سنڌ جو لوڻ ۽ ننڌڻڪا ڀومي پترا
ان ڏينھن سندس سيلون تي وڃي وار ٺھرائڻ لاءِ ويٺس ته ھن سلام دعا جي شروعات ڪئي. بعد ۾ مون به کانئس پڇي ورتو ته پاڻ ڪير آھيو؟ ھن وڏي نفرت سان پھرين اھو ٻڌايو ته ھي حجامڪو ڌنڌو سندن اباڻو پيشو ناھي پر مجبوري ۾ اھو روزگار ڪري رھيا آھن. ھو اصل ۾ منگول کان آيل مغل آھن ، جيڪي ايراني نسل جا آھن. سنڌ ۾ سندن ستين پيڙھي آھي. ھومنگول ۾ جنگين کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پھتا ۽ پناھ ورتائون. ھو منگول آھن. مونکي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته سنڌ ايتري ترقي ڪري وئي آھي، جو ان ۾ ھي سانورا حجام به ھاڻي منگول کان پيا اچن. پر ان ئي لمحي پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ادا توھان ڪڏھن ويا آھيو منگول...؟ ھن وراڻيو ته ، نه ھو ته ڪڏھن نه ويو آھي پر سندس ڏاڏو ويندو رھندو ھو ۽ اھوئي کين اھڙيون ڳالھيون ٻڌائيندو رھندو ھو ته ھو اصل منگول آھن، جيڪو ايران جو علائقو آھي. مونکي خبر ناھي ته ايران سان ڪھڙو منگول علائقو منسلڪ آھي پر ھي واحد منگول ھو، جنھن پنھنجي اصليت جو نه ملڪ ڏٺو، نه اھا زبان ٿو سمجھي پر ھو سنڌي بدران پنھنجو پاڻ کي منگول سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري!! اھو انفراريٽي ڪمپليڪس ھيو يا ڪجھه ٻيو، پر ان منگول حجام جون ڳالھيون ٻڌي مونکي پر سال واشنگٽن ۾ مليل اھا برف جھڙي اڇي ٽوئرسٽ گائيڊ ياد اچي وئي، جنھن ٻڌايو ته ھو منگوليا جي منگول آھي پر ھاڻي فخريه آمريڪن آھي، ڇو ته ھن ھڪ آمريڪي سان شادي ڪري وڏن سورن سان شھريت ورتي آھي. توڻي جو سندس پيءُ ماءُ ھاڻي به منگوليا ۾ رھن ٿا، پر ھو آمريڪن آھي. . .حيدرآباد ۾ حجام جي قئنچي ڪنن ڀرسان ھلندي مون اھيوئي سوچيو ته، سنڌ جي لوڻ ۾ الائي جي ڇا آھي . . . جنھن کي ٿا کارايون، سو ڀٽائي جي ان سٽ جي عملي روپ وانگر ٿيو وڃي، ته مٽ مئي جا نه ٿيا . . . ھيءُ ته ھڪ اڌ پڙھيل حجام ھو، جيڪو منگول ٿيڻ جو شوقين ھو پر ھلو ته ھڪ ٻئي ڪردار سان ملون، جيڪو مونکي سٽي ريلوي اسٽيشن ڪراچي جي اسٽوري ريڪارڊ ڪرڻ دوران ويران پليٽ فارم تي مليو.
