شاعري

جيڪڏهن

ڪتاب ”جيڪڏهن“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر حسين جاگيراڻي آهي.
حسين جاگيراڻيءَ هونئن ته شاعريءَ جي گهڻين ئي مُــرَوِج صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزلَ سان هُنَ خاص اُنسيتَ رَکي آهي. هي ڪتاب سندس انهن ئي غزلن جو مجموعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي بيشُمار آوازن منجھان حسين جاگيراڻيءَ جو هي آواز يقيناً اوهان پڙهندڙن جي دلين تي دستڪَ ڏيندو.
Title Cover of book جيڪڏهن

بي ساخته

شروع کان ئي فطرت جي مظهرن، ”جيوَن“ جي مزاجن، ڏينهن ۽ رات جي ڦيرن، پتن جي پيلاڻ ۽ گلن جي لالاڻ مون کي ڪشش پئي ڪئي آهي.
ماڻهن جي وچ ۾ رهي ڪري ماڻهن کان پاسي هجڻ يقينن هڪ ڪرامت چئبي.
هجومن جا هجوم به ماڻهو کي تنها ٿيڻ کان بچائي نٿا سگهن، قضا ۽ قدر، اختيار ۽ جبر جي مسئلن ابنِ آدم کي نيستو ڪري ڇڏيو آهي.
فلسفن ۽ بحثن جا سمنڊ خشڪ ٿي ويا. دانائي دريا بڻجي به بنجر زمينن، ريگستانن ۽ ميدانن کي سيراب ڪري نه سگهي آهي.
پرسنل ميٽرز کان ويندي عالمگير افيئرز تائين ابنِ آدم جي رسائي هُنوز نه ٿي سگهي آهي هُو اڃا اتي ئي، ان ئي جنگل ۾ پيو ڀٽڪي، جِتي لکين سالَ پهرين هو. بلڪه ان کان به وڌيڪَ اذيت ۾.
اها وحشت، اها بربريت، اها جھالت، اهو ڊپ، اهو خوف ۽ اها غربت اڃا پيا سندس مهذب وضع قطع مان ظاهر ٿين.

”ڌرتي چِنگهون ڪري رهي آهي.
هن ڪُت خلق ڌرتي کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي
۽ ڌرتي جي ٿڪاوٽ،
آسمان کي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي.“

بين الاقواميت جي اشتها قومن جون قومون ڳڙڪائيندي پئي وڃي. هڪ انتشار، هڪ دهشت آهي جيڪا پنهنجي خوني چنبن سان وڃي ٿي ماڻهپي، فرديت کي کوکلو ڪندي.
ڪائنات بين الاقوامي پاڳل خاني جو ڏيکُ ڏئي رهي آهي. فرديت کان گِگَ ڳڙي رهي آهي. دانائي پنهنجا ڄُنڊا پٽي رهي آهي. فلسفي، سياست ۽ شاعري جا گريبان چاڪ چاڪ آهن ـــ هڪ سراب آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي وچ ۾ بحرِ بي ڪنار جيان روان دوان آهي پردو آهي جيڪو نظر نٿو اچي.
بي در و ديوار زندان آهي جيڪو پڪڙيو ويٺو آهي جڪڙيو ويٺو آهي.
سو ان زندان ۾ شاعري ڪرڻ يقينن هڪ سڪون آهي. مان زندگي جا ٽيهه سالَ گذاري نه سگهان ها، جي مان نظم نه لکان ها غزل نه چوان ها.
ڪائنات جي هن بي درو ديوار زندان ۾، هن قيد خاني ۾، ساههُ گُهٽجي وڃي ها.
فطرت منهنجي طبيعت تي زبردست اثر ڇڏيا آهن ۽ منهنجي هر تخليق ان اثر جي ئي مرهونِ منت آهي. سماجي رويا هڪ نازڪ مزاج ماڻهو کي ڪيڏو ڏکوئين ٿا ان جو اندازو مون کي ان ڪري به آهي جو مان پنهنجي مزاج ۾ ڪافي نازڪ ۽ حساس ثابت ٿيو آهيان.
ان ڪري ان ڏکن، محرومين ۽ روّين جو بهترين ابلاغ منهنجي شاعري آهي.
شخصي طور تي آءٌ ڏاڍو بي قرار، ۽ بيچين ماڻهو آهيان. پنهنجي اندر جي خلا کي ڀرڻ لاءِ، خاليپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ، عملي طور تي نيڪي ۽ بدي جي ريگستانن مان گذريو آهيان. خشڪي ۽ پياس جا مئخانا پي ويو آهيان رفيقن سان راتين جون راتيون، کليل ميدانن ۾ ويهي خنڪي، ٿڌ ۽ ستارن جي جھلملاهٽ کي تڪيو اٿم.
رات کي پنهنجي بي گناهه اکين سان وهامندي ڏٺو اٿم ـــ سورج ديوتا جي بُت مان ڦُٽندڙ ڪِرڻن جي چشمن مان بارها غسل ڪيو اٿم.
جيتوڻيڪ شخصيت کان قوميت ۽ قوميت کان بين الاقواميت جو لاڙو (باوجود شخصي ڪمزورين ۽ ڪچائين جي) منهنجي طبيعت ۾ فطرتن موجود پئي رهيو آهي. ۽ منهنجي شاعري ۾ پڻ موجود آهي.
پر پوءِ به لکيو پاڻ کي شانت ۽ پرسڪون رکڻ لاءِ ئي اٿم. شاعري جي سماجي ڪارج جي سوال تي توڙي جو وڏا بحث ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. پر حقيقتن شاعري جي سماجي ڪارج کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. ماڻهوءَ جي اندر توڙي ٻاهر ٿيندڙ شديد ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار کي نسبتن ٿڌو ڪرڻ ۽ ماڻهوءَ جي روحانيت ۽ ستل ضمير کي جاڳائڻ بلڪه مئل ضمير کي جيئرو ڪرڻ منهنجي خيال ۾ شاعري جو اهم سماجي ڪارج آهي.
منهنجا هي غزل، منهنجي شخصي وارتائن کان وڌيڪَ خوابن، خيالن، قياسن، محرومين، اڻ پوري تمنائن ۽ تشنالب خواهشن جي سفيد ۽ سياهه ڌاڳي ۾ پرويل آهن. مون زندگي ۽ ماڻهن کي ڪافي قريب کان ڏٺو آهي.
اڻ هوند، غربت، مسڪيني، جهالت، خونريزي، پنهنجي بي گناهه اکين سان پسي اٿم. ان ڪري ڪجهه تجربا آهن ڪجهه قياس آهن ۽ ڪجهه ڪومپليڪسز آهن.
ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي فطرت ۾ نهايت ئي بيچين ۽ اضطراري شخص پئي رهيو آهيان ان ڪري موسيقي جو منهنجي داخليت تي اثر انتهائي زبردست پئي رهيو آهي. منهنجي غزل ۾ جيڪا به موسيقيت، لئه يا ترنم موجود آهي ان ۾ فني پابندين کي تمام گهٽ دخل آهي. اها نج فطري موسيقي آهي. جيڪا هر غزل پاڻ سان گڏ ۽ پاڻ ۾ سمايون آيو آهي.
فرسٽريشن هر ماڻهو کي سماج کان ملي ٿي ۽ اسين جنهن سماجَ ۾ گذاريون ٿا ان ۾ Stress کان بچڻ ممڪن ئي ڪونهي. هر ماڻهو فرسٽريٽ آهي ـــ پريزيڊنٽ (President) کان پيئان (Peon) تائين ۽ اولاد کان اولاد تائين، گوتم کان اوشو تائين ۽ ”دلائي لاما“ کان مولانا تائين رڳو اسٽريس آهي.
تطمئعن القلوب ڳولهيو ڪونهَ ٿو لڀي.
