٻوڏ ستايل ماڻھن جي غلاميءَ جھڙين زندگين ۾ ذلتن جو اضافو اڄ به ٿي رھيو آھي، پر اھي بيوسي واري خاموشيءَ ۾ ھليا وڃن ٿا. جڏھن ته باغي ڪارڪن اڄ به پنھنجي اندر ۾ موجوده حڪومت بابت ڪيترائي سوال کڻي گھمندو رھي ٿو. پر کيس اقتداري سياست جي حوالي سان ڪو متبادل به نظر نٿو اچي ۽ ھو خاموش ٿيو وڃي. ”پيپلز پارٽي جي قيادت ان خوش فھمي يا غلط فھميءَ ۾ رھي ٿي ته سنڌ اسان جي ھٿن مان ڪيڏانھن به نه ويندي، پر ھر دور ۾ ايئن نه ٿيندو، ايندڙ دور ھنن لاءِ ڏکيو ھوندو.“ پيپلز پارٽيءَ جي ھڪ باغي ڪارڪن ان ڏينھن سياسي بحث دوران چيو.
سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ پاڪستاني اردو پريس جي اھا خبر اڄڪلھه عام جام بحث ھيٺ آھي، جنھن ۾ لکيل آھي ته ايوان صدر جا معاملا طارق عزيز ھلائي رھيو آھي. طارق عزيز اڳوڻي آمر پرويز مشرف جو ڪلاس فيلو ۽ خاص مددگار رھيو آھي. مشرف جي دور ۾ ھن اچي ايوان صدر اندر ديرو ڄمايو، جيڪو اخباري اطلاعن مطابق اڃا به قائم آھي. طارق عزيز ايون صدر ۾ موجود آھي يا نه، جيڪڏھن آھي ته ھڪ آمر جي باقيات جو جمھوري صدر جي دور ۾ ايوان صدر اندر ڪھڙو ڪردار آھي، ان بابت ايوان صدر پاران اڃان تائين ڪا به وضاحت جاري نه ڪئي ويئي آھي. ڪجھه تجزئي نگارن جو خيال آھي ته مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاھي سان ھلي وڃي ڀاڪر پائي جو ڪريڊٽ اڪيلي سر سينيٽر بابر اعواڻ کي نٿو وڃي، ڇو ته چوڌري پرويز الاھي ان کان اڳ طارق عزيز معرفت ايوان صدر ۾ وڃي ”اصل تي وڊي مالڪ“ سان باڪر پائي ملاقاتون ڪري چڪو آھي. اھا ته اسلام آباد جي اقتداري ايوانن جي حڪمت عملي ھوندي، پر سنڌ اندر رھندڙ پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن ھڪٻئي کان پڇي رھيا آھن ته اھا ”قاتل ليگ ڪڏھن کان اسان جي ڀاڪر ليگ ٿي ويئي آھي!؟“ پيپلز پارٽيءَ جي نظرياتي ڪارڪنن جي ان ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ بابت ھڪ بحث دوران مون ھڪ سينئير اڳواڻ کان پڇيو ته ”اھي منجھائيندڙ سوال ۽ ڳالھيون توھان پنھنجي پارٽي ايوانن اندر ڪرڻ بدران ٻاھر گھٽين ۽ ھوٽلن ۾ ڇو ٿا ڪريو؟“ جواب ۾ ھن صرف ايترو چيو ته ”ايوانن ۾ اھڙي حالت ٿيندي ھجي، جھڙي يوسف ٽالپر ۽ ظفر شاھ سان ٿي ته پوءِ اسان ڇا ڪريون.“
ان ڳالھه جو پسمنظر سمجھائڻ لاءِ ھن پيپلزپارٽيءَ سنڌ ڪائونسل جي مھينو اڳ ٿيل اجلاس جو تفصيلي احوال ڏنو، جنھن جو ھو پاڻ به ميمبر آھي. ان سينيئر پ پ اڳواڻ بقول، ظفر شاھ ۽ يوسف ٽالپر جڏھن پارٽي وزيرن تي تنقيد ۽ ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي ته ٻنھي کي تقرير بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو. پيپلز پارٽيءَ ھڪ جمھوري پارٽي سمجھي وڃي ٿي، پر ان جي ايوان ۾ جڏھن سينيئر اڳواڻن کي ڪارڪنن ھٿان ھوٽنگ ڪرائي خاموش ڪرايو وڃي ته پوءِ ٻيا سينيئر اڳواڻ خاموش رھڻ ۾ ئي عافيت سمجھندا. سنڌ ڪائونسل جي ان ايوان جي ھڪ ٻي اھم تقرير ان وزير جي ھئي، جنھن بينظير ڀٽو جي ٻن ساٿين ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان کي گھٽ وڌ ڳالھائي، کين بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو. پيپلز پارٽي پنھنجي ايوانن اندر جڏھن بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل جا ذميوار مقتول اڳواڻ جا اھي پراڻا ساٿي قرار ڏنا وڃن. جن جو ذڪر ھن پنھنجي ڪتاب ڊاٽر آف دي ايسٽ ۾ به ڪيو آھي ته پوءِ جنرل پرويز مشرف، چوڌري پرويز الاھي الزام کان ڪيئن نه آجا ٿيندا.
