ھيڪلي عورت ۽ دوزخ جھڙي دنيا
دھليءَ ۾ تازو ائين ئي ٿيو، ميڊيڪل ڪاليج جي ھڪ 23 ساله شاگردياڻي، پنھنجي دوست سان گڏ فلم جو شو ڏسي واپس ٿي، ته کين پنھنجي منزل طرف رڪشا نه مليو. ھنن ھڪ ھڪ بس يا ڪوچ کي ھٿ ڏنو جنھن جي درين تي پردا لڳل ھئا بس اندر ڊرائيور سميت 6 ماڻھو ويٺل ھئا. انھن عورت کي اڪيلو سمجھي مٿس بگھڙن جيان جنسي حملو ڪري ڏنو. عورت جي مرد دوست کي لوھي سيخون ھڻي زخمي ڪيائون، عورت کي جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ ٻنھي کي زخمي حالت ۾ ھلندڙ بس مان روڊ تي اڇلي ڇڏيو.
سورنھن ڊسمبر تي دھلي جھڙي ان شھر ۾ اھو واقعو پيش آيو، جتي سرڪاري انگن اکرن موجب ھر 14 ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ عورت سان ريپ ٿئي ٿو. اھا عورت اسپتال ۾ پنھنجي حياتيءَ جي جنگ وڙھندي رھي، جتي ھن اشارن سان پنھنجي ڀاءَ کي ٻڌايو ته ھاڻي ھوءَ ٻي دنيا طرف وڃي پئي. سندس علاج دھليءَ کان پوءِ سينگارپور ۾ سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويو پر ھوءَ حياتيءَ جي جنگ ھارائي ويٺي. ھڪ انڊين اخبار ڏاڍي سٺن لفظن واري سرخي ھنئي ته:
Girl goes to sleep-Nation wakes up.
ٻين لفظن ۾ نياڻي ابدي ننڊ سمھي رھي، پر قوم جاڳي پئي.
انڊيا ۾ دنيا جي ٻين سڌريل معاشرن جي قانون جيان، ريپ جو شڪار ٿيندڙ عورت جو نالو ۽ فوٽو سرعام ظاھر نه ڪيو ويندو آھي، تنھنڪري اڃان تائين ان ميڊيڪل شاگردياڻيءَ جي سڃاڻپ ھڪ 23 سالا عورت بڻيل آھي. ان جي نالي ۽ فوٽو کي قانون جي احترام ۾ عام نه ڪيو ويو آھي. دھلي ريپ ڪيس جو اھو ته ھڪ پاسو آھي ،بلڪل ائين جيئن اسان سنڌ ۾ پڙھندا رھندا آھيون ته فلاڻي ڇوڪري سان ميرپورخاص ۾ لڄالٽ ٿي، يا دادو ۾ عورت سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعوپيش آيو. عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد واريون اھي خبرون توھان ۽ اسان روزانه معمول جي اخباري خبرن جيان پڙھندا آھيون ۽ وري ساڳيو دنيا داري جي جھنجھٽن ۾ قابو ٿي پوندا آھيون. جن ڏينھن ۾ دھلي ريپ ڪيس جون خبرون ھلي رھيون ھيون، انھن ئي ڏينھن ۾ دادو ضلعي جي ڪنھن ڳوٺ مان ھڪ عورت جو ھٿ پير ٻڏل لاش ھٿ آيو ھو، ان لاش جي ان ئي حالت ۾ تصوير ڏسي، منھنجي ته دل دھلجي وئي ھئي. اھا تصوير ائين دل ڏڪائيندڙ ھئي جو ان حقيقي تصوير کي سنڌي معاشري ۾ مرد جي درندگي ۽ عورت جي بيوسيءَ کان سواءِ ڪھڙو عنوان ڏجي. اھا تصوير ڏسي انفرادي طور ڀلي ته ڪجھه اھل دل ماڻھن جي دل دھلجي ويئي، پر عملي طور اسان ائين ئي خاموش ھئاسين، جيئن ٽنڊو محمد خان جي ھڪ ٻارنھن سالا بارڙيءَ جي تذليل جي آيل وڊيو تي خاموش آھيون يا جيئن اسان ڪجھه وقت اڳ ھڪ وڏيريءَ جي ھٿ ۾ کنيل ڪارنھن جيڪا ھن پيرسن ھاريءَ جي منھن تي ملي ھئي، ان واقعي تي به اسين قبرستان جھڙي خاموشيءَ ۾ بت بڻيل ھئاسين. پر منھنجا سائين! ھر ھنڌ اھڙي خاموشي ناھي. ھر ھنڌ رات انڌاري ضرور آھي، پر ان کي ”چئلينج“ ڪرڻ واري جنريشن جڏھن جوان ٿي پوي، ته پوءِ ڪھڙي رات آھي، جيڪا پاڙي ۾ سدائين ترسي پئي ھجي.