ڪرپشن، لاقانونيت، بدامني، غربت، عياشي، منافقت، ڌوڪو، وائڙائپ، ويڳاڻپ، بک، پياس، شهوت، جنس، رڳو اسٽريس آهي. سڀ رٿائون، سڀ تدبيرون بين الاقوامي پروٽوڪولز، ايجنڊائون، هاسپيٽلز، خانقاهون ، مسجدون، مندر، ڪليسائون، درگاهون، گهر، اوطاقون، مجموعا، ميلا، سئنيمائون، فلمي دنيائون سڀ تدبيرون ناڪام ـــ اسٽريس، فرسٽريشن، ڊپريشن هن فرد، هن ماڻهو، هن ناطق حيوان کي ڇتو ڪري ڇڏيو آهي.
سڀ ڪجهه وڻڻ جهڙو هوندي به ڪجهه نٿو وڻي بارشون نٿيون وڻن، بهارون نٿيون وڻن بازارون نٿيون وڻن.
اهڙي عالم ۾ هڪ نظم لکڻ هڪ غزل چوڻ ۽ هڪ بيت گنگنائڻ منهنجي لاءِ انتهائي سڀاويڪ ۽ سحر انگيز پئي رهيو آهي. پنا ڪارا ڪري ڇڏيا اٿم.
جهڙوڪر ٻن جھانن جي وچ ۾ ٽيون جهان ترتيب ڏئي وڌو اٿم.
پاڻ کي پرسڪون رکڻ لاءِ شاعري جي نيري ڍنڍ تي پرندن سان گڏ نماشام جو سماجي روين جون ننڍڙيون ننڍڙيون پٿريون کڻي اڇلائيندو آهيان ۽ منجھائن پيدا ٿيندڙ آواز ۽ لهرن جو حظ پئي وٺندو آهيان.
منهنجا سڀ غزل ان ڍنڍ جون اهي لهرون آهن جن جو يقينن هڪ رومينس آهي.
مون کي اهو پڻ اعتراف آهي ته عوام لاءِ منهنجي شاعري ۾ ڪشش تمام گهٽ آهي ــ ان جو بنيادي سبب، منهنجي ٻولي، منهنجو لب لهجو، منهنجو درد ۽ ان جو اظهار آهي. مان پنهنجي اظهار ۾ عوامي نه آهيان بلڪه ذاتي ۽ شخصي آهيان ان ڪري ڪوئي به نقاد منهنجي شاعري کي منهنجي شاعري چئي رد ڪري سگهي ٿو.
مشق، مطالعي ۽ عملي زندگي جي مشاهدن جا اثر منهنجي شاعري تي اوس آهن منهنجي شاعري ڪنهن به شاعر جي اثر کان محفوظ ۽ پاڪ نه آهي منهنجي شاعري تي قديم توڙي جديد شاعرن جا اثر آهن. ڪنهن جي بيساختگي اثر ڪيو هوندو ته ڪنهن جي انداز بيان، ڪنهن جي اڇل ته ڪنهن جي لچڪ، ڪنهن جي نظم ته ڪنهن جي غزل، هر شعر، منظر چهري توڙي حادثي کان متاثر ٿيڻ کان بغير رهي نٿو سگهجي. ۽ خصوصن منهنجي ته فطرت ۾ آهي. سو منهنجي شاعري هر ان تاثر جو اظهار آهي. جنهن مون کي متاثر ڪيو آهي. ۽ اهو اظهار منهنجو آهي پنهنجو آهي. شخصي آهي.
او پيٽيمزم (رجائيت) کي بهتر سمجھندي به طبعن پيسيمسٽ (قنوطي) آهيان ـــ انسانيت جي بهتر مستقبل کان مايوس آهيان. ما بعد الطبعيات ۽ جدليات بيڪ وقت روان دوان آهن. هڪ طرف ڄڻ سڀ ڪجهه ساڳيو، پنهنجي ظاهر ۾، اوئين ئي هزارين سال پهريون وارو، سڀ ڪجهه، اُتي ئي.
ته ٻئي طرف هر شيءِ هر لمحي تبديلي پذير، تيزي سان بدلجڻ واري توهان هڪ ندي ۾ ٻيو دفعو نٿا وهنجي سگهو. ۽ توهان هڪ ئي ندي ۾، ساڳي ندي ۾ هزارين دفعا وهنجي سگهو ٿا.
ڌُنڌ ئي ڌنڌُ آهي. برفباري، جنهن ۾ ڪجهه به چٽو نظر نٿو اچي. هڪ ڪتاب آهي جنهن جو پهريون ۽ آخري ورق ڦاٽل آهن.
ڪجهه به ڪليئر ناهي. تجسس آهي ـــ حيرانگي آهي ديوانگي آهي ”جز حيرتم نيفزود“ آهي.
مان ذاتي طور تي ادب ۽ سياست جي Correlative هجڻ جي حق ۾ آهيان ڇاڪاڻ ته پس و پيش ٻنهي جو سواءِ ڪجهه فروعي مسئلن جي، اصولي طور تي هڪ ئي مقصد آهي. هڪ بهتر ۽ ترقي يافته معاشري جي تشڪيل ۽ ترتيب.
هڪ اديب جي نجي زندگي سياست جي زيرِ اثر چار و ناچار رهي ٿي. ان ڪري هڪ اديب وٽ عمومن ۽ هڪ شاعر وٽ خصوصن سياسي بصيرت جو هجڻ لازمي آهي.
ٻي صورت ۾ هُو معاشي طور تي زبردست استحصال جو شِڪار رهي ٿو. تمام ذهين هوندي به ننڌڻڪن واري زندگي گذاري ننڌڻڪن واري موت مري ٿو.
منهنجي خيال ۾ هڪ شاعر جو سکيو ستابو هجڻ انتهائي ضروري آهي. مادي ۽ معاشي سهوليات جي اڻاٺ هڪ باشعور اديب لاءِ ڪافي خطرناڪ آهي. هڪ حساس شاعر لاءِ انتهائي دشوار گذار آهي.
بيحد ٿورائتو آهيان غلام عباس ڀنڀرو ۽ قربان منگي صاحب جو جن منهنجي شاعري کي پسند ڪري ذاتي دلچسپي وٺي منهنجو ڪِتاب ڇپائي اوهان جي آڏو آندو.
پنهنجي بيحد شفيق ڏاڏي مرحوم محمد اشرف، چاچي مرحوم جاگير خان پنهنجي عزت مآب امڙ ۽ پنهنجي والدِ بزرگوار جناب محب علي جاگيراڻي جو پڻ ممنون آهيان ـــ جن انتهائي خستا حال هوندي به مون کي بهتر تعليم ڏيارائي ۽ هڪ سٺو شهري بڻايو.

حسين جاگيراڻي
 پوسٽ آفيس ڪنڌرا ـــ سکر 0300-3103116