هي بيدرد صبحون هي بي ڪيف شامون
اسان جن ۾ پڄرون اسان جن ۾ کامُون
نه پرواز من ۾ نه تحريڪ تن ۾
نه هستي وڻن ۾ نه مستي ۾ لامُون
درندن پرندن کي چيريو ۽ ڦاڙيو
فِضا سوڳ ۾ آ سنڀاري اڏامون
مسلسل ٿا جھاڳيون مسلسل تِياڳيون
اجھامي ٻرون ٿا ٻري ٿا اجھامون
اوهان جو چئو ۽ ڪري ڀي ڏيکاريو
اسان ڄڻ ته خالي ڪُني جيان اڀامون
سڀئي اڻ سڃاتل هئا سڀ اڄاتل
اهي جن جا چهرا سڃاتا هئا مون
زمانا ڏٺئه سنڌُ جي سورمن کي
ڀلي سر ڏنائون، ڏنائون نه سامُون
هُو سهڻي هُو سسئي هُو سومل هُو سورٺ
سندن ڪهڙا ڪهڙا نه قصا ٻڌا مون
جڏهن دل کي ڪامل بصيرت عطا ٿي
زماني جا سڀ رنگ ڌنڌلا ڏٺا مون