انڊيا ۾ ھن ڀيري عجب اھو ٿيو، جو دھلي ريپ واقعي کان پوءِ اھا جنريشن جاڳي پئي، جنھن جي ھٿ ۾ انصاف لاءِ بينرز کنيل ھئا، جنھن جي چھري تي ان واقعي خلاف ”ڪاوڙ ۽ ڪروڌ“ ڀريل ھو. اھي ماڻھو پاڻمرادو سوشل نيٽ ورڪنگ يا انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس جي سڏ تي گھرن مان نڪري آيا. انڊيا جي ۽ صوبي دھليءَ جي ھاڻوڪي پيڙھي جيئن ته انگريزيءَ وافر مقدار ۾ پئي ڳالھائي، تنھنڪري ھنن جو نعرو اھو ھو ته ريپ لاءِ گنجائش ناھي. ھاڻي دنگ ٿيو.
Enough is enough.
ماڻھو ھئا، جو ھزارن جي تعداد ۾ ھڪ گمنام ڇوڪريءَ سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ تي گڏ ٿيندا ويا. ھوءَ 23 ساله ميڊيڪل شاگردياڻي ضرور ھئي، پر مظاھرين مان ڪنھن جي رت جي رشتي يا قبيلي برادريءَ جي نه ھئي. ڊسمبر جي ٿڌين راتن ۾ ميڻ بتيون کڻي نڪتل ھزارين ماڻھو ڏسي، ائين ئي لڳي ٿو ته جڏھن سماج جاڳي پون، جڏھن جاڳرتا عوامي سطح تائين اچي وڃي ته پوءِ ھڪ واقعو ئي پوري ملڪ کي ڌوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي ھوندو آھي. ماڻھو بنا ڪنھ ذات پات، مذھب، رنگ ۽ نسل جي احتجاج ۾ گڏ ٿيندا ويا. انڊيا جي آزادي جي نشان ”راج گھاٽ“ کان وٺي جنتر منتر چوڪ تائين رڳو مظاھرين جا ميڙ ھئا. مظاھرين مان ڪجھه وڌيڪ سرگرم ماڻھو ته گھرن ۾ ئي ڪونه ويا ۽ چوڪن تي سمھي رھيا. عورتن سان انياءُ ۽ امتيازي سلوڪ تي اھڙي عوامي اٿل پٿل ڏسي، حڪمران جماعت ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراھ سونيا گانڌيءَ به مظاھرين جي نمائندن سان ملاقات ڪري کين چانھه پياري ۽ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. سونيا گانڌي کين ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث سمورا 6 ملزم گرفتار ٿي چُڪا آھن. ھاڻي عدالتن جو ڪم آھي ڪنھن کي ڦاھي ڏيڻ منھنجي مينڊيٽ ۾ ناھي، پر ماڻھو ھئا ته مُڙن ئي ڪونه مطالبو اھو ته دھليءَ کي عورتن لاءِ محفوظ بڻايو.