جيڪو پڙھيو لکيو به اھڙو، جو ڳالھه ڳالھه ۾ لينن ۽ مارڪس جا حوالا پيو ڏئي . . . جنھن سڄي عمر مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ھن کلي دل سان ٻڌايو ته ھو جڏُھن يو پي مان لڏي آيا ته وٽن رھڻ لاءِ اجھو به نه ھيو پر سنڌ ۾ رھي کين عزت، روزگار ۽ ھڪ جيون ساٿياڻي به ملي، جيڪا حيدرآباد جي طاھراڻي فيملي جي ڇوڪري ھئي. ان مزدور اڳواڻ پنھنجي جدوجھد جي باري ۾ ڏاڍيون گھڻيون ۽ دلچسپ ڳالھيون به ٻڌايون، پر جڏھن پنھنجي زال جي باري ۾ ٻڌايائين ته اھا حيدرآباد جي سنڌياڻي آھي ته مون وڏي چاھت مان مرڪي کانئس پڇيو ته پوءِ توھان جي گھر ۾ سنڌي ٻولي رواني سان ڳالھائي ويندي ھوندي، ڇو ته مادري زبان جي نسبت سان توھان جا ٻار به گھر ۾ سنڌي ٻڌي ۽ سکي وڏا ٿيا ھوندا. . . پر ان پوڙھي دانشور نما مزدور اڳواڻ تمام سنجيده ٿي سپاٽ چھري سان وراڻيو ته، نه اسانجا ٻار سنڌي ناھن ڳالھائيندا. اسانجي گھر ۾ سنڌي صرف تڏھن ڳالھائي ويندي آھي جڏھن منھنجي زال جا مائٽ گھر ايندا آھن. . . ائين ڇو آھي رضي صاحب؟ سنڌياڻي گھر مالڪياڻي، پر سنڌي کي گھر نيڪالي؟ . . .ته ھن ٽھڪ ڏئي چيو، ائين سڀ ڪن ٿا ۽ سالن کان ڪندا پيا اچن. (سنڌين کان نفرت) . . . ! ان سلسلي ۾ ھن ھڪ مثال ٻڌايو ته ريلوي جي عروج واري زماني ۾ سٺ ستر جي ڏھاڪن ۾ ھو ريلوي ملازم ھئڻ ناتي تڪڙو تڪڙو حيدرآباد ريل رستي ويندو رھندو ھو. ان سفر دوران ھو ڏسندو رھندو ھو ته ڪراچي يا ملير مان جيڪي سنڌي ماڻھو ٺٺي يا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙھندا ھئا، انھن کي پنجاب يا پشاور ڏانھن ويندڙ مسافر سيٽون خالي ھوندي به ڄاڻي واڻي ويھڻ لاءِ سٽون نه ڏيندا ھئا. ھن ڪڏھن غور نه ڪيو ته ائين ھو ڇو ٿا ڪن، پر ھو ائين ڪندا ضرور ھئا.
سنڌي جيڪي ھن ڌرتي جا ڀومي پترا آھن، انھن کي اوھان ٻوڏن ۾ لڙھندي، بندن تي ويھي خيرات ۾ مليل پلاءُ ڀت ٿانون بدران ڪوڏرن ۾ کائيندي يا پيٽ جي باھ اجھائيندي ڏٺو ھوندو. ٻاھرين ماڻھن کي اوھان ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين۽ بنگلن ۾ ڏٺو ھوندو پوءِ به ھو چون ٿا اسان سنڌين سان گڏ نٿا رھي سگھون، ڏکيا آھيون. . .اسان ھر حال ۾ الڳ صوبو وٺي رھنداسين. ان جي ابتڙ جيڪڏھن اسان ھڪ نظر ايشيا ۾ ئي ھڪ ملڪ تي وجھون ته خبر پوندي ته ملائيشا لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ آبادي وارو اھڙو ملڪ آھي، جنھن کي آزادي اتفاق سان آگسٽ مھيني ۾ ئي سھي پر اسان کان پورا ڏھ سال پوءِ ملي، يعني ھو 1957ع ۾ آزاد ٿيا پر ھن مھل اسان وانگر دنيا جھان ۾ دھشتگردي ڦھلائڻ سبب بدنام ڪونھن ۽ نه ئي ناڪام رياستن جي لسٽ ۾ سندن ملڪ جو نالو اچي ٿو. انھن ڳالھين جي ابتڙ ھنن وٽ ايشيا جي وڌنڌڙ ايڪانومي جو بھترين ريڪارڊ موجود آھي. سندن جي ڊي پي گذريل پنجاھ سالن کان سٺي شرح تي وڌي رھي آھي. سندن ملڪ جي ناماچاري ھر ھنڌ مشھور آھي، تڏھن ئي ته منھنجو ھڪ مسڪين ڳوٺائي به لکن ۾ ويزا وٺي ملائيشا مزدوري ڪرڻ ويو آھي. پاڪستاني اختياريون به سندن گڻ ڳائيندي ڪونه ٿڪبيون آھن پر اسانکي ملائيشيا جي ڀومي پترا پاليسي کان ڪڏھن واقف نه ڪيو اٿائون. . . ته ڪيئن نه ڪيئن اتان جي اصل رھاڪن يعني ملائي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ رياست ڪيتريون ئي آئيني ضمانتون ڏنيون آھن. ملائيشا جي تيرنھن رياستن ۾ ڪيترن ئي نسلن جا ماڻھو رھن ٿا، جنھن ڪري اصل ڌرتي ڌڻي يا ملائي پنجاھ سيڪڙو بچيا آھن. ٽيويھه سيڪڙو چائينز آھن ۽ ست سيڪڙو انڊين به آھن، پر اتان جي رياست وائڙي ڪونه ٿي آھي، جو ٻاھران لڏي ايندڙن کي اصل ڌرتي ڌڻين جي مٿان فوقيت يا اوليت ڏئي. اھڙن قدمن سبب ملائيشن حڪومت مٿان تنقيد به ٿي رھي آھي پر انھن تنقيدن کي پاسو رکي ھو اڳتي وڌندا رھيا. ڪوالامپور جي اسٽاڪ ايڪسچينچ ۾ ڪا به ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپني رجسٽرڊ ئي تڏھن ٿيندي، جڏھن ان ڪمپني جي ٽيھه سيڪڙو مالڪي ڪنھن ڀومي پترن وٽ ھوندي، اسان جي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينچ ۾ ڪيترا ڀومي پترا آھن، ڪيترن کي اچڻ ٿو ڏنو وڃي، حساب پاڻ لڳايو.
ملائيشا جي ڪنھن به علائقي ۾ نئين ھائوسنگ ڪمپني لاءِ ضروري آھي ته اھا ست سيڪڙو رعايت ڀومي پترن کي ڏئي. . . ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ ڪھڙي بحريه ٽائون يا ٻي ڪمپني ڀومي پترن کي رعايت پئي ڏئي؟ ڀومي پترن لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ داخلائن جون مخصوص سيٽون رکيل آھن، پر ھتي گنگا ائين پئي ابتي وھي، جو اسان پنھنجي شھر ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ اجنبي آھيون .. . ملائيشا ۾ سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ مسلمان آبادي رھي ٿي پر انھن ڪڏھن به اڻويه سيڪڙو ٻڌن کي ائين ڪٽي تاراج نه ڪيو آھي، جيئن اسان ھندن، عيسائين ۽ ٻين مذھبي اقليتن کي ڪيو آھي. ملائيشا گھڻن حوالن سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۽ قومن لاءِ مثال آھي، تڏھن ئي ته ورلڊ بئنڪ پنھنجي پيسن تي تازو ئي تعليم واري وزير نثار کھڙي کي ايم پي ايز حسنين مرزا ۽ تيمور ٽالپر سميت ھڪ وڏي وفد کي ملائيشا موڪليو ته سنڌ جي تعليم بھتر بڻائڻ لاءِ ملائيشا مان ڪجھه سکي اچو، جتي تعليمي شرح اسان کان گھڻي بھتر ۽ مٿي آھي. انھن ملائيشا وڃي خبر ناھي رڳو بيچيز گھميون يا ڪو ڀومي پترا جو سبق به ياد ڪري آيا، جيڪو اسان سنڌ جي ان اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي سگھون ته جيئن آئنده ڪنھن ٻاھران آيل لاڏائو ٽولي کي اھا ھمت نه ٿئي ته سنڌ جي ورھاڱي لاءِ سوچي به سگھي يا نام نھاد انتظامي يونٽ ۽ صوبن جون ڳالھيون ڪري ڌرتي ڌڻين ۾ انتشار ڦھلائي سگھي.