پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا؟
ھو خاموش ھو پر سندس اکيون ھيڏانھن ھوڏانھن لفٽ جي لوھي ديوارن ۽ انھن ۾ لڳل وڏن شيشن کي گھورينديون رھيون. ان لمحي مون کي الاءِ ڇو ڄامشوري جو اھو آچر ڏينھن ياد اچي ويو، جنھن ڏينھن آفيسن وارو علائقو ويران ھوندو آھي. ان مخصوص آچر تي سندس آفيس ۾ ھڪ مخصوص قسم جي ھلچل ھئي. سندس اسٽاف کي حڪم ھو ته جيئن ئي وي آئي پي اچن، کين ٻاھر انتظار ڪرائن بدران سڌو سندس آفيس ۾ وٺي اچن. انتظار جي ان ڪيفيت ۾ ھن صبح ھوندي به سائيد ٽيبل تي پيل نمڪو ائين پئي بار بار وات ۾ وڌو، جيئن راتين جا پياڪ پنھنجي پيگ جي ڪڙاڻ مارڻ لاءِ نمڪي جو سھارو وٺندا آھن. سندس بيچيني وارو انتظار تڏھن ختم ٿيو جڏھن ھڪ ريٽائر اھلڪار سادن ڪپڙن ۾ سندس آفيس ۾ گھڙيو. ھن کيس ٻک وڌو ۽ اردو توڙي چست انگريزي ۾ کيس ٻڌائڻ لڳو ته ھن سندس وڏي تعريف ٻڌي آھي، ان ڪري ئي ھن چاھيو ته کيس پنھنجي ڪيمپس ۾ نئو عھدو تيار ڪري چيف سيڪورٽي آفيسر ڪري رکي ته جيئن ڪيمپس ۾ امن امان بحال ڪرائي ڏئي.
اسان جي لفٽ اڃان ٻئين فلور تي پھتي ھئي، جتي ڪجھه مسافر لٿا ته لفٽ ڄڻ خالي خالي ٿي پيئي. منھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھه به آئي ته ھن جي مقرري ڪيترن پيسن عيوض ٿي ھئي، ان جا چوٻول ته ڪيمپس ۾ ھئا، پر پڪ پڪاڻي ڪنھن کي ڪا به نه ھئي، سندس خلاف تحريڪون به ھليون پر جڏھن سندس مخالفن ڏٺو ته ھو ڪنھن طريقي سان ڪيڏانھن به وڃڻ وارو ڪونھي ته سندس ڪٽر مخالفن به جنرل ضياءَ جي مجلس شورا جيان سندس حسن ڪارگردگي جي تعريف ڪرڻ شروع ڪري ڏني. وٽس اھي خواتين به شام جو وي سي ھائوس جي لان تي چانھن پيئڻ پھتيون، جن پريس ڪلبن اڳين ڪيترن ھفتن تائين سندس پتلا ساڙيا. اھا سندس بھتر منظم جي نشاني ھئي يا گورنر ھائوس ۾ ويٺل سندس لابي جي ٺپڪي، پر ھن پنھنجي مخالف شاگردن کي به پنھنجومداح بڻائي ڇڏيو. ھن ته وڏن نالن وارن اڳواڻن کي به ائين ٽريٽ ڪيو، جيئن ڪيمپس جي ڪنھن لوڪل شاگرد اڳواڻ کي تيل جي پرچي ڏئي راضي ڪرائي وٺندو ھو. سندس آفيس ۾ ايندڙ نام نھاد شاگرد اڳواڻن کي نون ڪپڙن ۽ نون بوٽن نه پائڻ جوپھريان احساس ڏياري پوءِ کين روڪڙا نوٽ ڪڍي ڏيندو ھو ته ابا اختلاف پنھنجي جاءِ تي، پر پھريان وڃي ھنن پيسن مان ڪپڙ ا وٺو ۽ نوان موبائيل فون وٺو ته جيئن شاگرد ليڊر ته لڳو نه . .. . . !