اھو مظاھرين جو دٻاءُ ئي ھو، جو جڏھن سينگارپور مان ان ڇوڪريءَ جو لاش دھلي پھتو ته ملڪ جو وزيراعظم غمزده ٿي ايئرپورٽ تي سونيا سان گڏ بيٺل ھو، انڊيا سوڳ ۾ ھليو ويو ته انڊين آرمي به نئين سال جي جشن واريون پريڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، انڊيا ۾ نئين سال جي جشن بدران سوڳ ئي سوڳ ملھايو ويو.
جڏھن احتجاج ۽ ماڻھن جا آواز ايترا اوچا ٿي وڃن ته پوءِ بالي ووڊ جا اسٽار ڪٿي ٿا پاڻ تي ضبط ڪري سگھن. اميتاڀ بچن جھڙي ليجنڊ اداڪار دھلي ريپ جي نه صرف مذمت ڪئي پر ان جو شڪار عورت لاءِ ھڪ نظم پنھنجي آواز ۾ اپ لوڊ ڪيو. ائين شاھ رخ خان جو ٽوئيٽر تي پيغام عام ٿيو ان واقعي کان پوءِ مونکي مرد سڏائڻ تي شرم اچي ٿو، آئون عورتن جي عزت ڪرڻ ڄاڻان ٿو ته جيئن منھنجي ڌيئرن جي به معاشرو عزت ڪري.
انڊيا ۾ عورتن جي جنسي تشدد جي روڪٿام لاءِ موجود قانون ۾ ترميم ڪري، انھن کي اڃان وڌيڪ سخت بڻايو پيو وڃي ۽ تجويز آھي ته اھو قانون ان دھلي ريپ ڪيس ۾ حياتيءَ جي جنگ ھارائيندڙ بھادر نياڻيءَ جي نالي پٺيان ھوندو. انڊيا ۾ ان ڪيس کان پوءِ عوامي جاڳرتا جي اٿل ڏسي، مونکي ”رنگ دي بسنتي“ فلم ياد اچي وئي. اوم پرڪاش مھرا جنھن جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر ھو، سا فلم 2006 ۾ رليز ٿي ھئي. ان فلم ۾ ھڪ پائليٽ دوست جي حادثي تي دفاعي وزارت ۾ ڪرپشن خلاف ڪجھه ماڻھو آواز اٿارين ٿا ۽ پوءِ اھو عوامي احتجاج ٿي وڃي ٿو.
دھلي وارو واقعو انڊيا جي تاريخ ۾ ملڪي قانون کي ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعو آھي، جديد انڊيا جي ان معاشري ۾ جتي ڪرپشن گھر ڪري وئي آھي، جتي حڪمران اشرافيه جا ميمبر عورتن سان ريپ ۾ ملوث ھجن، جتي خود صدر پرناب مکرجي وارو پٽ اڀيجيٽ مکرجي اسان واري اڳوڻي آمر ڪمانڊو جنرل مشرف جيان چوندو وتي ته عورتن سان ريپ تي احتجاج ڪرڻ به فيشن بڻجي پيو آھي، جتي عورتون ڊينٽنگ پينٽنگ (فيشن) ڪرائي پھچن ٿيون. اھڙي ڪرپٽ ۽ مريض ذھنيت وارن حڪمرانن کي عوامي طاقت سان چئلينج ڪرڻ اڄوڪي جديد دنيا جو وڏو ڪارنامو آھي
دھلي ريپ ڪيس جي مسلسل اسٽڊي ڪرڻ کان پوءِ آئون اھو ئي سوچيندو رھيس ته سنڌي سماج کي آخر ڇا ٿي ويو آھي، ڇا سانت جي سراب ۾ اسان جي ھيءَ پيڙھي به پاڻ ڳاري گذاري ويندي؟ عوامي احتجاج، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڪا ٺوس شڪل وٺڻ ۾ اڃا ڪي ورھيه لڳندا.