انھن مايوس ۽ غريب ماڻھن کي ڪير سمجھائي ته ھي نظرياتي سياست کي دفن ڪرڻ ۽ اقتداري سياست کي عروج تي پھچائڻ جو دور آھي. اھڙي اقتداري سياست جنھن ۾ ڪوبه اصول، ڪو به نظريو نه ھجي، پر نظر صرف اقتدار جي ڪرسي تي ھجي. سنڌ اندر جمھوريت جي نالي ۾ اڄڪلھه اھي ڀوتار اقتدار جا مزا ماڻي رھيا آھن ۽ سڀاڻي جي اقتدار ۾ اچڻ جي تياري به اھي ڀوتار ڪري رھيا آھن، جن ويچارن تي ھروڀرو ”اسٽيبلشمنٽ جا ماڻھو“ ھجڻ جو ٺپو لڳو پيو آھي. حالانڪه وڏي نظر ڪري ڏسجي ته اقتداري سياست ۾ ”داخلا جا حق ۽ واسطا“ وڏن ڀائرن وٽ محفوظ آھن، جنھن کي چاھين داخل ٿيڻ ڏين ۽ جنھن کي چاھين ٻاھر بيھاري ڇڏين. اسٽيبلشمنٽ جا ڀوتار ھجن يا نام نھاد جمھوريت جا ڀوتار ھڪ ئي ڳئون جا چور آھن. جنھن کي ھو واري واري سان ڪُھي يا ڏُھي رفو چڪر ٿيو وڃن ٿا. ان اقتداري راند ۾ ڪو به سٺو يا بھتر وارو آپشن رکيل ئي ناھي، ته عوام ويچارو ڇا ڪري؟ سياسي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ واري ھن دور ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ھر طرف ڦھليل ھر قسم جي ڀوتارن ۽ پيرن کان سواءِ ڪو عوامي ھڏ ڏوکي ماڻھو نظر نٿو اچي ته ڇا ڪري؟ سنڌ جي ترقي ۽ روشن خياليءَ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اھي ڀوتار ھجي يا اسٽيبلشمنٽ جو ڀوتار، جيئن لاڙ جي دلت ھارين جون حياتيون نجي جيل ھلائيندڙ ڀوتارن وٽ گروي پيل آھن. سنڌ جي خدمت ڪرڻ بھاني ڌرتي ڌڻين جو رت ست چوسيندڙ ان ڀوتار طبقي ڪڏھن ڪنھن عوامي پارٽيءَ جي جھنڊي ھيٺ پناھ ورتي آھي ته ڪڏھن آمر سان گڏ بيٺو آھي پر ھن ڪوشش ڪري غريب کي غريب ۽ امير کي امير رکيو آھي. اھو ڀوتار ھر دور ۾ پنھنجي وفاداري اسٽيبلشمنٽ کان ”ڪليئر“ ڪرائيندو رھي ٿو. ان وٽ سالن کان ڦريل لٽيل عوامي دولت ايتري آھي جو ھو ٻيو ڪم به ڪم نٿو ڪري. سواءِ اقتدار ۾ رھڻ يا ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ جي تياري ڪرڻ جي.
ڪنھن دوست ان ڏينھن پنھنجي راءِ ڏني ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل سنڌ جا قومپرست ھوندا، ڇو ته نواز شريف يا ”ق“ ليگ (ھاڻي ان کي قاتل نٿا چئون، ڇو ته مالڪ پاڻ ئي ان ٽرم کان ھٿ کڻي ويا آھن) جو سنڌ ۾ ڪو بنياد ڪونھي، ان اميد پرست سياسي ڪارڪن ۽ آفيسر مون سان شرط رکيو ته سنڌي قومپرست ھن ڀيري ڏھن کان ويھه سيٽون کڻي ايندا.مون کيس گذارش ڪئي ته قومپرست ڪجھه سيٽون ضرور کٽيندا ، پر ايتري وڏي انگ ۾ شايد نه ڇو ته سنڌ جي اقتداري سياست تي ڀوتار نانگ جيان ڦڻ ڪڍيو، اڄ به ويٺو آھي. پر اھو ڀوتار، ڀوتار آ! ان جو سنڌ ۾ في الحال ڪو متبادل ناھي. سنڌي ماڻھو جڏھن اک پٽين ۽ ھي زرعي سماج ڊھي ڪو نئون سماج جڙي ڇو ته شيخ اياز به ان تبديليءَ واري اميد سان ڀوتارن جي محڪوم بڻايل خلق کي آواز ڏنو ھو ته:
انڌير نه ڪوئي رھڻو آ
اڄ ظلم نھوڙي اينداسين
ھي جھنڊو کوڙي اينداسين
ان جي ڳاڙھي مستيءَ ۾
۽ ھن پنھنجي پوري وستيءَ ۾
ڪو سورج ٻاري اينداسين
ڪو ڏينھن اڀاري اينداسين
پر اھو سمورو سورج جيستائين اڀري تيستائين ڀوتارن جو راڄ رھڻو آھي.