فليٽن جي لفٽ اوچتو چوٿين فلور تي بيھي رڪجي وئي، جڏھن ڪير به نه لٿو ۽ نه چڙھيو ته ھن مون ڏانھن اشارو ڪندي اشاري ۾ ئي پڇيو ته توھان لھندا ڇا؟ پر مون کيس پنھنجي اشھد آڱر سان مٿي وڃڻ جو اشارو ڏنو ۽ ھن ٻيھر ستين فلور جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو. ھن ھڪ نظر پنھنجي رعبدار خاتون تي وڌي ۽ بي ساھي مرڪ چپن تي آندي. ھن جي ان مئل مرڪ تان مون کي سندس اھا سالياني ڊنر ياد اچي وئي ، جنھن ۾ ھن پنھنجي ريٽائرمينٽ بابت اٿندڙ سوالن تي به ساڳي مئل مرڪ ۽ دونھيدار تنقيد سان جواب ڏنو ھو. اھا ڊنر انگريز دور جي تعمير ٿيل ھڪ خوبصورت عمارت جي احاطر ۾ ان طرح سان ٿي ھئي. جھڙيون اسان انگريزن جي فلمن ۾ ڊنرز ڏسندا آھيون. ھن کي استادن جي نئين باڊي جو حلف کڻائڻ لاءِ ان تقريب ۾ ورھاڱي کان اڳ واري وائسراءِ جي شان شوڪت سان سڏايو ويو. ھن پنھنجي اقتداري دور ۾ ملازمن لاءِ ڪيل سھولتن جو ذڪر ڪيو ۽ بعد ۾ سڌو اچي، ھن پنھنجي ريٽائرمينٽ بابت ڳالھايو. ھن پنھنجي آواز ۾ وڏو رعب ڀريندي پھريان حاضرين جي تعريف ڪئي ته اوھان مان ڪيترائي اسڪالر ويٺا آھن، اھي منھنجي ڳالھه سمجھندا ھوندا ته ٻاھرين دنيا ۾ ھڪ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر جي ڪيتري اھميت آھي. پروفيسرن جي ڪيتري عزت آھي. ھتي عجيب ڳالھيون پيون ٿين، جنھن کي ڏسو منھنجي عمر جي پويان لڳل آھي. جيڪو ٿو اچي، سو پڇي ٿو سائين ريٽائر ڪڏھن ٿا ٿيو؟ اڙي بابا ڄٽڪي ڳالھ نه ڪريو. سڌريل دنيا ۾ وڃي جانچي ڏسو پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا، قوم جا دماغ ھوندا آھن. اھي ڪڏھن ريٽائر ناھن ٿيندا؟ سندس ريٽائرمينٽ واريون ڳالھيون ٻڌي مون کي ذھن ۾ آيو ته کيس ٻڌايان ته اصل حياتي پروفيسر اسٽفن ھاڪنگ ۽ نوم چوسڪي جھڙن پروفيسرن جي ھوندي آھي. پنھنجي لکڻين ۽ عمل سان حڪمرانن جا ڇرڪ ٿا ڇڏائين، جڏھن اسرائيلي ملڪي سربراھ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت پروفيسر اسٽيفن ھاڪنگ اھو چئي واپس ڪئي ته اوھانجي رياست فلسطينن سان ظلم پئي ڪري، ان ڪري مان شرڪت نه ڪندس ته سڄي دنيا حيران ٿي ويئي. اسٽيفن ھاڪنگ جي اھڙي انڪار اسرائيل جھڙي نڪ جي پڪي ملڪ کي به پريشان ڪري ڇڏيو ۽ ھنن ڪڙيون ملائيندي آمريڪي پروفيسر نوم چوسڪي تائين رستو ڪڍيو ته اسٽيفن ھاڪنگ جي انڪار پويان چومسڪي جو ھٿ آھي. پروفيسر اھي ريٽائر ناھن ٿيندا، جيڪي مظلومن جي پاسي ھجن.
سنڌ جي اعلى تعليمي ادارن ۾ اھي پروفيسر اڃان اچڻا آھن، جن جون عمريون سداحيات ھونديون..... ستون فلور اچي ويو ۽ ۽ ھي پروفيسر جيڪو ڇھه مھينا اڳ تائين رڙيون ڪري چئي رھيو ھو ته پروفيسر ريٽائر ناھن ٿيندا، سو نوڪري مان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ھاڻي لفٽ مان ريٽائر ٿي رھيو ھو. ھن لفٽ مان لھڻ مھل کيڪاريندي پڇيو توھان کي ڪٿي ڏٺو آھي . . .ياد نٿو پوي ته ڪٿي؟ مون سندس بيگم جي ھٿ ۾ کنيل شاپر اخلاقن کانئس وٺي لفٽ ٻاھران رکندي چيو، ھا ڪٿي ڏٺو ھوندو پروفيسر صاحب . . .ڇو ته منھنجو تعلق سنڌ جي ان رولاڪ نسل آھي ، جيڪو ھر سال ڳوٺن مان خواب کڻي ڪراچي نه، پر پنھنجي ڄامشوري تائين مس ايندو آھي ته اوھان جھڙو ڪونه ڪو پروفيسر کيس عمر ڀر جو عذاب عطا ڪندو آھي.